مولوي 22 ٻارءِ زال ساڻ ڪري دوست جي گهر دعوت تي ويو. دوست هيترا فرد ڏسي مولوي کي چيو: او مولوي حيا نه آيئي. مولوي: نه ان جا پيپر هلي رهيا آهن.
هي ۽ هن جهڙو مواد ڪهڙي رخ جي نشاني ٿو ٻڌائي .....؟؟؟؟؟؟؟؟سو به مولوي جيڪو محترم آ پيش امام آ پنج وقٽ نماز ٿو پڙهي ۽ پڙهائي اسلام تي پابندي سان پيو هلي ۽ هي همراه پيو ان تي ٺٺولي ڪري .....؟؟؟؟؟؟اها ٺٺولي مولوي تي نه پر هن پاڻ تي ڪئ آ .....مسلماني تي ڪئي آ ......
اهي لفظ جيڪي توهان جي نظر ۾ ٺٺولي آهن، صرف خيالي ناهن، حقيت به اهڙي آ. مولوي اسلام جي پابندي ڪونه ٿو ڪري بلڪ اسلام کي پابند ٿو ڪري. مولوي لاءِ اهو تاثر خود مولوي جي ڪردار جي ڪري پيدا ٿيوآ. هن لفظن ۾ به انساني ايذاء کي مزاح جي انداز۾ پيش ڪيو ويو آهي. باقي جيڪو پاڻ ڏي سمجهي ٺٺولي بلڪل ان لاءِ آهي. پنج وقت نمازفرض آهي اهو صرف مولوي ڪونه ٿو پڙهي هر مسلمان ادائيگي ڪري ٿو.
مسلمان جي سڃاڻپ صوم و صلوات سان نه ٿيندي آهي بلڪه معاملات سان ٿيندي آهي ۽ مولوين جا معاملات ڪهڙا آهن اها سڀني کي خبر آهي.
ڀائو ڪجه دين سکو پو ڳالهايو نماز مومن جو معراج آهي نماز مسلم غير مسلم ۾ فرق جي نشاني آهي نماز الله کي سڀ کان وڌيڪ پسنديده عبادت آهي نماز اسلام جو ٻيو اهم رڪن آهي قبر ۾ سڀ کان پهرين نماز جي پڇا ٿيندي نماز ڏينهن ۾ پنج وقت فرض ڪيا ويا ۽ قرآن ۾ تمام گهڻو والقيمصلواه آه الزڪوات جو ذڪر ايو آهي ..... ڪجه هوش کان ڪم وٺو جي مسلمان آهي ته نماز فرض آٿس جي غير مسلم آ ته پاڻ ڄاڻي... جيڪو مولوي نماز جو پابند آ تنهن کي تون پيو ٺٺولي ڪرين جنهن وٽ اسلام جو علم آ تنهن کي بيڪار پيو سمجهين جنهن توکي نماز جا نفعا ٻڌايا تنهنکان پيو لنوائين ....جيڪو توکي خدا کا ڊيڄاري اين قرآن جي تعليم مطابق سو تو کي نه وڻي .....کا ڇئجي اهڙي منافقن کي .....
نمار جو بحث ناهي هي سائين ان کي وچ ۾ نه آڻيو. دين جا نفعا نبي ۽ قرآن ٻڌايا نه ڪي مولوي. توهان خوش رهو ملان جي صحبتن ۾.
کل ڀوڳ پنهنجي جا تي .... پر مولوي بابت رايا عجب لڳا . . . . . اصل ۾ فرق ظاهر نه ڪرڻ ڪري ڳالھ جو رخ مٽجي ويو آهي . . .. . ادا امير عدنان اصل ۾ مولوي لفظ جي تشريح کي سمجهڻ لازم آهي . . . . باقي ڪن غلط مولوين جي ڪري سڀني مولوين کا هڪ قطار ۾ بيهارڻ ظلم ٿيندو . . . . آخر دين به ته انهن جي وسيلي اسان وٽ پهتو آهي . . . قرآن ۽ حديث ۽ انهن کي سمجهڻ جا اصول ۽ تعليم ڏيڻ به ته انهن جي ئي ڪري ممڪن ٿيو آهي . . . وڌيڪ دل آزاري ٿي هجي ته معذرت
مولوي جيڪو عالم علم وارو ....اسلام جو استاد پنجن نمازن جو پيش امام به آ......هاڻي دوستن وٽ هن ڪردار جي عزت نه آهي ڇا چئجي ڪنهن کي چئجي ڪردار اسان سڀن مسلمانن جا مسلمان سڏائڻ جي لائق ئي نه آهن ته پو هڪ مولوي عتاب ۾ ڇو...؟؟؟؟؟؟
توهان جي تبصري ۽ انداز تبصره سان سهمت آهيان. توهان منهنجي هن موضوع ۽ ان موضوع ۾ مخصوص طبقي کان آگاه آهيو... باقي ٻي دوست جو انداز خود استحصالي ملا وارو ۽ تمثيل غير متعلق.