• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مخدوم عارف سنائي

خدابخش جويو

سينيئر رڪن
مخدوم عارف سنائي:

ميرن جي وقت ۾ سن شهر ۾ هڪ بزرگ مخدوم عارف سنائي، ولد محمد افضل جو هڪ عاليشان مدرسو هوندو هو. جنهن ۾ آس پاس جا شاگرد سندس رهنمائي ۾ عربي، پارسي، فقه، حديث، قرآن ۽ اخلاقي تعليم حاصل ڪندا هئا. پاڻ جيستائين حيات هو ته اهو درس ۽ تدريس جو ڪم جاري رکيائين. ڪيترا طالب سندس علم مان سيراب ۽ فيضياب ٿيا. سيوهڻ جو مشهور عالم فقه ۽ حافظ مخدوم عبدالواحد سيوهاڻي سندس همعصر هو. مخدوم عارف سنائي، لاءِ ڪتابن ۾ تحرير ٿيل آهي ته پاڻ سنڌ ۾ وڏو عالم فقه جو ڄاڻو هو. تحريرن جو ماهر هو. جيڪو خود سخي، شاعر، سخن شناس ۽ عالمن جي وڏي عزت ڪندڙ هو. مخدوم عارف جي وفات جي پوري خبر نٿي ملي، پر ڪتاب ”سنڌ جا اسلامي درسگاهه“ ۾ لکيل آهي ته 1222هه کان پوءِ سندس وفات ٿي آهي.
 
Back
Top