جي ايم سيد جي ذاتي زندگي ۽ سن وارن جون ساروڻيون

خدابخش جويو

سينيئر رڪن
جي ايم سيد جي ذاتي زندگي ۽ سن وارن جون ساروڻيون
خدابخش جويو
* سائين جي ايم سيد ذاتي زندگيءَ ۾ انتهائي سادگي پسند انسان هو.

* صاف رهڻ ۽ وقت جي پابندي ڪرڻ سندس طبعيت ۾ شامل هو.

* سائين جي ايم سيد سن ۾ سنڌوءَ ڪناري قائم پنهنجي اوطاق تي سياري ۾ رات جو باه جو مچ ٻاري ڪچهري ڪندو هو، جتي سندس ڪيترائي هم عمر اچي گڏ ٿيندا هئا.

* 25 اپريل 1995ع کان پوءِ اهي ڪچهريون ختم ٿي ويون ۽ سندس انهن ساٿين مان ڪيترائي وفات ڪري ويا آهن. ايڪڙ ٻيڪڙ اڃا موجود آهن.

* سائين جي ايم سيد ڪجهه وقت ڏاڙهي به رکي هئي، بعد ۾ لاڳيتو ڪلين شيوِ ٿيندو رهيو. هو بنا آرسي جي ۽ پاڪائيءَ سان ڏاڙهي لاهيندو هو.

* سن واسي اڄ به سائين جي ايم سيد جون يادگيريون ساري ٿڌا ساهه ڀريندي چوندا آهن ته ”سائينءَ جون شفقت ڀريون محبتون وساري نٿا سگهون.“

* سن واسي مريد ملاح جو چوڻ آهي ته: سائين بزرگ اولياءُ هو. سائين سکر واري مسجد فتح ڪرڻ لاءِ سن مان ماڻهو وٺي هليو ۽ اها مسجد فتح ڪيائين.

* سيد قبول شاه جو چوڻ آهي ته: سائين جڏهن حال حيات هو ته سندس اوطاق تي ڪچهري ٿيندي هئي. هو سنڌ ۽ سن واسين لاءِ ڇپرڇانوَ هو، هاڻ اهي ڪچهريون ۽ محفلون نه ٿيون ٿين.

* سائين جي ايم سيد جو گارڊ رهندڙ سيد يار محمد جو چوڻ آهي ته سائين ڪڏهن به ڪنهن کي ڇڙٻ نه ڏيندو هو. آئون وٽس 28 سال خدمت ۾ رهيس پر ڪڏهن به ناراض نه ٿيو. وٽس جڏهن به مهمان ايندا هئا ته پاڻ پنهنجي هٿن سان کين ماني کارائيندو هو ۽ ماني کارائڻ کان سواءِ ڪنهن به مهمان کي نه چڏيندو هو. سياري توڙي اونهاري ۾ آيل مهمانن کي هنڌ کٽولا ڏئي، سمهاري، پوءِ پاڻ سمهندو هو.

* ناليواري شاعر مير محمد ميرل جويو جو چوڻ هو ته: سائين جي ايم سيد سان سندس عقيدت ۽ نيازمندي 1948ع کان هئي. سائين مون کي سن ۾ ماستري وٺي ڏني. تنهن ڪري سندس صحبت ۾ پورا 3 سال رهيس. جدي سعودي عرب ۾ 16 سال رهيس ۽ هر سال سائين جي سالگره ملهائيندو رهيس. نيٺ 1988ع ۾ سعودي حڪومت سائينءَ جي سالگره ملهائڻ جي ڏوهه ۾ مون کي پنهنجي ملڪ مان نيڪالي ڏئي ڇڏي. اتان جي حڪمرانن چيو ته اسان جي ملڪ ۾ ڪنهن جي سالگره ملهائن وڏو ڏوهه آهي.

* سيد حامد شاهه جو چوڻ هو ته: آئون اڪثر شاهه حيدر جي ميلي تي ملاکڙي ۾ ۽ سائين جي ايم سيد جي سالگره جي خوشيءَ جي موقعي تي نچندو هئس. سائين مون کي نچندي ڏسندو هوته ڏاڍو خوش ٿيندو هو.

* سنڌ جو مشهور ڊرامه آرٽسٽ ۽ اسٽيج ڊرامه هدايتڪار يونس سنائي جو چوڻ آهي ته: اسان سائينءَ جا پاڙيسري هئاسين ۽ ٻالڪپڻ ۾ سندس حويليءَ جي ڪشادي اڳڻ تي رانديون ڪندا هئاسين. سائين جي ايم سيد اڱڻ ۾ ڪرسيءَ تي ويٺو هوندو هو ۽ اسان ٻارن کي راند ڪندي شفقت ڀرين نگاهن سان ڏسندو رهندو هو. ڪڏهن، ڪڏهن مانيءَ جي وقت تي سڀني ٻارن کي پاڻ سان گڏ ماني به کارائيندو هو.

* حافظ ۽ استاد نبي بخش گراڻي جو چوڻ آهي ته: اسان کي پنهنجي وڏڙن ڳالهيون ٻڌايون هيون ته، سائين جي ايم سيد جامع مسجد جو بنياد رکيو جيڪا اڳ ۾ هڪ ننڍي مسجد هئي. شروعاتي دور ۾ سائين جي ايم سيد جامع مسجد جا پيش امام هوندا هئا. عيد ۽ جمعي جو خطبو پاڻ پڙهندا هئا.

سن شهر جي رهواسي ڪريم بخش ملاح جيڪو 1974ع ۾ بورڊ آف انٽرميڊيٽ اينڊ سيڪنڊري ايڊيوڪيشن لطيف آباد ۾ ڪلارڪ طور ڀرتي ٿيو. بعد ۾ سينئر ڪلارڪ بعد ۾ اسسٽنٽ ڪلارڪ ۽ آخر ۾ سپرينٽنڊنٽ ٿي رٽائرڊ ٿيو. سندس چوڻ آهي ته هو جڏهن 28 سالن جو ڇوڪر هو. ان وقت مون سائين جي ايم سيد کي پنهنجي ذاتي درياءَ واري بنگلي تي ڏ‎ٺو. چانڊوڪيءَ جي رات هئي سنڌو درياءُ پنهنجي عروج تي هو. سائين جي ايم سيد پيرن ڀر سنڌو درياءَ ڏانهن رخ ڪري سنڌو درياءَ ۾ چانڊاڻ ۾ حسين چمڪ وانگر گهري نظر سان پنهنجي اکين ۾ سمائي سنڌو درياءَ کي مخاطبق ٿيندي هي لفظ چوڻ لڳو ته ”اي منهنجا سنڌو- اي منهنجا سنڌو! ايڏي موج مستي نه ڪر. متان توکي ڪنهن جي نظر نه لڳي وڃي.“ ان چوڻ بعد مون ڏٺو ته سائين جي اکين مان لڙڪ جاري هئا.
 
Back
Top