سيد ڇتن شاهه: خدابخش جويو هي 1200هه ڌاري ڄائو هو. قد ۾ ڇوٽو رنگ جو سانورو، بت ۾ ڀريل ڏاڙهي ڊگهي رکندڙ هو. گهڻو پڙهيل ڪونه هو. خانداني معتقد راڄن کي هن چڱي طرح سنڀالي اثر ۽ طاقت وڌائي. آسپاس ۽ جبل جا راڄ سڀ وٽس ايندا هئا. چون ٿا ته ڪيترائي ڏاڍا جوان سدائين سندس مجلس ۾ رهندڙ هئا. ان ڪري ملڪ ۾ ڌاڪو ويهي ويس. ٽالپرن سان دوستانه لاڳاپا هئس. ماڻهو سندس نالي وٺڻ جي عيوض کيس ميان صاحب ڪري سڏيندا هئا. اهي لقب اصل ڪلهوڙن بادشاهن جا هئا سواءِ مکيه ساداتن ۽ پيرن جي ٻين کي ان لقب سان ڪونه سڏيو ويندو هو. ان وقت صرف مخدوم هالن واري ۽ شاهه صاحب کي ميان صاحب ڪري سڏيو ويندو هو. ڳالهه ٿا ڪن ته هڪ ماڻهو اتر سنڌ کان سندس نالو ٻڌي ساڻس ملڻ آيو، جڏهن سن ۾ آيو ته ڏٺائين ته ڇپراڻيون جايون هنيون. نکون پيون هنيون. ڪپڙا سادا وڏ ماڻهپي جي ڪا نشاني ڪانه هئي. ان تي کيس چيائين ته سائين پرپٺ ٻڌو هوم ته سَوَها ماڻهو اوهان جي اشاري تي سر ڏيڻ لاءِ تيار آهن. هتي ڏٺو اٿم ته غريبيت لڳي پئي آهي. ماڻهن کي پگهار ته ڪونه ڏئي سگهندا هوندا، پوءِ ان ساري اوهان جي طاقت جو راز ڪهڙي ڳالهه ۾ آهي. چيائينس ته ڏينهن ٻه ترسي پَئُه ته پاڻهي پتو پئجي ويندءِ . ان عرصي ۾ ڏٺائين ته هر روز آس پاس ۽ جبل جي طرف جا ماڻهو گدلا، پيرين اگهاڙا جڏهن به کيس ملڻ ايندا هئا ته کين اٿي ڀاڪر پائي ملندو هو. پاڻ سان گڏ ويهاريندو هو، جڏهن ماني جي مهل ٿيندي هئي ته ساڳي قسم جو طعام کائيندا هئا. پوءِ مسافر کي چيائين ته ابا اسان ماڻهو انهيءَ محبت جي طريقه سان ٻڌا آهن. اسان پگهار ڪونه ڏيون. اسان ساڻن شادي غمي، ڏک سک ۾ مائٽن وانگر شريڪ آهيون. اسان هنن کي راڄ نه پر ڀائر ڪري سمجهون ٿا. پوءِ ڀائر ڇو نه مهل سر ڪم ايندا. سندن عزت اسان جي عزت آهي. اسان جي عزت سندن عزت آهي. هن مسافر اها حقيقت ڏسي جواب ڏنو ته سائين بيشڪ اها لازوال طاقت آهي. جا دلين تي قبضي ڪرڻ سان حاصل ٿئي ٿي. جنهن سان پگهارن ۽ دنياوي جاه جلال برابر ڪري نه ٿا سگهجن. سندس نالي سبب سن جي ڳوٺ کي ڇتن شاهه وارو ڳوٺ ڪري سڏيندا هئا. سندس خدمت ۾ صلاحڪار ۽ مجلسي، سَمجهُو ۽ باهمت مرد هوندا هئا. سندس خليفن مان هڪ شيخ ميان عيسيٰ هو جنهن بابت ڳالهه ڪن ٿا ته هڪ دفعي شاهه صاحب سان گڏجي حيدرآباد ويو. جتي مير صاحب وٽ ويا. ٻيا خاندان به آيل هئا. هڪ مجلس ۾ مڙني صاحبن گڏجي ماني کاڌي. اڪثر ڪري پٽ تي ويهي ماني کائبي هئي. رات جو وقت هو ڀر واري ڀت مان هڪ وڇون نڪري اچي شيخ کي ڏنگ هنيو. شيخ ان کي تري ڏئي ماٺ مٺ ۾ ماري ڇڏيو. جڏهن ماني کائي بس ڪيائون ته هن وڇونءَ کي ڪڍي ٻاهر ڦٽو ڪيو. شاهه صاحب ڀر ۾ هئس، ان پڇيس ته هن ڏنگ هنيو هوندءِ؟ چيائين ته نه سائين ڪجهه ڪونه هو! حقيقت ۾ وڇونءَ کيس ٻه ٽي ڏنگ هنيا هئا. ان جو پتو پوءِ پيو جڏهن ماڻهن ڏٺو ته هي ڏنگ وارين جاين کي دوائون مکي رهيو هو. هو حڪيم به هو. تڏهن شاهه صاحب چيس ته ايترا ڏنگ لڳئي ته به دانهن نه ڪئي؟ چيائين ته ان لاءِ ٻه ڳالهيون مانع هنيون. آداب مجلس ٻيو سائين جن جي عزت، دانهن ڪريان ها ته ماڻهو چون ها ته هي ماڻهو بي همت آهي. جيڪي ماڻهو وڇونءَ جي ڏنگ تي دانهون ڪندا سي مصيبت وقت تلوارن جو مقابلو ڪيئن ڪري سگهندا. شاهه صاحب وٽ ڪيئي قبيلن جا سرڪرده هميشه ويٺا هوندا هئا. سندس ڪچهري جو رنگ ڏسڻ لاءِ پري کان ماڻهو پنڌ ڪري ايندا هئا سدائين باهه پئي ٻرندي هئي. ماڻهو ڪاڀون ڪڍيو، مجلس ۾ ترتيب وار ويٺا هوندا هئا. سندس صحبت اهڙي پراثر هئي جو ڪيترن قبيلن جي مکيه ماڻهن جون قبرون سن جي مقام ۾ آهن جن ۾ کوسا، جلباڻي، شهاڻي، برهماڻي بلوچ، سولنگي، ماڇي، ڇڇر، جويا، ملاح، پليجا وغيره اچي وڃن ٿا. اڃا تائين انهن جي پويان پنهنجي وفاداري ثابت ڪرڻ لاءِ سندن وڏن جي قبرن جو حوالو ڏيندا آهن. شاهه حيدر رحه عليه جي رحلت کان پوءِ سنائي سيدن کي ماڻهو سردار ڪري عزت ڏيندا هئا. ذڪر اذڪار وغيرهه جو سلسلو قائم نه رهيو هو. ڳوٺ جبل جي ڀر ۾ هئڻ ڪري سرداري ۽ فقيري ٻئي گڏ هلنديون آيون. انهن ڏينهن ۾ ڪهاڻين، قصن، دستورن جي تصوير ڪڍڻ لاءِ هتي ٽي واقعا پيش ڪجن ٿا. جن مان انهن ڏينهن جي عام دستورن ۽ احوالن جو مختصر پتو پئجي سگهندو. ڳالهه ڪن ٿا ته لوڪومل سهته ٿامل سن جو ويٺل هو، جنهن جي اولاد مان ديوان راچومل سپروائيزنگ تپيدار ٿيو ۽ ديوان نيچلداس وزيراڻي سنڌ جو اڳوڻو وزير ان جي عزيزن مان هو. تنهن کي پلن جي اجارهه دار طور آمري جي ڳوٺ ۾ پلن جي ڪم تي محرر يا منشي ڪري رکيو ويو ويو هو. قديم وقت کان اهو دستور هلندو رهيو هو ته اجاره دار ڳوٺن ۾ مکيه ماڻهن کي هڪ ٻه پلو بنا قيمت جي روزانو پهچائيندا هئا. انهن ڏينهن ۾ پلن جي قيمت به گهٽ هئي چون ٿا ته پائي ۾ ٻه پلا ملندا هئا. آمري جي ڳوٺ ۾ ڪيترائي سيد مکيه ماڻهو هئا. جن مان هڪ سيد مير محمد شاهه به هو. ان وٽ هڪه ڏينهن مهمان آيا. تنهن محرر کي چوائي موڪليو ته کيس گهڻا پلا کپن. هن چوائي موڪليو ته پلا ٿورا مئا هئا جي سڀ سيدن کي پهچايا ويا آهن. ٻيو پلو ڪونه هو، ازانسواءِ اجاره دار هڪ پلو مفت ڏيڻ لاءِ حڪم ڪيو هو. هو پگهاردار نوڪر هو. اجازت کان سواءِ وڌيڪ پلا مفت ڏئي نٿي سگهيو. جنهن تي سيد جي نوڪرن کي ڪاوڙ آئي جي هن کي گهلي سيد وٽ وٺي ويا. جنهن هن کي مار ڏني. ان تي هن چيو ته سائين تپاس ڪري منهنجي بي عزتي ڪريو ها بنا پڇي جي نوڪرن جي چوڻ تي منهنجي ناحق بي عزتي ڪئي اٿوَ آئون ڪو نڌڻڪي ڳوٺ جو رهاڪو ڪو نه آهيان. سيد ڇتي شاهه جي ڳوٺ جو ويٺل آهيان ان تي سيد جو اڳ ۾ جوش ۾ هو سو هن کي چيو ته وڃي پڻهين کي دانهن ڏي. اها ڳالهه سن تائين وڃي پهتي. جڏهن ديوان ڳوٺ آيو ته ميان ڇتن شاهه هن کي گهرائي حقيقت معلوم ڪرڻ بعد حاضرين مجلس سان صلاح مصلحت ڪرڻ کان پوءِ هڪ پنهنجو ماڻهو آمريءَ جي مکيه سيدن ڏانهن ڏياري موڪليو ته اوهان جي ڳوٺ جي سيد صاحب ناحق اسان جي ڳوٺ ۽ راڄ جي ماڻهو جي بي عزتي ڪئي آهي. ملڪي ۽ راڄوڻي دستور موجب ان بي عزتي کي اسان پنهنجي ڳوٺ ۽ راڄ جي بي عزتي سمجهون ٿا. تنهن جي راڄوڻي طرح تلافي ٿيڻ گهرجي آمري جي سيدن ميان مير محمد شاهه کي گهرائي سمجهايو ته سن واري شاهه صاحب جو هي پيغام پهتو آهي. راڄوڻي رواج ۽ دستور موجب ان جي لاءِ جواب ڏيڻو آهي. پر شاهه صاحب جوان هو هن پير مردن جي چوڻ بدران مورڳو کلي مجلس ۾ ميان ڇتن شاهه جي خلاف گهٽ وڌ اکر ڳالهايا ۽ قاصد موٽي آيو. ان جواب پهچڻ بعد ان مسئلي کي ملڪي ۽ قبيلائي دستور موجب بي عزتي سمجهي پلئه وٺڻ جون تياريون ٿيون ۽ پو ءِ شيخ ميان عيسيٰ کي ڪجهه همراهه ڏئي آمري پلئه وٺڻ لاءِ موڪليو ويو. ان جهيڙي ۾ ميان مير محمد شاهه قتل ٿي ويو ۽ هي ماڻهو موٽي ڳوٺ آيا. جيتوڻيڪ ان معاملي ۾ ميان مير محمد شاهه ڀائرن جو چوڻ نه ڪري ناحق جهيڙي جو ڪارڻ بنيو هو. پر ملڪ جي دستور موجب جملي لڪياري سيدن ان کي قبيلي جي بي عزتي سمجهي پلئه وٺڻ لاءِ وڏو ڪٽڪ تيار ڪيو ۽ هلان ڪري سن جي ڳوٺ تي ڪاهي آيا، اچي ڳوٺ کي گهيرو ڪيائون . هتان سن وارن سيدن جبل ۾ راڄ وارن کي گڏ ڪرڻ لاءِ ماڻهو موڪليا. ان وچ ۾ شهر جي اندران مقابلو ڪرڻ لڳا. چوڻ ۾ اچي ٿو ته سيد دينو شاهه اميناڻي جو سنائي سيدن مان هو ۽ ڇر مڪان ۾ رهڻ ڪري ڇرائي سڏبو هو. تنهن ٻيلي ۾ بازن جو شڪار پئي ڪيو. اتي هڪ ماڻهو کيس مليو ۽ طعنو ڏئي چيائينس ته اوهان پيا هتي شڪار ڪريو ۽ سن مٿان پيون تير، تلوارون ۽ گوليون وسن ۽ حال ڪري ٻڌايائينس. شاهه صاحب چيو ته سن اسان جي قبيلي جو مرڪزي ڳوٺ آهي، ان جي مٿان ”ڏوڪڙ“ ٿي گهورجڻ لاءِ تيار آهيان. ايئن چئي ساڻس رفيقن سميت سن ڏي روانو ٿيو ڪيترن مشورو ڏنس ته ڳوٺ هلي ڪٽڪ وٺي پوءِ مدد لاءِ هلون. ان تي جواب ڏنائين ته ان وچ ۾ سن ۾ الاجي ڇا وهي واپري. ماڻهو چوندا ته ڳالهه ٻڌي هي موٽي پوئتي ويو. اهو مهڻو مون کي ڪونه کڻڻو آهي. پوءِ سڌو سن ڏي آيو. دريا ٽپي شهر طرف ٿيو لشڪر ڳوٺ کي اڳيئي گهيريو بيٺو هو. اتان ٻاهران ئي اچي للڪياريائين ۽ لشڪر سان ٽڪريو. جتي گولي لڳڻ ڪري شهيد ٿي ويو. پوءِ جڏهن چوطرف کان سن وارن جي مدد اچڻ لڳي ته لڪياري سيد ن پاڻ ۾ صلاح ڪئي ته جنهن صورت ۾ سنائي سيدن مان هڪ کي قتل ڪري پلاند وٺي چڪا هئا ۽ انهن جي مدد لاءِ به لشڪر اچي رهيا هئا ناحق خونريزي ٿيندي ان ڪري موٽي ويا. ان کان پوءِ سنائي سيدن وري وير وٺڻ لاءِ ڪٽڪ گڏ ڪرڻ شروع ڪيو. ان وچ ۾ لڪياري سيدن جي مکيه ماڻهن ۽ خليفه مخدوم بلاول سان گڏ ٿي اچي ڌرين ۾ ٺاهه ڪرايو. ٻي ڳالهه هن طرح چوڻ ۾ اچي ٿي ته سيد نواب علي شاهه ولد عبدالغفور شاهه ولد ميان جعفر شاه ميان جرار جي اولاد مان ڀاڻوٺي سيد هو ان جي والد ميان عبدالغفور شاهه کي سيد ميان نور محمد شاه اول ڀاڻوٺي ڪنهن ڳالهه تان مارايو هو. ان جي بدلي ۾ ميان نواب علي شاهه رات جو لِڪِي ميان نور شاهه کي بندوق هڻي قتل ڪري ڀڄي اچي سن ۾ ميان ڇتن شاهه وٽ سام پيو. ميان نورشاه وارا طاقت وارا هئا. ميان صاحب کيس چيو ته ڪم چڱو نه ڪيو اٿئي. پر جنهن صورت ۾ سام آيو آهين ته ڀلي ويٺو هج. هي گهڻو وقت سن ۾ رهيو پيو هو. هڪ ڏينهن هي لِڪِي ڀاڻوٺ ۾ مقام بلاولي تي زيارت لاءِ ويو، جتي مقامي ماڻهن کيس ڏسي وڃي ميان جمال شاهه جي فرزند سان ڳالهه ڪئي. جنهن اوڏي مهل ماڻهو وٺي کيس ماري ٽڪرا ٽڪرا ڪري سندس عزيزن کي، جي ڀاڻوٺ ۾ هئا اطلاع ڪيو ته کيس وڃي دفن ڪرائين. اهو زمانو ميرن جي صاحبي ءَ جو اٽڪل 19 صدي عيسوي جي اول جو زمانو هو. جڏهن ميان صاحب کي اها خبر پئي ته سندس سام پيل سيد کي قتل ڪيو ويو آهي ته ان وقت جي دستور موجب ان بي عزتي جي تلافيءَ لاءِ ميان جمال شاهه ڏي قاصد موڪليائين ته ان جو پلئه ڏيو. جنهن تي ميان جمال شاه جو نوجوان هو، جواب ڏنو ته مون پنهنجو پلئُه ورتو آهي، تنهنجو ان ۾ ڪجهه نه وڃي. ان تي مجلس ۾ ويٺل ميان مڱيل شاهه ولد موسن شاهه کيس صلاح ڏني ته سن وارا هڪ ته پنهنجا پريا مڙس آهن. ازانسواءِ هن وقت هو هن جي سام هو، تنهن ڪري ميڙ وٺي هلي ان جي دل جوئي ڪرڻ گهرجي. پر شاهه صاحب نئون رت هو ان حالتن جو اندازو ڪرڻ کان سواءِ چيو ته ”ان جت جيڏي ڏاڙهي واري کي ميڙ ڪري هلي پرچايان اهو مون کان ڪونه پڄندو.“ ان تي مڱيل شاهه کيس چيو ته بابا جي ان جت جو وڳُ ڇڙيو ته ان کي روڪڻ مشڪل ٿي پوندو. پر شاهه ساڳيو رکو جواب ڏنو. ميان جمال شاهه وارا ميان صاحب جا سوٽاڻا سوٽ هئا پر ملڪي دستور ۽ قبيلائي رواج موجب ٿيل بي عزتي جو پلاند وٺڻ لازمي سمجهي، هي ٻيڙيون لشڪر جون ڀرائي ڀاڻوٺ لاءِ روانو ٿي ڀاڻوٺ پهتو. اها ڳالهه ٻڌي اتان جي عمر رسيده بيبين ڏٺو ته ناحق خونريزي ٿيندي سي ميان جمال شاهه کي مسجد ۾ ويهاري ميان صاحب وٽ ميڙ ٿي آيون۽ چيائونس ته مائٽن تي لشڪر جون ٻيڙيون ڀرائي آيو آهين خبر پوئي ٿي ته ان ۾ ميان پنهنجو ڪارو منهن ٿو ڪرين! جواب ڏنائين ته منهنجي سام کي قتل ڪري ميان جمال شاهه سڄي دانگي منهن تي ملي آهي. هاڻ راڄ رسمي ڪري ان جو ٽڪراءَ آئون نٿو ڪيان ته ملڪ ۾ عزت ڪانه ٿي رهي. پوءِ کيس اهو چئي واعدو ڏئي موٽايو ويو ته اتي اچي پلئه ڏبو. ان کان پوءِ مخدوم صاحب هالا، مخدوم بلاول جو خليفو، ۽ ڀٽي بزرگ وٺي ميان جمال شاهه سن ۾ ميان صاحب وٽان معافي وٺي ويو. ٽي انهيءَ زماني جي هيٺئين ڳالهه مشهور آهي ته: ان وقت چاڪر خان جوکيو ملير جو رهاڪو وڏو پهلوان هو. ميان صاحب جي ساراهه ٻڌي ان جي مجلس ۾ ايندو هو. ۽ ننڍن سيدن سان دوستي ٿي ويس. انهن ڏينهن ۾ دستور هو ته ماڻهو نُکن تي ڪانڀون ٻڌي ڪچهريون ڪندا هئا. هن بنسبت هيٺيون ڳالهيون مشهور آهن. هڪ ڏينهن ڪنهن مجلس ۾ ريشمي لونگيءَ جي ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هو. اتفاقن ڪا کل جهڙي ڳالهه نڪتي هن اوچتو کلي اٿڻ جي ڪوشش ڪئي، لونگي ڦاٽي پئي سندس بهادريءَ جون ٻيون ڳالهيون به هيٺئين طرح مشهور آهن. چون ٿا ته هڪ دفعي ميرن جي ڪچهريءَ ۾ ويٺو هو ممڪن آهي اميرزادن جي مجلس هجي ڇاڪاڻ ته وڏن جي مجلس ۾ اهڙي گفتگو وغيره نه ٿي سگهندي هئي، اتي ڪنهن چاڪر خان کان پڇيو ته تنهنجي دل ڪڏهن لوڏو به کائي ٿي يا نه؟ ان تي چيائين ته مير سائين لوڏي کائڻ واري دل ڪانگن کي اڇلائي ڏيڻ جي لائق ٿيندي. پوءِ هنن سندس آزمودي خاطر هڪ ڏينهن جيئن هي ڪچهري ۾ ويٺو هو مخفي طرح جوڳيءَ کان نانگ گهرائي پٺيان هن جي مٿان ڪلهن تي اڇلائي ڦٽو ڪرايو. چون ٿا ته جيئن هي ڪانڀ ڪڍيو ويٺو هو ته ايئن ويٺو رهيو. لوڏو به نه کاڌائين ۽ نانگ کي پري اڇلائي ڇڏيائين. اهو زماني جو دستور آهي ته اهڙن مڙدن جا به ڪي مخالف ۽ موافق هوندا آهن. ميرن جي عملي مان هڪ گروه هن جو مخالف ٿي پيو. سٽون سٽجڻ لڳيون ته هن جا وڌيڪ آزمودا وٺجن. جيئن هن کي نقصان پهچي. هڪ دفعي جيئن هي حيدرآباد قلعي جي ديوار تي بيٺو هو کيس ٻڌايو ويو ته تنهنجي دوستن سان بازار ۾ جهيڙو ٿي پيو آهي هن يڪدم قلعي تان کڻي ٽپو ڏنو. جيئن ته انهن ڏينهن ۾ وڏيون سٿڻون، ڍالون ۽ پهراڻ سندرن سان پهربا هئا، ان ڪري مٿان آهسته ٿي ڪريو ۽ گهڻي نقصان کان بچي ويو. پوءِ هن کي خبر پئي ته اهو صرف سندس آزمودو وٺڻ لاءِ ايئن ڪيو ويو هو. ان بابت چوڻ ۾ اچي ٿو ته هڪ دفعي جيئن سن ۾ شاهن سان ملڻ آيو ته اتي هڪ مجلس ۾ سيد ميان دادن شاهه ولد عنايت شاهه (متوفي 11 شعبان 1236هه) جو پڻ بهادر هو. ۽ ميان محمد شاهه ولد ڇتن شاهه ۽ ٻيا ڪيترا نوجوان ويٺا هئا. ميون صاحب مجلس ۾ ڪونه هو اتي هڪ بندوق وڏي گولي واري جنهن جو نالو شينهن مار هو. مجلس ۾ آندي وئي ۽ ان جي ساراهه ٿيڻ لڳي. ڪچهريءَ ۾ ڪيترا چوڻ لڳا ته هي شينهن کي به هڪ ڌڪ سان وهاري ڇڏيندي. چاڪر خان مجلس ۾ ويٺو هو تنهن چيو ته شاهه صاحب شينهن وري ٻه ٻليءَ جو ٻچو آهي مردن جا ڏهه جگر آهن هي بندوق جهلي به مٽ ڪري سگهن ٿا. ان تي مجلس ۾ ڪن چيو چاڪر خان ٻٽاڪ ٿو هڻي. آخر اچي هوڏ لڳي چاڪر خان تيار ٿي بيٺو ته پنجاهه قدمن تي تلوار کڻي بيهان ٿو جيڪو مون کي بندوق هڻندو ان کي ڌڪ جلهڻ بعد ۾ اچي مٽ ڪندس. اها ڳالهه ٻڌي عمر رسيده ماڻهن اچي ميان صاحب کي ٻڌائي جنهن اچي ننڍن کي سمجهايو ته ابا مڙدن جي آزمائش ٺيڪ ناهي. هنن جي حياتي قيمتي وٿ آهي. ازانسواءِ چاڪر خان کي مقابل ٿي چيائين ته ڄام جيڪا ڳالهه تون ڪرين ٿو سا اسان کي قبول آهي، تون واقعي بهادر آهين. چوڻ ۾ اچي ٿو ته ڪجهه وقت کان پو ءِ هڪ دفعي هي ميرن وٽ ڪجاون سان ڪنهن موقعي تي عذرخواهي لاءِ ويل هو. اتان موٽي ڳوٺ ٿي ويو. هي بولا خان واري رستي کان واپس ملير طرف وڃي رهيو هو. چون ٿا ته حملاڻي ملڪن جو ساڻس ڪن ڳالهين تان اختلاف هو. ويتر جو هي ڳالهه به مشهور ٿي، ڪي ننڍا مير به چاڪر خان مان ناراض هئا، تن ان جو فائدو وٺي ڪٽڪ سان اچي سندس رستو روڪيو ۽ چوائي موڪليائونس ته هن طرف کان ملير نه وڃ هيٺان ٻي رستي سان وڃ. جي لنگهندين ته جهيڙو ٿيندو چاڪر خان جي والد کيس چيو ته بابا جنهن صورت ۾ حملاڻين سان اختلاف آهي پاڻ سان ماڻهو گهٽ آهن پوءِ هرو ڀرون ڇو هنن جي حد مان زوري لنگهين ٿو پر هي نه مڙيو چي اها ڳالهه منهنجي بهادري تي ٽڪو لائيندي. سو هن ڪجاوي سان ڪي ماڻهو گڏي ٻي رستي سان موڪليا ۽ هي ان منع ڪيل رستي سان لنگهڻ لاءِ روانو ٿيو ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي چيائين ته ڏاڙهي وارا مرد هن سان گڏ هلن ٻيا ڪجاون سان وڃن. ان تي هڪ نوجوان ڇوڪري جنهن جي چاڪر خان سان هلڻ جي مرضي هئي، پنهنجي مِٽَ تي ڦڻي هڻي کيس چيو ته سائين ڏسو ڏاڙهي ۾ ڦڻي بيٺي آهي. سندس بهادري ڏسي کيس ساڻ هلڻ جي اجازت ڏنائين پوءِ منع ڪيل رستي تان جڏهن لنگهيا ته حملاڻي گهڻي ڪٽڪ سان مٿن حملو ڪري آيا. ٻنهي طرفن کان بندوقون ۽ تلوارون لڳڻ شروع ٿيون. ملڪ پرائو ٻي طرف لشڪر گهڻو آخر هن جا ماڻهو ڪرندا ويا هڪ شيدي نوڪر کي ٽنگ ۾ بندوق لڳي پوءِ به ننڍي هوندي هڪ ٽنگ تي ڪيل انگڙي راند ياد ڪري هڪ ٽنگ تي لڙندي ساهه ڏنائين. چون ٿا ته چاڪر خان کي ڇهه بندوقون لڳيون باوجود ان جي تلوار سان لڙندو رهيو. مخالف سپاهين کان پاڻ بچائيندو ويو آخر رت ڇڏڻ سبب ڪري پيو. ان تي موٽيو خان جيڪو لهرائين جو چڱو مڙس هو، سو مٿانئس اچي بيٺو ۽ چيائين ته چاڪر خان ڪنڌ مٿي کڻ ڪنگ ٿا اکيون ڪڍنئي. هو آخري پساهن ۾ هو پر طعنو ٻڌي يڪدم اٿيو ۽ موٽيو خان جو بي خبرو سندس مٿان بيٺو هو، تنهن کي تلوار جو ڌڪ هڻي ماري وڌائين. پوءِ سندس ماڻهن مان ڪنهن کي نياپو ڏنائين ته سنائي سيدن کي منهنجو پيغام پهچائجو ته چاڪر خان ڇهه بندوقون جهلي مٽ ڪري مئو آهي. جڏهن شاهن کي اها خبر پهتي ته کين ڏاڍو ارمان ٿيو ۽ عزيزن وانگر کيس ختما درود ڏياريائون. ٻي حڪايت اها ڪرڻ ۾ اچي ٿي ته جڏهن ميرن سان انگريزن جي لڙائي مياڻي وٽ ٿي ۽ انگريزن کٽيو هو ته هنن سندس حڪومت کي مضبوط ڪرڻ لاءِ سنڌ جي سڀني خاندانن کي پاڻ وٽ حيدرآباد جي درٻار ۾ گهرايو هو. ان ۾ ميان صاحب ڪو نه ويو. چي هن آخر عمر ۾ ڌارين حڪومت جي بعيت ڪري جاگير جي سند وٺان اهو منهنجي خاندانيءَ تي ٽڪو ٿيندو سو پاڻ تي نه لائيندس. آخر جيڪي ماڻهو درٻار ۾ نه آيا هئا. تن لاءِ انگريزن هڪ آفيسر جهاز ۾ چاڙهي حال احوال دريافت ڪرڻ لاءِ موڪليو. اهو جڏهن سن ۾ آيو ته شاهه صاحب سان سندس جاءِ تي ملڻ آيو. ان وقت شاهه صاحب تمام پيرسن ۽ ضعيف ٿي ويل هو. هميشه وانگر چپرائين اوطاق ۾ نک تي ويٺو هو. آفيسر ويهي هن کان پڇيو ته پريا مڙس گهڻو وقت ٿو سنڀرين؟ چيائين ته اڄوڪو ڏينهن ٻيو! سوال پڇيائين ته اوهان جي سرڪاري رڪارڊ ۾ جاگير ڄاڻايل آهي اوهان جي نئين سرڪار سان وفادار ٿي رهندا ته اها اوهان جي بحال ڪئي ويندي. جواب ڏنائين ته: صاحب آئون ضعيف آهيان، پٽ گذر ڪري ويل آهي. ٻه ننڍا پوٽا اٿم ڪير زمين سنڀاليندو سرڪار جي نوازش ڪري ڏيڍ گز قبر جي زمين عنايت ڪندي ته شڪرگذار رهندس باقي جاگير کي آئون ڇا ڪندس. سڀني جوابن مان صاحب کي تسلي نه ٿي شاهه صاحب جي هاڪ هئي. مير شير محمد خان اڃا تابع نه ٿيو هو. هن کي شاهه صاحب جي وفاداري ۾ شڪ پيو. ان ڪري کيس گرفتار ڪري جهاز ۾ چاڙهي حيدرآباد وٺي ويو. ڪجهه وقت کيس اتي رکي جڏهن کين اطمينان ٿيو ته هي ضعيف آهي ۽ ڪوبه نقصان يا بغاوت ڪري نه سگهندو ته کيس ڇڏي ڏنائون. چوندو هو ته مير صاحب نظربند هجن ۽ آئون جاگير وٺي وڃي تابع ٿيان. اهو قبر ڪنڌيءَ تي ويهي ٽڪو ڪونه کڻڻو اٿم. جواني ۾ چون ٿا بدن ۾ ڀريل هو. دلو کير جو پي ويندو هو پيريءَ ۾ بدن مان گوشت رڙي ويو هوس. جنهن ڪري چمڙي منهن ۽ بانهن وٽان پئي لڙڪندي هيس. هن 1261هه مطابق 1845ع ڌاري وفات ڪئي هن سيد عنايت شاهه جي نياڻي بيبي الهه جياري سان شادي ڪئي هئي. ان مان کيس هڪ فرزند سيد محمد شاه نالي هو جو بهادر ۽ پهلوان هو. جنهن ٻه شاديون ڪيون هنيون. هڪ سيد گل محمد شاه جي نياڻي بي بي مبارڪ خاتون سان ٻي وڏيري صوڀي لکمير جي نياڻي ڄامان ٻائي سان. صوڀو لکمير، محمد لکمير جي ڳوٺ جو ويٺل هو. ميان محمد شاهه کي پوئين گهر مان ٻه فرزند ٿيا هڪ جو نالو سيد امداد محمد شاهه عرف دادن شاه 1838ع ڌاري ڄائو هو. ٻي جو نالو سيد غلام مرتضيٰ شاهه هو جو 1831ع ڌاري ڄائو هو. سندس صاحبزاده ننڍا هئا ته پنهنجي والد جي ڏينهن ۾ 1836ع ڌاري وفات ڪري ويو. حڪومت جي بدلجڻ ۽ والد ۽ ڏاڏي جي وفات تي ڪنهن به نزديڪ رشتيدار نه هئڻ ڪري سندن حالت مسڪين ٿي ويل هئي. زمين تي هاري قبضو ڪري ويا جي ڪجهه به نه ڏيندا هئا. ليڪن باوجود ان جي سندن جفا جو اهو عالم هو جي ماني کائڻ وهندا هئا ۽ ڪو سائل ايندو هو ته کيس ماني ڏئي لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. خود ڪاشت زمين مان پورو گذر نه ٿيندو هون. سندن چوڻ هو ته ”مسڪيني“ تون اسان وٽ رهه ته توکي سانڍيون ٻاهر ٻاف نه ڪڍون، اهڙن وٽ نه وڃ جي در در تي تو کي خوار ڪن. ميان دادن شاهه جي ننڍي ڀاءُ ميان غلام مرتضيٰ شادي نه ڪئي هئي. ميان دادن شاهه سيد گل محمد شاهه ولد يار محمد شاهه هالن واري جي همشيره بي بي صاحبزادي سان شادي ڪئي. جنهن مان کيس ٻه فرزد هيٺين نالن وارا پيدا ٿيا. سيد محمد شاهه ولد امداد محمد شاهه: سن اسڪول جي داخلا موجب 1 جنوري 1860ع مطابق 7 جمادي الثاني 1276هه ۾ ۽ خانداني شجري موجب 5 رجب 1271هه مطابق 24 مارچ 1855ع تي ڄائو هو. سيد ڇتن شاهه ولد امداد محمد شاهه: سن اسڪول جي داخلا موجب 1 آگسٽ 1869ع مطابق 7 شوال 1284هه مطابق 2 فيبروري 1868ع تي ڄائو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته نهايت سهڻو جوان هو ان ڏينهن ۾ مانجهند ۾ ويا پئي، اتي جا ماڻهو کيس درگاهه شاهه حيدر جي سجاده نشين هئڻ سبب دعا ڪرڻ لاءِ وٺي ويا. جتي وڃڻ بعد شهر کي ڦيرو ڏئي دعا گهريائون ته هنن کي ان مان نجات ملي. پوءِ چيائين ته ابا اوهان سڀني جو بار اسان کنيو. اتان اچڻ بعد يڪدم اچي تاريخ 29 جمادي آخر 1286هه مطابق 5 آڪٽوبر 1869ع ڏينهن اربع جي وفات ڪيائين. سندس وفات کان پوءِ سندس ڀائيٽين جي سنڀال ميان غلام مرتضيٰ شاهه جي حوالي رهي .
تمام مفيد معلومات ونڊ ڪئي اٿو..لک قرب سنڌ ديس جي تاريخ اهڙن حقيقي ۽ سچن قصن سان ڀري پئي آهي بس ڪو اهڙو هجي جو سهيڙي اسان جهڙن جي اُڃ اُجهائي..پڙهڻ ۾ مزو آيو ائين لڳو ڄڻ مان گهڻن ڏينهن کانپو پڙآڏو سوئي سڏ ڪتاب جو مطالعو ڪري رهيو هجان..بهترين
ڀا منظور ڪلهڙا صاحب ”پڙاڏو سو سڏ“ ته تمام وڏي مصنف جي قلم جو ڪمال آهي اسان ته ننڊڙا طالب العلم آهيون. سن جو اصل رهواسي آهيان. ان ڪري پيو تحقيقات ڪندو آهيان
سڄڻ سائين اوهان جهڙن مٺڙي انداز ۾ لکندڙن جي سنڌ سلامت تي دل وٽان آجيان ڪئي ويندي آهي، اوهان جي لکڻي ۾ رقص آهي من موهجي ٿو اوهان جي لکڻ جو ڏان ۽ ڍنگ يقينن ظاهر ٿو ڪري ته ڳوڙهو مطالعو ۽ سهڻن جي صحبت هيٺ رهيا آهيو پر ڇو نه هجو اوهان اهڙا سيد جي ديس جا واسي آهيو ، سيد جي ڀر مان جيڪو به گذريو آهي اهو پارس بڻيو آهي..
محترم منظور ڪلهوڙا صاحب ، اسلام عليڪم: مون اهان جي بلاگ جو سير ڪيو. ڪلهوڙا حڪومت جو وچور پڙهيو. ڪلهوڙا حڪمرانن جي ڪارڪردگي کان واقف ٿيڻ جي هميشه ڪوشس رهي اٿم، ان جو هڪڙو سبب اسان جي قبيلي “جويا” جي وڏن جو ميان آدم شاه ڪلهوڙي سان گهرو تعلق رهيو آهي. جڏهن پاڻ رحلت ڪيائون ته سندس مڙه کڻي ايندڙن ۾ اسان جا وڏا شامل هئا. جن پوءِ سکر ۽ آسپاس رهائش اختيار ڪئي . هو وڌيا ۽ ويجهيا. ان دور کان جويا سنڌ جي مختف هندن ڏانهن ويا. اسين انهن بزرگن جي اولاد مان آهيون جيڪي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ آباد آهيون.
سائين اوهان جا قرب جو منهنجي بلاگ بابت ويچار ونڊيا اٿو، اها ته ننڍڙي ڪوشش آهي نه ڪي ايتري معلومات آهي نه ڪي لکڻ جو ڏان آهي بس وقت ملي ٿو وڃي ته ڪجهه نه ڪجهه شامل ڪندو رهندو آهيان پر گهڻي عرصي کان وٺي پنهنجي بلاگ تي ڪو نئون مضمون پيش ڪري ناهيان سگهيو..بس اوهان جهڙن سڄڻن جي همٿ افزائي شامل حال رهندي ته انشا الله پاڻ پتوڙبو..باقي اوهان جا وڏڙا اسان جي لا باعث عزت آهن اوهان جي محبت ۽ عقيدت جو بي انتها قدر آهي..سنڌ جي هر هڪ ذات ۽ قبيلو سچن ۽ اصلوڪن ماڻهن سان ڀرپور آهي..اهو ئي سبب آهي ته اسان سنڌي قوم ۾ محبت ۽ ميٺاج ۽ پاڻ ۾ محبت ۽ ڀائچاري وارو سلسلو صدين کان هلندو ٿو اچي..شل اهي محبتون قائم دائم رهن.. آمين سدائين مرڪندا مهڪندا رهو.