اک ٿي ڦڙڪي اک ٿي ڦڙڪي، اهو به هڪ دلچسپ موضوع آهي ۽ هڪ سوال به آهي ته آخر اک ڇو ٿي ڦڙڪي؟ هر ماڻهو ۽ هر قوم جو ان سلسلي ۾ پنهنجو پنهنجو نظريو آهي، ڪي ماڻهو ان کي محض هڪ وهم چوندا آهن ته ڪي وري مختلف وسوسا آڻيندا آهن. قدرت واري هر ڪنهن کي ٻه اکيون عطا ڪيون آهن، ان ڪري هڪ کي ساڄي اک ۽ ٻي کي کاٻي اک پڻ سڏيو ويندو آهي. ساڄي اک ڦڙڪڻ جو پنهنجو وهم هوندو آهي ۽ کاٻي اک جو وري پنهنجو الڳ وهم و گمان هوندو آهي. اسان جي معاشري ۾ ۽ روزمرھ جي معمولات ۾ اهو ٻڌو ويندو آهي ته منهنجي فلاڻي اک ٿي ڦڙڪي ۽ ان جي جواب ۾ گهر جي ڪا وڏڙي يا ڪو وڏڙو ويچارو وري پنهنجي مهارت آهر ان جو تجزيو ڪندو آهي ته اهو اک جو ڦڙڪڻ خوشخبري آهي يا مصيبت جو اچڻ ٿيندو. عام طور تي کاٻي اک جي ڦڙڪڻ کي ته اسان وٽ به مصيبت جي علامت يا ڪنهن شئي جو وڃڻ ۽ وڃائجڻ سمجهيو ويندو آهي ۽ ساڄي اک جو ڦڙڪڻ معنيٰ ڪنهن جو اچڻ سمجهيو وڃي ٿو. دنيا جي مختلف قومن جا اک ڦڙڪڻ بابت الڳ الڳ وهم ۽ وسوسا آهن. چين جي ماڻهن وٽ کاٻي اک ڦڙڪڻ دولت جو اچڻ آهي ۽ ساڄي اک ڦڙڪڻ وري ان ۾ رڪاوٽ جو ڪارڻ سمجهيو ويندو آهي. هندو ڌرم سان لاپيل ماڻهو چوندا آهن ته ساڄي اک جو ڦڙڪڻ فائديمند آهي ۽ کاٻي اک جو ڦڙڪڻ نقصانده آهي. نائيجيريا ۾ ٻنهي اکين جو ڦڙڪڻ جو مطلب مصيبت جو اچڻ سمجهيو ويندو آهي. ويٽنام ۾ وري مردن جي اک ڦڙڪڻ کي خطري جي علامت ۽ عورتن جي لاءِ پر سڪون سمجهيو ويندو آهي. ترقي يافته ملڪن جا ماڻهو ان بابت گهڻو ڪونه سوچيندا آهن، جيڪڏهن اک ڦڙڪندي آهي ته هٿ منهن ڌوئي وري پنهنجي ڌنڌي ۽ ڪم ڪار کي لڳي ويندا آهن پر ان جي برعڪس ترقي پذير يا پٺتي پيل ملڪن جا ماڻهو اهڙن وهمن ۾ ويهي وقت وڃايو ڇڏين ٿا يا وري پيرن فقيرن جي چڪرن ۾ اچي پنهنجي ڀينگ ڪرايو ڇڏين پوءِ به وهم وڃين ڪونه پر حياتي کٽيو وڃي. جڏهن ته سائنسدانن جو چوڻ اهي ته اکين جو ڦڙڪڻ ننڊ جي ڪمي جي ڪري ٿيندو آهي، ٻيو سبب دماغي هلچل ۽ پريشاني به ٿي سگهي ٿو يا وري نڪوٽين يا ڪيفين جي وڌيڪ استعمال جي ڪري اکين جو ڦڙڪڻ محسوس ٿيندو آهي. پاڻ وٽ ته اهو ئي چيو ويندو آهي ته، ”اڄ ته اک ٿي ڦڙڪي، دل ٿي ڌڙڪي ڪوئي يار اچڻو آ.“ (سهڙيندڙ: نذير احمد لغاري)