• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هڪ بابا، ٻيو آءُ ۽ ٽيون ڪانءُ (تنقيد) : منظور ڪوهيار

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
هڪ بابا، ٻيو آءُ ۽ ٽيون ڪانءُ (تنقيد)
(Story of Narcissism)

منظور ڪوهيار

’جديد سنڌي ادب جا سؤ سال‘ جي حوالي سان ليڪچر ٿي رهيو هيو. مانواري، محترم ۽ مهان اديب، ايڏو ته گھرائي ۽ گيرائي سان ليڪچر ڏنو، جو ٻڌندڙن جا ذهن گنجرجي ويا.
جڏهن سوالن جو وقفو ٿيو ته هڪ عام پڙهندڙ کائنس سوال ڪيو،” سائين! اسان کي صرف اهو ٻڌايو، ان سؤ سالن جي عرصي ۾جديد ۽ معياري ادب ڪنهن پيش ڪيو آهي؟“
”نهايت اهم سوال آهي. ان جو مختصر مگر جامع جواب اهو آهي. هڪ بابا، ٻيو آءُ ۽ ٽيون ڪانءُ!“، عظيم اديب پنهنجن شهپرن تي هٿ ڦيرائيندي ۽ مشڪندي وراڻيو.
”اهو ڪانءُ ڪير آهي؟“،عام پڙهندڙ وري هٿ ادب جا ٻڌي سوال ڪيو.
” ڪانءُ، سنڌي ادب جو اهو عظيم نقاد آهي، جيڪو پڙهندو ڪنهن کي ناهي، پر ڪان!ڪان! سڀن تي ڪندو آهي“، مهان اديب وڏي اعتماد سان وراڻيو.
 
بلڪل جائز تنقيد.
اهڙا انيڪ مثال آهن جيئن رات اوطاق ڪچهريءَ دوران به هڪ حوالي ڏٺؤ. اهڙا ماڻهو هڪ گهرو مُشاهدو رکندا آهن ته ڪٿان ڪا چُڪ پڪڙيون. هو تار گلاس ۾ به خالي گلاس چوڻ لاءِ هڪ ملي ميٽر جيترو خال ڳوليندا آهن. اهي اُهي ماڻهو آهن جن پُٽ پيءُ ۽ گڏهه وچ ۾ چئي کين گڏهه جي سواري نه ڪرڻ ڏِني هُئي.
مون کي هڪ پُر خلوص دوست صلاح ڏني هُئي ته پنهنجو ڪم خلوصِ دل ۽ نيڪ نيتي سان ڪيو. ڪم کي سُٺن نتيجن جي نيت سان ضرور ڪريو. پر سُٺي راءِ يا شاباس ملڻ سان مشروط نه ڪريو. اُن تي عمل ڪري ڪافي آساني محسوس ڪئي.
 
Back
Top