چيف جسٽس راڻا ڀڳوانداس انصاف ۽ ميرٽ جو علم بردار

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏24 فيبروري 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    [​IMG]
    عدالتي تاريخ جي امر ڪردار جسٽس (ر) راڻي ڀڳوان داس جي حياتي جي تصوير

    راڻو ڀڳوانداس 1942ع ۾ نصير آباد جي هندو خاندان زميندار جيتو مل ٿياڻي جي گهر ۾ جنم ورتو. راڻو ڀڳوانداس وارا پاڻ ۾ چار ڀائر هيا. راڻو ڀڳوانداس سڀني ڀائرن ۾ وڏو هيو. راڻو ڀڳوان داس هن کي هڪ نياڻي ۽ ٻن پٽن جو اولاد آهي راڻو ڀڳوان دس جا ٻئي پٽ آمريڪا جي هڪ نجي ڪمپني ۾ملازمت ڪندا آهن. راڻي ڀڳوانداس بنيادي تعليم نصير آباد ۾ هڪ استاد قادن وٽ حاصل ڪئي. ميٽرڪ جو امتحان نصير آباد هاءِ اسڪول مان پاس ڪرڻ کانپوءِ انٽر لاڙڪاڻي ڊگري ڪاليج مان ڪيائين. جنهن بعد ايل ايل بي اسلامڪ لا ڪاليج مان پاس ڪيائين. 1960ع واري ڏهاڪي ۾ راڻو ڀڳوان داس صحافتي شعبي سان پڻ سلهاڙيل رهيو. راڻو ڀڳوانداس 1960ع کان 1965ع تائين نصير آباد جي اقراءَ اردو اسڪول ۾ هيڊ ماستري جا فرائض پڻ ڏيندو رهيو. مشهور قانوندان عبدالغفور ڀرڳڙي وٽ وڪالت جي سکيا ورتي ۽ ڪيترو ئي وقت وڪالت ڪرڻ بعد سول جج ماتلي مقرر ٿيو. جنهن بعد سيشن جج لاڙڪاڻي جي عهدي تي مقرر ٿيو.سندس قانوني ڄاڻ ۽ ايمانداريءَ سان ڪم ڪرڻ جي ڪري کيس چار سال اينٽي ڪرپشن جو سکر ۾ جج ڪري رکيو ويو. سرڳواسي راڻا صاحب سنڌ هاءِ ڪورٽ جو ڪيترائي سال ڪامياب رجسٽرار به ٿي رهيو. جون 1994ع ۾ سيشن جج جي عهدي تي هوندي، سندس سينارٽي ايمانداري ۽ اقليتن جي ڪميونٽي ۾ هئڻ ڪري محترمه بينظير ڀٽو کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو. 2000ع ۾ کيس سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج ڪري مقرر ڪيو ويو. راڻو ڀڳوان داس سپريم ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس، اليڪشن ڪميشن جو وقتي سربراهه ۽ فيڊرل پبلڪ سروس ڪميشن جو چيئرمين به رهيو. فخرالدين جي ابراهيم جي استعيفيٰ بعد خالي ٿيل چيف اليڪشن ڪمشنر جي عهدي لاءِ وزيراعظم ۽ اپوزيشن ليڊر راڻي ڀڳوانداس جي نالي تي اتفاق ڪيو پر هن عهدو سنڀالڻ کان انڪار ڪيو هو. چيف جسٽس افتخار چوڌري کي هٽائڻ وقت هو هندستان ۾ هو. واپسي تي وقتي چيف جسٽس ٿيو. شفاف ٽرائل بعد جسٽس افتخار کي بحال ڪيو ويو. هُن مشرف دور ۾ پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪيو هو ، پي سي او تحت حلف کڻڻ کان انڪار ڪرڻ تي ٻين ججن سان گڏ راڻا ڀڳوان داس کي به گهر ۾ نظر بند ڪيو ويو. راڻو ڀڳوان داس جي محنت ۽ ايمانداري جي ڪري سپريم ڪورٽ جو سينيئر جج مقرر ٿيو. جنهن بعد رٽائرمينٽ بعد کيس پبلڪ سروس ڪميشن جو سربراهه مقرر ڪيو ويو.

    راڻا ڀڳوانداس شاعري کي پسندڪندو هيو. هن شاعري پڻ ڪئي هئي. حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي شان ۾ پڻ شاعري ڪئي. راڻي ڀڳوانداس سفر نامو پڻ لکيو هيو.

    مختلف اهم عهدن تي رهڻ باوجود راڻو ڀڳواندس پنهنجي جنم ڀومي کي ۽ پنهنجن دوستن کي نه وساريو. نصير آباد جي دوري دوران پنهنجي زرعي زمين تي بغير ڪنهن سيڪيورٽي جي ويندو رهندو هو ۽ هارين سان ملي ڪري انهن جا ڏک سور ٻڌي حل ڪندو هيو.
    راڻا صاحب ايماندار، بهادر، خدا جي ذات ۽ ڀروسي رکڻ وارو انسان هيو ۽ هن بحيثيت جج جي ۽ دوست ۽ پاڙيسريءَ هجڻ جي حيثيت ۾ سٺا قابل تعريف ڪم ڪيا ۽ پوئتي پير نه ڪيائون. کيس ٻه پٽ ۽ هڪ نياڻي آهي، انهن کي به اعليٰ تعليم ڏياريائين. سندس ٻئي فرزند آمريڪا ۾ اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهائش پذير ٿي ويا آهن
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏24 فيبروري 2015

هن صفحي کي مشهور ڪريو