سائين جي ايم سيد جي ڪچهري جا ساٿي خدابخش جويو سن ۾ هر روز سائين جي ايم سيد جي اوطاق تي شام 7 بجي کان رات 10بجي تائين ڪچهري ٿيندي هئي. ان ڪچهريءَ ۾ هڪ دفعو رات جو 8 بجي بي بي سيءَ جون خبرون ۽ ٻيو 10 بجي خبرون ۽ سيربين ٻڌبي هئي. ان ڪچهري ۾ مستقل شريڪ ٿيندڙن ۾ ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو، انجنيئر عباس لغاري، حڪيم محمد صالح ڪانڌرو، اوستو رجب ساند، محمد ايوب جويو، حاجي خميسو ڪانڌڙو، حڪيم گل محمد ملاح، سومر ڪمدار، آچر ڪمدار خاصخيلي، هارون پليجو، ابراهيم کماڻ، ماستر غلام قادر ملاح شامل هوندا هئا. ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو: هيءُ اصل ۾ شهر ڀيان جو رهواسي هو بعد ۾ هميشھ لاءِ منظورآباد ۾ رهائش اختيار ڪيائين. اڪثر ڪري سن ۾ سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندو هو. هو وڏي همت، جستجو ڪندڙ ۽ بي باڪ هو. سندس سورهيائي، ايمانداري ۽ سچائي مشهور هئي. هن ڪيترين ئي حڪومتن جا ظلم سٺا ۽ جيلن جون سختيون برداشت ڪيون. هن کي سنگين ڏوهن ۾ ڦاسائڻ جون به ڌمڪيون مليون پر هن ڪڏهن به آمريت جي اڳيان ڪنڌ نه جهڪايو. اها آمريت ڀلي ذوالفقار علي ڀٽي يا جنرل ضياءَ جي هجي، هن ڏاڍ اڳيان سر جهڪائڻ بدران سر ڪٽائڻ بهتر سمجهيو. هن پنهنجي زندگيءَ ۾ فقط هڪڙو ئي محبوب ٺاهيو جنهن سان هن کي بي انتها عقيدت ۽ پيار هو. اهو هو محترم جي ايم سيد. هن پنهنجي زندگيءَ جو مقصد ٺاهي ڇڏيو هو ته سڄي حياتي سيد ۽ سنڌ جي خدمت ڪرڻي آهي ۽ هي الاعلان چوندو هو ته دنيا ڪابه طاقت مون کي پنهنجي محبوب (جي ايم سيد) کان جدا نٿي ڪري سگهي. 1977ع واري سائين جي ايم سيد جي سالگرهه ۾ انجنيئر عباس لغاري جي دوستن فتح علي ڊي آءِ جي (ان وقت اي ايس پي) عبدالمجيد شيخ انجنيئر ايريگيشن دادو جيڪو بعد ۾ چيف انجينئر ٿيو، شرڪت ڪئي. انهن سمورن انجنيئر عباس لغاري کي چيو ته سائين جي ايم سيد برصغير جو وڏو سياستدان آهي. سندس سالگرهه وڏي پيماني تي ٿيڻ گهرجي. اها تجويز کڻي انجنيئر عباس لغاري ۽ ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو سائين جي ايم سيد وٽ آيا ۽ کيس چيو ته آئينده سالگره جي تقريب شاندار نموني ڪجي. اهڙي ڳالهه کان پوءِ سائين ساڻن وڌيڪ صلاح مشورا ڪيا. ان بعد سائين هڪ ڏينهن ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي ۽ انجنيئر عباس لغاري کي ساڻ وٺي اچي درياءَ جي بنگلي تي سندن تجويز تي عمل ڪرايو. عباس لغاري اسٽيج جون ماپون ورتيون ۽ سالگره جي لاءِ اسٽيج ٺاهڻ جو ڪم شروع ڪيو ويو. سالگره گرائونڊ ۽ اسٽيج جي ڪم جي نگراني ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي ۽ انجنيئر عباس لغاري حوالي هئي. سائين روزانه اچي معائنو ڪندو هو. 1978ع کان سائين پنهنجي سالگره ڌام ڌوم سان ملهائڻ جو رواج وڌو. جنهن ۾ سنڏ جا مشهور ڳائڻا، استاد منظور علي خان، عابده پروين، سهراب فقير، مٺو ڪڇي، وحيد علي، علڻ فقير، انور وسطڙو ۽ ٻيا شرڪت ڪندا هئا. ان موقعي تي رئيس ڪريم بخش نظاماڻي پنهنجي مخصوص انداز سان فنڪارن کي هدايتون ڏيندو هو. انجنيئر عباس لغاري: هيءُ 1975ع کان 1982ع تائين سن ۾ ايريگيشن جو اسسٽنٽ انجنيئر ٿي رهيو. سن ۾ رهڻ سبب سائينءَ کي سندس زندگيءَ جي آخري گهڙين تائين تمام ويجهو رهيو. هيءُ سائين جا ننڍا وڏا، حويليءَ جا ڪم، سندس دوائون، حيدرآباد مان سامان وٺڻ، سندس زمين جي پيداوار جو وڪرو، سائين ابراهيم جويي ڏانهن نياپا، سندس ڪتابن جو انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪرڻ ۽ سن کان ٻاهر جا ڪم سنڀاليندو هو. جڏهن سن ۾ بجلي نه هوندي هئي، رات جو اوطاق ٻاهران گاسليٽ تي فانوس ٻرندو هو ۽ ڏيهنهن جو هٿ جي جهلي جي هوا تي، سائين ٻاهرين اوطاق تي ويهي ايندڙ ويندڙ ماڻهن سان ڪچهري ڪندو هو ته غلام عباس انجنيئر، ماستر غلام قادر ملاح ۽ ڪڏهن ڪڏهن ڪاڪو علڻ ٿيٻو موجود هوندا هئا. انجنيئر عباس لغاري اصل ڳوٺ سعيد خان لغاري جو رهواسي آهي. سندس وڏن جو سائين جي ايم سيد سان واسطو هو. اڪثر ڪري سندن وڏڙا درياءَ جي هن ڀر ٻيڙين رستي اچي، مانجهند ريلوي اسٽيشن ذريعي سنڌ جي مختلف شهرن ۾ ڪم ڪار سانگي سفر ڪندا هئا. جڏهن به ڳوٺ کان درياءُ ٽپي هن ڀر ايندا هئا ته سن اچي سائين جي ايم سيد سان به ملاقات ڪندا هئا. جڏهن ڀاڻوٺ ۾ سيد ڌڻي بخش رحلت ڪري ويو ۽ سائين جي ايم سيد ان جي تڏي تي ويل هو ته ڳوٺ سعيد خان لغاري جا ٻه نوجوان ڀائر غلام عباس لغاري ۽ ڊاڪٽر نثار لغاري، اچي ساڻس مليا ۽ سائينءَ کي گذارش ڪيائيون ته هو سندن ڳوٺ سعيد خان لغاري هلي. سندن دعوت قبول ڪري. سائين سندن گذارش قبول ڪئي ۽ سائين ڳوٺ سعيد خان لغاري ۾ ويو، جتي سوين ماڻهن سائينءَ کي ڏسڻ لاءِ گڏ ٿي ويا هئا. هي اهو ئي نوجوان هو، جيڪو سائين کي دعوت ڏئي پنهنجي ڳوٺ سعيد خان لغاري وٺي ويو هو، جنهن جي انجنيئرنگ ڪاليج ڄامشوري مان گريجوئيٽ ڪرڻ بعد پهريون دفعو 1975ع ۾ سن ۾ پوسٽنگ ٿي. سائين جي ايم سيد جي حويليءَ اندر اوورٽينڪ ۽ سالگره گرائونڊ ۾ ٺهيل اسٽيج به هن جي نگرانيءَ هيٺ ٺهيا هئا. ان ڪم ۾ صلاح مشورو انجنيئر غلام حسين ميمڻ ۽ ڪاڪي علڻ خان ٿيٻي سان به ڪيو ويو هو. سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۾ سياست، مذهب، فلسفو سميت ڪيترائي موضوع زيربحث هوندا هئا پر ڳالهه ڦري سري وري به اچي سنڌ جي ٿيندي هئي. سائين جي ايم سيد جا انجنيئر عباس لغاري سان پرسنل تعلقات هئا. هڪ دفعي ڳوٺ سعيد خان لغاري ڳوٺ مان ڪجهه ماڻهن اچي سائينءَ سان انجنيئر عباس لغاري جي شڪايت ڪئي. تڏهن سائينءَ کين اهو چئي واپس ڪيو ته عباس کي مان چڱيءَ طرح سڃاڻان ٿو. اوهان جي هن سان جعلسي ان بنياد تي آهي جو هو لکيل پڙهيل آهي. سائين جي ايم سيد جڏهن به ڪنهن جي شادي يا غميءَ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ روانو ٿيندو هو ته انجنيئر عباس لغاري، ڪاڪو علڻ خان ٿيٻو ۽ ماستر غلام قادر ملاح سڻن گڏ هوندا هئا. سائين جي ايم سيد نظربنديءَ دوران به اهڙن موقعن تي سرڪار کان اجازت بعد شرڪت لاءِ ويندو هو. نظربندي دوران هڪ دفعي علي قطب شاهه جي گهرواري جي وفات تي فاتح لاءِ ميرپورخاص روانو ٿيو. واپسيءَ تي رات ٿي وڃڻ سبب سن بجاءِ حيدرآباد ۾ انجنيئر عباس لغاري جي جاءِ تي اهو چئي رهي پيو ته مون کي اکين جي علاج لاءِ هتي رهڻو آهي. ان دفعي انجنيئر عباس لغاري جو بنگلو جيڪو ايريگيشن ڪالوني حيدرآباد ۾ هو، ان کي سب جيل قرار ڏنو ويو. هڪ دفعو ٻيهر لغاري صاحب جو بنگلي کي ان وقت سب جيل قرار ڏنو ويو جڏهن سائين حيدرآباد ۾ پنهنجي ڏندن جو علاج ڪرائڻ آيو هو. اهڙيءَ طرح عباس لغاري جي ٽيون دفعو بنگلي کي سب جيل قرار ڏنو ويو جڏهن سائين جي ايم سيد جي پوٽي سيد ضياءَ شاهه جي شادي ٿي هئي. جنهن جو انتظام عباس ڀائي پارڪ ۾ ٿيو هو ۽ سائين سندس رهائش گاهه تي ترسيو هو. سائين جي ايم سيد جڏهن به شاهه اويس پمپنگ مشين تي پنهنجي زمينن ۽ ريلوي اسٽيشن کان مٿي پنهنجي ٻنين تي ويندو هو ته به انجنيئر عباس لغاري ۽ ماستر غلام قادر ملاح ساڻس ساٿ ۾ هوندا هئا. انجنيئر عباس لغاري جي سائين جي ايم سيد ۽ سندس سمورن فيملي ميمبرن ۽ سن سان والهانه محبت هئي. ايتري قدر جو جڏهن هن جي شادي ٿي ته وليمو سن ۾ ڪيائين. اها وليمي جي تقريب سائينءَ جي درياءَ واري بنگلي تي ٿي. جنهن ۾ ارشاد علي شاهه چيئرمين، نظر محمد بلوچ ميمبر بورڊ، ايريگيشن جا اعليٰ آفيسر، فتح علي خواجا (ايس پي)، لال خان لغاري، طفيل محمد ملڪاڻي ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي هئي. انجنيئر عباس لغاري کي سائين جي ايم سيد جي پڳدار پٽ سيد امير حيدر شاهه زمين جي تهن مان ڪڍي آسمان تي پهچايو. سيد امير حيدر شاهه جو پڳدار پٽ بدرالزمان سندس پرسنل دوست آهي ۽ ان جي فرزند سيد منير حيدر شاهه سان تمام گهاٽا تعلقات اٿس هو سندس والدين جهڙي عزت ڪندو آهي. انجنيئر عباس لغاري لاءِ سيد امداد محمد شاهه جا ڪمينٽس هوندا هئا ته هو سندن وفادار فيملي ميمبر آهي. لغاري صاحب سائين امداد محمد شاهه جي صلاح سان پنهنجي ڌيءُ کي حيدر منزل ڪراچي ۾ پڙهائي دوران رهايو. جتي سائين امداد محمد شاهه سندس ڌيءُ کي روزانه 50 روپيا خرچي ڏيندو هو. سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سيد ضياءَ شاهه، سيد زين شاهه به سندس اها ئي عزت ڪندا آهن، جيئن سندن وڏا هن جي عزت ڪندا آهن. انجنيئر عباس لغاري، سائين جي ايم سيد جي پوئلڳي ڪندي پنهنجي ٻن نياڻين کي لنڊن ۾ پڙهڻ لاءِ موڪليو. سندس وڏي نياڻي بئريسٽر سسئي عباس لا چئمبر لنڊن ۾ ڪم ڪري ٿي. سندس ننڍي نياڻي سهڻي عباس نيئر اڪائونٽنٽ ملٽي نيشنل ڪمپني ۾ ڪم ڪري ٿي. انجنيئر عباس لغاري ايم ڊي سيڊا ۽ چيف انجنيئر ڊولپمينٽ ريجن به رهيو. پاڻ 2011ع ۾ رٽائر ڪيائين. حڪيم محمد صالح ڪانڌڙو: 1937ع کان حڪمت جو ڪم ڪندو هو. ابتدا ۾ هڪ هندو پساريءَ کان نسخا ورتائين پوءِ حڪيم گل محمد، حڪيم سيد حيدر شاهه (قاضي احمد واري) مولوي نور محمد نورائي (سکر واري) حڪيم حبيب الله شاهه (جيڪب آباد واري) کان نسخا حاصل ڪيائين. سائين جي ايم سيد جو سچو خدمتگار ۽ عقيدتمند هو. اوستو رجب ساند: سڄو ڏينهن رازڪو ڪم ڪري رات جو روزانه سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ ايندو هو. سياڻو، سچو، سادو هو. هن جي سائين جي ايم سيد سان روحاني محبت هئي. محمد ايوب جويو: هن جي اصل کان وٺي ننڍي هوندي کان ئي، سائين جي ايم سيد سان محبت هئي. هي روڊس کاتي ۾ بيلدار هو، پنهنجي ڊيوٽي ڏئي، رات جو سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۾ لازمي ايندو هو. حاجي خميسو ڪانڌڙو: هي حڪمت جو ڪم ڪندو آهي. مانجهند ۾ 40 سالن کان دواخانو هئس. هي سائين جي ايم سيد کي روحاني رهبر سمجهندو آهي. روزانه مانجهند مان اچي سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندو هو. سندس گهر سن ۾ آهي. هي بي باڪ ۽ صاف گو ۽ سڌي ڳالهه ڪرڻ وارو شخص آهي. هي ڪچهري ۾ ڪڏهن ڪا ڏکي ڳالهه به ڪري وجهندو هو. پر سائين ان جي ڳالهه کي به هضم ڪري وٺندو هو. حڪيم گل محمد بادلاڻي: هيءُ حڪيم هو، سندس دواخانو سن ۾ هو ۽ حڪيم محمد صالح ڪانڌڙي جو استاد هو. هيءُ سائين جي ايم سيد جي حويليءَ جو خاص ۽ سچو ماڻهو هو. هيءُ علاج ڪرائيندڙ مريضن کان مليل اجوري مان هڪ رپئي تي چار آنا، جي حساب سان روزانه غريبن کي ڏيندو هو. ڪچهريءَ ۾ کل ڀوڳ ۽ خوش مزاج ماڻهو هو. سومر ڪمدار: سخي دل انسان ۽ سچو هو، ڪنهن به هاري کي تنگ نه ڪندو هو. هن کي سائين جي ايم سيد جي زمين جي رڪارڊ جي پوري معلومات هئي. سائين جي ايم سيد جا ڪمدار ته ٻيا به هئا پر هيءُ چيف ڪمدار هو. بصر مل: هيءُ رٽائرڊ استاد هو، سائين جي ايم سيد جو منشي هو، هي هندو هو پر عربي ۽ فارسي جو وڏو ڄاڻو هو. هن کي اسلام ۽ هندو مذهب جي وڏي ڄاڻ هئي. ڌڻي بخش ملاح: هيءُ رٽائرڊ استاد هو. سائين جي ايم سيد جي زمينن ۽ سائينءَ جي لکيل ڪتابن جي سمورن قلمي نسخن جو محافظ هو. جيڪي سندس نگرانيءَ ۾ هوندا هئا. سائين محمد اسماعيل سولنگي: هيءُ گورنمينٽ پرائمري اسڪول سن جو هيڊ ماستر ٿي رٽائرڊ ٿيو. سائين جي ايم سيد جي لکيل ڪتابن کي فيئر ڪندو هو. هن جي لکائي تمام خوبصورت هوندي هئي ۽ بهترين ڪاتب هو. هو سائين جي لکيل ڪتابن جون پنج ڇهه ڪاپيون لکندو هو، ڇاڪاڻ ته ان وقت ڦوٽو اسٽيٽ جو وجود نه هو. هي سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ هفتي ۾ ٻه يا ٽي دفعا ايندو هو . هڪڙو ڪم ڪري ڏئي وري ٻيو ڪم هٿ ۾ کڻندو هو. هي گهڻ ڳالهائو نه هو، خاموش طبعيت رکندڙ هو. آچر ڪمدار: هيءُ سائين جي ايم سيد وٽ ٻاهران ايندڙ مهمانن جو خاص خيال رکندو هو. سائينءَ جي سمورن بنگلن جي سار سنڀال رکندو هو. هي مخلص ۽ سچو انسان هو. رات اڌ رات ايندڙ مهمانن جي ديک ڀال ڪندو هو. هي سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ هر وقت حاضر هوندو هو. هارون پليجو: هيءُ سادو انسان ۽ اڻ پڙهيل هو هي ننڍپڻ کان وٺي پيريءَ تائين سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. هي ديهه بگ جي سنڀال پڻ ڪندو هو. ابراهيم کماڻ: هيءُ مزدور ماڻهو هو، درياءَ جي ڪناري ڪچيون سرون هڻي گذر سفر ڪندو هو. پر هر روز شام جو سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ سائين جي ايم سيد جي خدمت ۾ هر وقت بنا اجوري جي حاضر هوندو هو ۽ سائينءَ کي زور به ڏيندو هو. وزير احمد سولنگي: هيءُ شريف انسان، سائين جي ايم سيد جي صدقِ دل سان خدمت ڪندو هو. هي هاءِ اسڪول ۾ ڪلارڪ هو . شام جو روزانه سائين جي ڪچهري ۾ حاضر هوندو هو. سائين جي ايم سيد کي حيدرآباد يا ڪنهن ٻئي شهر مان سامان سڙي جي ضرورت پوندي هئي ته کيس موڪليندو هو. حاجي محمد صديق ميمڻ: هيءُ ايريگيشن آفيس سن ۾ هيڊ ڪلارڪ هو. هيءُ اصل مانجهند جو ويٺل هو. پر نوڪريءَ جي ڪري اڪثر سن ۾ رهندو هو. روزانه سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو. هي سالگره ۽ ٻين سرگرمين جي تقريبن جي ڊيڪوريشن ۽ سينگار ۽ انتظامن جي نگراني ڪندو هو. هي اڄ ڏينهن تائين به سائينءَ جي پونئرن سان نڀائيندو اچي. فقير امام بخش سرائي: هيءُ سائين جي ايم سيد جو شيدائي هو. اڪثر شام جو سندس ڪچهريءَ ۾ شريڪ ٿيندو هو ۽ پاڻ کي لطيف سرڪار جو فقير سڏائيندو هو. جڏهن سائين جي ايم سيد جو لکيل ڪتاب ”جيئن ڏٺو آ مون“ ڇپجي پڌرو ٿيو ته ڪٽر ملن ۽ پيرن سائينءَ جي خلاف واويلا مچائي ڏني. پير ابراهيم خليل نالي هڪ شخص سائينءَ خلاف ”سنڌ سونهاري“ نالي ڪتاب لکي ڇپرايو. جنهن کي پهريان عثمان ڏيپلائي ” شيخ المشائخ“ ڪتاب لکي جواب ڏنو. بعد ۾ فقير امام بخش سرائي فقير ڀٽ شاهه ان کي پمفليٽ لکي جواب ڏنو هو. خالد جويو: هيءُ ماڻهن جي اسپتال ۾ ڊسپينسر هو. ڳالهين جو کرو، جويا محلي وارا کيس عزت جي نگاهه سان ڏسندا هئا. هر روز شام جو سائين جي ڪچهري ۾ حاضر ٿيندو هو.