سائين جي ايم سيد جو ڪتب خانو خدابخش جويو سائين جي ايم سيد جو ڪتب خانو، موجوده دور ۾ اهم ۽ وڏن ڪتب خانن ۾ شمار ٿئي ٿو. سياست، علم ۽ ادب جي سڌاري ۽ واڌاري واري جذبي، سن جي سيدن کي ڪتب خاني لاءِ حد بنديون مقرر ڪرڻ نه ڏنيون، جنهن جي ڪري ڪارڪنن کان وٺي، عام ماڻهو، ڏينهن جا ڏينهن رهي، ڪتب خاني جي مواد منجهان فائدو حاصل ڪندي، پنهنجي پسند جا ڪتاب کڻندا رهيا. ڪتب خاني جي هڪ الڳ عمارت، جيڪا سائين جي ايم سيد جي رهائش گاهه لڳ سن ۾ آهي. جيڪا هڪ هال ۽ ٻن ورانڊن تي مشتمل آهي. هال تقريبن 18 باءِ 20 کن ڦوٽن تي ٿيندو. جيڪو پڙهندڙن جي لاءِ به استعمال ٿيندو آهي. اتي هڪ هالن جي جنڊيءَ تي ٺهيل فرنيچر جو هڪ سيٽ به موجود آهي. ٻه آرام ڪرسيون ۽ هڪ ٽيڪ واري ڪرسي جنهن تي سائين جي ايم سيد اڪثر ڪري ويهي مطالعو ڪندو هو. هڪ وڏي ميز ۽ ڪتابن لاءِ ڪاٺ جا 30 ڪٻٽ ۽ 4 اسٽيل جون الماريون موجود آهن. تحقيق ڪندڙ لاءِ هر سهوليت جو بندو بست ٿيل هوندو آهي، جهڙوڪ هڪ گهرو ملازم، ڪتب خانو کولي ڏيڻ ۽ ماني، پاڻي، چانهه ۽ شربت جو بندوبست ڪري ڏيڻ لاءِ موجود هوندو آهي. تحقيق ڪندڙ جي رهائش جو به بندوبست ٿيل آهي. جنهن جو ذمو ۽ خرچ سيد جي حويلي برداشت ڪري ٿي. ان بندوبست لاءِ سائين جي ايم سيد جي لائق پوٽن سيد جلال محمود شاهه ۽ سيد ضياءُ شاه جو اهم ڪردار آهي. ڪتب خاني جي ڀتين تي چوڌاري فريمن ۾ بند ٿييل ڦوٽا ٽنگيل آهن، جن ۾ پير صبغت الله شاهه راشدي، مهاتما گانڌي، جواهر لال نهرو، مولانا ابوالڪلام آزاد، خان عبدالغفار خان، مولانا عبيدالله سنڌي، شيخ عبدالمجيد سنڌي، رئيس غلام محمد ڀرڳڙي، سر غلام حسين هدايت الله، شهيد الله بخش سومرو، سر شاهنواز ڀٽو، محمد ايوب کهڙو، سيٺ عبدالله هارون، جمشيد نسروانجي، سيٺ هرچند راءِ وشنداس، حسين شهيد سهروردي، شيخ مجيب الرحمان، ذالفقار علي ڀٽو، مير غلام علي ٽالپر، محمد هاشم گذدر، حاتم علي علوي، عبدالستار پيرزادو، خانبهادر حسن علي آفندي، سيد ميران محمد شاهه، مرزا قليچ بيگ، علامه آءِ آءِ قاضي، ڊاڪٽر هوتچند، مولچند گربخشاڻي، لال چند امر ڏنو مل، ساڌو ٽي ايل واسواڻي، وغيره. 15 جنوري 2003ع تي حيدرآباد ۾ ”جي ايم سيد سنڌ جا علمي ادبي، سماجي ۽ ثقافتي بنياد“ جي عنوان سان ٿيل هڪ ڏينهن واري ادبي ڪانفرنس جي صدارت ڪندي نامياري محقق ۽ دانشور ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني متعلق چيو ته: ”سائين جي ايم سيد ان ڪتب خاني جي سنڀال پاڻ ڪندا هئا. جيڪا فقط ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. سا اها ته جيڪو به ڪاغذ ايندو هو سو پاڻ وٽ حفاظت سان رکندا هئا. هڪ دفعي جي ڳالهه آهي ته ڪو خط يا ڪاغذ هو، نوڪر کي چيائون ته سنڀالي رکو. نوڪر پڇيو ته هِتي يا هُتي رکجي. چيائون ته اهو کڻي فلاڻو فائيل آهي، ان ۾ وڃي رکو. يعني جيڪو سندن ڪتب خانو هو. سو باقاعده سنڀاليل هو ۽ هر فائيل اتي محفوط هو. اهڙي سنڀال ڪو عالم ۽ اديب ئي ڪري سگهي ٿو. ٻيو نه ڪري سگهندو.“ جي ايم سيد کي 14 سالن جي عمر کان علم ۽ ادب سان شوق هو. ان ڪتب خاني م گڏ ٿيل ان ذخيري ۾ سڀ کان وڌيڪ برصغير جي لڳ ڀڳ مڙني سياستدانن، اديبن، عالمن، اسڪالرن، سماجي ڪارڪنن، وڏيرن، پيرن، آفيسرن، شاگردن، عام ملازمن، دوستن احبابن ۽ مٽن مائٽن جا اهي سمورا خط، پوسٽ ڪارڊ ۽ تارون شامل آهن. جيڪي آخر عمر تائين سائين جي ايم سيد کي مختلف مقصدن، ڪمن ڪارين، ۽ ڪن پروگرامن واري حوالي سان موڪليا ويا هئا. هن ڪتب خاني ۾ ادارن ۽ سياسي جماعتن جو نه رڳو جڙڻ وارو رڪارڊ پر مقصد ۽ مول متن وارو مواد به موجود آهي. ڪتب خاني ۾ اهم ادارن ۽ انجمنن جي ميٽنگن اندر ٿيل بحث جو رڪارڊ، طئه ٿيل ڳالهين ۽ ظاهر ڪيل پاليسين جو پڻ مواد موجود آهي. سائين جي ايم سيد جون 1982ع کان 1985ع تائين باقائدگيءَ سان ۽ ان کان اڳ ايڪڙ ٻيڪڙ لکيل ذاتي ڊائريون پڻ قابل ذڪر موجود آهن. سائين جي ايم سيد جي ڪتب خاني ۾ ڦوٽن جو پڻ چڱو خاصو ذخيرو موجود آهي. سنڌ اندر هر قسم جا شايع ٿيل بي انداز پمفلت ۽ اشتهار پڻ ڪتب خاني ۾ موجود آهن. ان لائبريري ۾ علم دنيا، برصغير ۽ سنڌ جو تاريخي مواد مختلف انسائيڪلوپيڊيائن کان سواءِ مختلف مذهبن، مختلف ملڪن ۽ قومن جي ثقافتي ورثن، علم ۽ ادب، تعميراتي علم، سوشيالاجي، سائڪالاجي، علم فلڪيات، سميت زندگي جي هر شعبي سان وابسطه مواد موجود آهي. گهڻو ذخيرو علم سياست ۽ مذهب جي مواد جو آهي