هند جي سنڌي اديبن کي سن ۾ ڀليڪار خدابخش جويو ڊسمبر 2004ع ۾ ڀارت ۾ رهندڙ نامور سنڌي اديبن، اسڪالرن، آرٽسٽن ۽ سماج سڌارڪن جو 30 ڄڻن تي مشتمل هڪ وفد سنڌ گريجوئيٽ ايسو سيئيشن جي دعوت تي، سنڌ ۾ آيو هو. ڪراچيءَ ۾ ٿيل ٽي روزه ”شاه، سچل، سامي امن ڪانفرنس“ ۾ شرڪت کان پوءِ ان وفد سنڌ جي مختلف شهرن جو پڻ دورو ڪيو هو. اهو وفد 27 ڊسمبر 2004ع تي سن پهتو هو. سندن جي ايم سيد فائونڊيشن ۽ سن جي شهرين، انڊس هاءِ وي تي وڃي شاندار استقبال ڪيو هو. وڏي تعداد ۾ شهرين مٿن گلن جي ورکا ڪئي هئي. جلوس جي صورت ۾، ان وفد ۾ شامل اديبن، آرٽسٽن، اسڪالرن ۽ سماج سڌارڪن پهريان سائين جي ايم سيد جي مزار تي حاضري ڀري ۽ گلن جي چادر چاڙهي. ان وفد جي اڳواڻي ”سنڌي اڪيڊمي دهلي“ جو وائيس چيئرمين سريش ڪيسواڻي ڪري رهيو هو ۽ ساڻس جيڪي شخصيتون گڏ هيون؛ تن ۾ نند لال، چيتو لالواڻي، واسديو موهي، ڪرشن راهي، خوب چند، گوبند خوشحالاڻي، لڇمڻ، ارجن ۽ ٻيا شامل هئا. سن ۾ درياءَ واري بنگلي تي سندن آجيان، جي ايم سيد فائونڊيشن جي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه ڪئي ۽ کين سن ۽ سنڌ جي نامور اديبن سنڌي ٽوپيون ۽ اجرڪون پارايون. جتي جي ايم سيد فائونڊيشن پاران ”سڏ پڙاڏو“ ڪتاب جي مهورت ٿي. ”سڏ پڙاڏو“ سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي وچ ۾ ٿيل خط و ڪتابت تي مشتمل آهي، جيڪو سنڌي اديبن جي سهڪاري سنگت حيدرآباد 2004 ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو هو. اها تقريب شاندار هئي، جنهن ۾ سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه، محمد ابراهيم جويو، تاج جويو، آزاد قاضي، خدابخش جويو، ايوب عمراڻي سميت ڪيترائي سنڌ جا اديب ۽ دانشور موجود هئا. جن مان ڪيترن ڪتاب ”سڏ پڙاڏو“ جي رونمائي جي مناسبت سان پنهنجا ويچار ۽ سوچون ونڊيون ۽ هند، سنڌ جي ماڻهن وچ ۾ دورين، ڪلچر ۽ ٻوليءَ ۽ ٻين موضوعن تي ڳالهيون ٻولهيون ڪيون. هندستان مان آيل سنڌي اديبن، اسڪالرن ۽ آرٽسٽن جي اڳواڻي ڪندڙ سنڌي اڪيڊمي دهلي جي وائيس چيئرمين سريش ڪيسواڻيءَ پنهنجي اڪيڊميءَ پاران جي ايم سيد فائونڊيشن جي چيئرمين سيد جلال محمود شاهه، سيد زين شاهه ۽ محمد ابراهيم جويي کي مڃتا طور شيلڊون ڏنيون. جڏهن ته ڀارت مان آيل وفد ۾ شامل سمورن کي جي ايم سيد فائونڊيشن پاران ڇپايل ڪتابن جا تحفا ڏنا ويا. ان تقريب ۾ سريش ڪيسواڻي پنهنجا خيال ونڊيندي چيو ته: ”هند ۽ سنڌ جي ماڻهن ۾ ڪي به دوريون ناهن. اسان جي ٻولي، ڪلچر هڪ آهي ۽ دليون به هڪ ٻئي سان جڙيل آهن.“ هن سائين جي ايم سيد ۽ محمد ابراهيم جويي کي زبردست خراج تحسين پيش ڪيو ۽ چيو ته: ”سنڌ جي عظيم رهنما جي ايم سيد جو ڪيل خدمتون سنڌ ۽ عالم انسانيت لاءَ هيون ۽ محمد ابراهيم جويي جو سنڌ ۽ سنڌي ادب ۽ سنڌي ٻولي لاءِ قلم جي ذريعي ڪيل خدمتون وسارڻ جهڙيون ناهن. سيد جلال محمود شاهه کي آفرين آهي جو هو سنڌ جي سياست ۾ پنهنجي ڏاڏي جي ايم سيد جي ٻاريل مشعل کي هٿ ۾ کڻي پيو هلي. ڀارت مان سنڌي اديبن، اسڪالرن،آرٽسٽن ۽ سماج سڌارڪن جي 30 ڄڻن تي مشتمل ايڏي وڏي تعداد کي پنهنجي ابن ڏاڏن جي سرزمين سنڌ تي اچڻ جي پهريون دفعو اجازت ملي هئي. اها چڱائي ان وقت جي حڪمرانن جي کاتي ۾ وڃي ٿي جو سنڌ ۽ هند ۾ رهندڙ سنڌين کي ان بهاني گڏجڻ ۽ ٻنهي ملڪن ۾ امن لاءِ هموار ٿيندڙ حالتن لاءِ سنڌ ۽ هند جي اديبن، شاعرن، آرٽسٽن، اسڪالرن ۽ سماج سڌارڪ فردن کي پنهنجو امن پسند ڪردار ادا ڪرڻ جو موقعو فراهم ڪيو ويو هو. ڀارت مان آيل ان وفد ۾ جيڪي به ماڻهو شامل هئا، تن جي اڪثريت ورهاڱي کان پوءِ هند لڏي ويل هئي. انهن مان ڪيترا ئي اهڙا فرد هئا، جن پنهنجي سنڌ کي ٻالڪپڻ ۾ ڏٺو هو ۽ سنڌ کان جدا ٿيڻ جو درد ۽ تڪليف، پنهنجي تحريرن ۾ ظاهرڪندا پئي رهيا هئا. ڪيترن ته سنڌ فقط ڪتابن ۾ پڙهي يا پنهنجي وڏڙن جي ڳالهين ۾ ٻڌي هئي. هندستان ۽ پاڪستان جو ن سياسي ۽ اندروني حالتون توڙي حڪومتي پاليسيون ٻنهي ملڪن جي عوام جي دلين ۾ موجود محبتن آڏو رڪاوٽ بڻيل رهيون آهن. ان ڪري سنڌي هڪ قوم سان واسطو رکندڙ ٻنهي ملڪن ۾ رهندڙ، هڪ ٻئي سان ميل جول رکڻ ۽ ملاقات ڪرڻ لاءِ چاهيندي به ملي نٿا سگهن. حالانڪ ٻنهي ملڪن ۾ رهندڙ پنجابي قوم جا ماڻهو آسانيءَ ۽ آزاديءَ سان هڪ ٻئي ڏانهن ايندا ويندا رهن ٿا. پر سنڌ توڙي هند ۾ رهندڙ سنڌين کي اهڙي حق کان محروم رکيو پئي ويو آهي. ان ڳالهه ۾ ڪو شڪ شهبو ناهي ته پاڪستان ۽ هندستان جون حڪومتون پنهنجي سمورن تڪراري معاملن جي حل ۽ نون لاڳاپن قائم ڪرڻ خاطر سنجيده ڪوششون وٺن جنهن لاءِ ان کان وڌيڪ بهتر طريقو ٻيو ٿي نٿو سگهي ته ٻنهي ملڪن جي آرٽسٽن، اديبن، شاعرن ۽ سماج سڌرڪن کي اچڻ وڃڻ جي اجازت ملي ته هوند ٻنهي ملڪن اندر سياسي نفرت جو خاتمو ممڪن بڻجي پوي.