سماجي ۽ سياسي ڪارڪن ڊاڪٽر ٽلو مل ڌيرواڻي: سنڌ جو مثالي خادم، بهترين ڊاڪٽر، وطن جو خدمتگار ۽ عوامي هلچل جو باني ڊاڪٽر ٽلو مل ڌيرواڻي تاريخ 1 مارچ 1899ع تي سن شهر هاڻوڪي ضلعي ڄامشوري ۾ ٽيڪمچند ڌيرواڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. سندس والد هڪ غريب واپاري هو. ٽلو مل ننڍپڻ کان ئي ذهين هو. سندس ذهانت جي ڪري استاد کيس ”شاگرد، استاد“pupil Teacher)) سڏيندا هئا. هو پڙهڻ سان گڏ ٻين شاگردن کي به پڙهائيندو هو. ان ڪري کيس مختصر پگهار به ملندو هو. ان ڪري ننڍپڻ ۾ ئي تعليم جو بوجهه مائٽن تي نه وڌائين. هن جوانيءَ واري دور ۾ سنڌ ورڪين واپارين سان گڏ جاوا، سماترا ۽ سنگاپور وڃي واپار ڪيو ۽ ڪافي پئسو ڪمايو. هن ڊاڪٽري ڪرڻ سان گڏ صابڻ جو ڪارخانو هلايو. ٺيڪيداري ۽ انشورنش مان به ڪافي ڪمايو. ڊاڪٽر صاحب ننڍي ڄمار کان ئي وطن جي آزادي واري حر تحريڪ ۾ پرجوش حصو وٺندو هو. مهاڀاري جنگ ۾ ۽ حر تحريڪ دوران ريل گاڏيون ڏينهن جو هلايون وينديون هيون. ڊاڪٽر صاحب سدائين ٿرڊ ڪلاس ۾ سفر ڪندو هو. هڪ ڀيري گهڻي رش ۽ گرمي جو تاب نه جهلي هڪ مسافر ان گاڏي ۾ بيهوش ٿي ويو. جنهن ۾ ڊاڪٽر صاحب چڙهيل هو. سندس دل اهو انڌير سهي نه سگهي. ريلوي وارن کي سڌو ڪرڻ لاءِ هن گاڏي جي زنجير کي ڇڪيو ته گاڏي بيهي رهي. ريلوي وارن کائنس سبب پڇيو ته ڊاڪٽر صاحب بيهوش ٿيل ماڻهوءَ ڏانهن اشارو ڪري کين رش گهٽائڻ لاءِ چيو. پر ريلوي وارن ايئن نه ڪيو. گاڏي هلڻ لڳي ته هن وري زنجير کي ڇڪيو. انهيءَ موقعي تي ساڻس ٻيا به ڪيترا ماڻهو شامل ٿي ويا. نيٺ ريلوي وارن مجبور ٿي ڪراچي کان نڪرڻ وقت ٻه نوان گاڏا لڳائي رش کي گهٽايو. گاڏي جڏهن صدر ريلوي اسٽيشن تي آئي ته ڊاڪٽر صاحب اتي لهي پيو ۽ وري اچي سٽي اسٽيشن تان نئين سر ٻي گاڏيءَ ۾ چڙهيو. ان سان به ساڳي ڪار هئي آخر ڪار ان گاڏيءَ ۾ به وڌيڪ گاڏا لڳايا ويا. پر ڊاڪٽر کي گرفتار ڪري ويهاري ڇڏيائون. انهيءَ مثال کان متاثر ٿي ڪيترا نوجوان اهڙيون ڪاروايون ڪرڻ لڳا. ڊاڪٽر صاحب جيل مان آزاد ٿي اچي باقاعدي ”وطن خدمتگار“ جي نالي سان هڪ تنظيم جوڙي انهيءَ جماعت جا رضاڪار گاڏين ۾ صلح سان سفر ڪرڻ تي ليڪچر ڏيندا هئا. مسافرن جي هر قسم جي تڪليف ۽ شڪايت جو تدارڪ ڪندا هئا. خود گاڏين ۾ صفائي به ڪندا هئا ۽ ماڻهن ۾ مفت دوائون به تقسيم ڪندا هئا. هن تحريڪ ايڏو ته زور ورتو جو نيٺ ريلوي وارا به ساڻن تعاون ڪرڻ لڳا. رضاڪارن وٽ پيٽيون هونديون هيون، جن ۾ ماڻهن ايتري ته رقم وڌي جو انهن پئسن مان ڪراچي ۾ پهرين ”وطن خدمتگار“ اسپتال قائم ٿي. جتي مفت ۾ علاج ڪيو ويندو هو. اتي پيٽيون ٽنگيل هونديون هيون. ماڻهن انهن پيٽين ۾ تمام گهڻا پئسا وڌا ۽ گاڏين ۾ دوائون ورهائيندڙ ۽ صفائي ڪندڙ جوان سڄيءَ سنڌ ۾ اڪيچار نڪري پيا. هن پوءِ اهڙيون پنج اسپتالون به ٺهرايون، جيڪي ٺٽائي ڪمپائونڊ، ابراهيم حيدري، فرنٽيئر روڊ لياري، گانڌي ننگر ۽ کاريدر ۾ هيون. پاڪستان ٺهڻ وقت ڊاڪٽر صاحب ڪراچي جي لالو کيت علائقي ۾ هڪ وسيع ايراضي خريد ڪري ٽي بي جي علاج لاءِ هڪ وڏي اسپتال ٺهرائي. جنهن جي پيڙه جو پٿر سائين جي ايم سيد رکيو. ڌيرواڻي صاحب اسپتال ٺهرائي رهيو هو ته ڪن شرپسندن ڦري لٽي سندس اسپتال تي قبضو ڪري ورتو. هن ڪراچي ۾ صاف ماحول ۽ رهائش لاءِ ڌيرواڻي ننگر جو بنياد رکيو. هندستان مان آيل پناهگير ن سندس گهر ۽ اسپتال تي حملو ڪيو، جنهن ۾ هن جا گهر ڀاتي به زخمي ٿيا. پر ڊاڪٽر صاحب ڌيرج ۾ رهيو. ڊاڪٽر صاحب کي 13 سيپٽمبر 1947ع ۾ پاڪستان ٺهڻ کان پوءِ پوليس چڙهائي ڪري مٿس شڪارپور ڪالونيءَ ۾ ڦاٽل بم ڪيس مڙهيو ويو. جنهن ۾ ٻيا به ڪيترا هندو ٻڌا ويا. ڏيڍ سال بعد ٻيا سڀ جوابدار قيدين جي مٽا سٽا ۾ ڀارت هليا ويا. پر ڊاڪٽر ٽلومل وطن ڇڏڻ کان انڪار ڪيو. جڏهن آزاد ٿيو ته سندس باقي جائداد ۽ جايون، جڳهيون به نه رهيون. اسپتالن وغيره تي قبضا ٿي چڪا هئا. ڊاڪٽر صاحب وري به مستقل مزاجي سان پنهنجي ڳوٺ سن ۽ حيدرآباد ۾ اچي اسپتالون قائم ڪيون. سندس مددگار سائين جي ايم سيد به نظربند ٿي ويو. هن ”انسان“ نالي اخبار به جاري ڪئي. پر هٿ تنگ هئڻ سببب جلد بند ٿي وئي. ايوب خان جي دور ۾ جڏهن بنيادي جهموريت (Basic Democracy) وارو قانون آيو ته سن يونين ڪميٽي کي اباڻي جڳهه دان ڪيائين. ڪميٽي ان زمين تي آفيس، مارڪيٽ ۽ لائبريري قائم ڪري ان تي سندس نالو رکيو. اسپتال کوليائين ته سرڪاري اسپتال ويران رهڻ لڳي ۽ ڊاڪٽر صاحب جي اسپتال ۾ مريضن جا ميڙا هوندا هئا. اها حالت ڏسي هڪ طرف صحت کاتي وارا ۽ ٻئي طرف پوليس وارا اچي ڊاڪٽر صاحب تي ڏمريا ۽ هڪڙي ڏينهن اسپتال تي چڙهائي ڪري اسپتال جون سموريون دوائون ٻهاري ويا. بعد ۾ ڊاڪٽر صاحب تي به مختلف ڪوڙا ڪيس داخل ٿيا. جيڪي ڪجهه وقت کان پوءِ ختم ٿيا. پر هن بهترين ڊاڪٽر ۽ سنڌ جي خدمتگار هڪ ڏينهن هلندڙ گاڏيءَ ۾ 16 اپريل 1961ع تي کلندي ڳالهائيندي دم ڏنو ۽ پنهنجي هزارن مداحن کي جدائي جو داغ ڏئي روانو ٿي ويو.