برطانيا ۾ ٿيل نئي کوجنا موجب بکئي پيٽ ڪڏنهن به جيون ساٿي ڳولهڻ جي ڪوشش نه ڪجي جنهن جو سبب اهو آهي ته ان دوران توهان پاڻ کان وڌيڪ ٿلهن ماڻهن کي دل ڏئي ويهندا. ويسٽ منسٽر يونيورسٽي جي کوجنا موجب اها دعويٰ سامهون آئي آهي ته جيڪڏهن مرد يا عورت خالي پيٽ جيون ساٿي جي ڳولها ڪندا ته هو اهڙن ماڻهن ڏانهن ڌيان ڏيندا جيڪي تمام گهڻا ٿلها هوندا آهن. خاص طور تي مرد ماني کائڻ کان سواءِ اهڙي حرڪت نه ڪن جو کين پوءِ ٿلهي ڪنوار ملڻ تي پريشان ٿيڻو پوي. تحقيق موجب بک سبب ماڻهن جا خيال مٽجي ويندا آهن. جيڪڏهن ڪو ماڻهو بکيو هوندو ته اهو ٿلهي عورت کي اوليت ڏيندو جڏهن ته عورتون به اهڙي ئي سوچ رکنديون آهن