سائين جي ايم سيد جا خدمتگار خدابخش جويو ماستر غلام قادر ملاح: ماستر غلام قادر ملاح پيشي جي لحاظ کان پرائمري استاد هو ۽ پرائمري اسڪول ۾ پڙهائيندو هو. ان دوران پارٽ ٽائيم طور سائين جي ايم سيد وٽ منشيءَ طور ڪم ڪرڻ لڳو. رٽائرمينٽ حاصل ڪرڻ بعد فل ٽائيم سائين جي ايم سيد وٽ ڪم ڪرڻ لڳو ۽ کيس سائين جي ايم سيد جي خاص خدمتگار جي حيثيت ملي. اڪثر قومي ڪارڪن سندس احترام ڪندا هئا ۽ هو پڻ سڀني کي عزت ۽ مان ڏيندو هو. سن ۾ سائين جي ايم سيد وٽ اڪثر دانشور، اديب، ساڃاه وندن ۽ سياسي ورڪرن جو ميلو متل هوندو هو. جيئن ته سائين جي ايم سيد پاڻ هڪ وڏو مهمان نواز هو. ۽ سندس وٽ هر ايندڙ لاءِ ننگر ۽ رهائش جو انتظام پڻ هوندو هو. ان سلسلي ۾ ماستر غلام قادر سموري ڪم جي نگراني پڻ ڪندو هو. سڄي سنڌ جا قومي ڪارڪن کيس سڃاڻندا هئا ۽ هو پڻ هرهڪ کان واقف هوندو هو. سائين جي ايم سيد جي سالگره جي موقعي تي جڏهن سموري سنڌ مان وڏي تعداد ۾ قومي ڪارڪن ڪٺي ٿيندا هئا ته حسب روايت شهر جي سمورين اوطاقن جي مالڪن کان اوطاقون پنهنجي تحويل ۾ وٺي ا تي انهن جي رهائش جي بندوبست پيئڻ جي پاڻي، بسترن ۽ رات جو پيئڻ لاءِ کير جو بندوبست ڪرڻ ۽ کاڌي پيتي جا انتظام سندس قيادت ۾ ٿيندا هئا. انهن سمورن ڪمن کي سر انجام ڏيڻ لاءِ هو هڪ مهينو اڳ ۾ سرگرم ٿي ويندو هو. سن جي آس پاس جي ڳوٺن ۽ شهر جي چڱن ماڻهن سان رابطو ڪري کانئن کٽون ۽ بسترا حاصل ڪندو هو. سن ۽ آس پاس جي ڳوٺن ۾ وڃي مالوند ماڻهن کي کير آڻڻ لاءِ پابند ڪندو هو. 17 جنوري تي ٿيندڙ سائين جي ايم سي جي سالگره جي موقعي تي شهر جي سمورين اوطاقن تي هنڌ بسترا، کٽون رکرائي، هر هڪ اوطاق تي جيترن به قومي ڪارڪنن جي رهائش جو بندوست ڪندو هو، اوترن لاءِ کير جو بندوبست به ڪندو هو. اڪثر اوطاقن تي کير جا ڀريل مٽ ۽ دلا رکرائيندو هو. گهڻي مقدار ۾ کير هر اوطاق تي موجود هوندو هو. سندس ان ڪم ۾ تاج جويو به هٿ ونڊائيندو هو. ماستر غلام قادر سائين جي ايم سيد کي ضعيف عمري جي ڪري اٿارڻ، ويهارڻ ۽ کيس تيار ڪرائڻ ۾ مددگار هوندو هو. هو سائين جي ايم سيد سان گهڻو وقت گڏ رهڻ ڪري سندس خيالن ۽ نظريي کان اهڙو واقف ٿي ويو هو جو ڪنهن به دانشور، اديب ۽ لکئي پڙهئي ماڻهوءَ سان گفتگو دوران کيس ڳالهين ۾ لاجواب ڪري قائل ڪري وجهندو هو. سائين جي ايم سيد سان قيد و بند توڙي نظربندي ۽ سفر دوران ماستر غلام قادر لازم ملزم هوندو هو. هو سائين جي ايم سيد جو اهڙو بااعتماد وارو شخص هو جو سائين جي ايم سيد سان ملڪ جي ڪهڙي به شخصيت جي ملاقات يا سياسي گفت و شنيد دوران به موجود هوندو هو. هو سادي شخصيت جو مالڪ هو سندس سڃاڻپ پڌري هوندي هئي. مٿي تي اڇو پٽڪو ۽ سائين جي ايم سيد جي سنت ادا ڪندي اڪثر اڇي رنگ جا ڪپڙا پائيندو هو. سائين جي ايم سيد جي حياتي جي آخري لمحن تائين ڪراچي جي جناح اسپتال کان وٺي سينٽرل جيل ڪراچيءَ تائين خدمتگار طور موجود رهيو. کيس اولاد نه ٿيو. سائين جي ايم سيد جي وفات کان پوءِ اڪثر ويڳاڻو رهندو هو. 1998ع ۾ دل جي دوري پوڻ سبب وفات ڪري ويو. سندس آخري آرمگاه سن ۾ شاهه حيدر جي قبرستان ۾ آهي. وڏيرو احمد بخش چانڊيو: وڏيرو احمد بخش ولد وڏيرو حاجي شاه بيگ خان چانڊيو، اصل ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا، لڳ نورپور جا ويٺل هئا. سندس ڳوٺ سال 1956ع ۾ سنڌو درياءَ جي ٻوڏ جي ڪري تباهه ٿي ويو. جنهن ڪري ڳوٺ ڪوٽائي چانڊيا جا ڳوٺاڻن لڏي اچي ڪاري واهه جي ٻنهي ڪپرن تي پناهه ورتي. وڏيرو احمد بخش چانڊيو، حاجي شاه بيگ چانڊئي جو ٻيو نمبر فرزند هو ۽ هن جي والد صاحب جا سائين جي ايم سيد سان تمام سٺا سماجي لاڳاپا هئا ۽ ان وقت ۾ ڏکئي، سکئي وقت ۾ سائين جي ايم سيد کي ڪم ڪار ۾ مددگار ٿيندو هو. ان ڪري سائين جي ايم سيد وٽ هن جي وڏي عزت هوندي هئي. سندس گذاري وڃڻ کان پوءِ، سٺي ڪارڪردگي جي بنياد تي حاجي شهبيگ چانڊيي جي ٻئي نمبر فرزند وڏيري احمد بخش چانڊيي کي ڪوٽائي چانڊيا برادري ۽ بين راڄن جي چڱن مڙسن توڙي سائين جي ايم سيد جي طرفان گڏيل طور تي پڳ ٻڌرائي وئي. جيڪا هن خوش اصلوبيءَ سان قبول ڪئي ۽ سائين جي ايم سيد پنهنجي ديهه نورپور ۾ زمين جي سار سنڀال لهڻ جي ذميواري پڻ هن جي حوالي ڪئي هئي. جيڪا هن آخري دم تائين بهتر طريقي سان نڀائي. محمد سومار پليجو: هيءُ سن جي پليجا برادري جو چڱو مڙس هو. هو سائين جي ايم سيد جون زمينون سنڀاليندو هو زمينداري ڪم ڪار ۾ سندس استاد حڪيم گل محمد بادلاڻي هو. سندس قبيلي جا ماڻهو مٿس وڏو اعتماد ڪندا هئا ۽ شهر ۾ پليجا برادري سان تعلق رکندڙ سندس صلاح ۽ مشوري جا پاڻ کي پابند سمجهندا هئا. سندس قبيلي جا ماڻهو زراعت سان وابسته هوندا هئا جيڪي پنهنجي ٻني ٻاري ۾ ڏينهن رات مشغول هوندا هئا. سن ۾ سندس هٿ هيٺ پليجا برادري متحد هوندي هئي ۽ ايمانداري ۽ سادگيءَ سان هر ڪنهن سان پيش ايندا هئا. محمد سومار جي شخصيت جو اهو اثر هو جو سندس قبيلي جا ماڻهو سندس حڪم کان ٻاهر نه ويندا هئا. هو پاڻ کي سائين جي ايم سيد جي خاندان سان شاهه حيدر جي زماني کان وابستگي تي فخر ڪندو هو ۽ چوندو هو ته اسين ان خاندان سان واسطو رکون ٿا. جڏهن مخدوم بلاول جي حڪم موجب سيد حيدر شاهه سنائي ڪڇ طرف لڏي ويل هو. جتي هن ڪافي معتقد پيدا ڪيا ۽ ساڻس سندس خليفو ميان عبداللطيف شيخ ساڻ هو ۽ جڏهن هو موٽي وطن (سن) ۾ آيو ته سندس معتقدن مان ٻه ڄڻا حاجي اسماعيل ۽ ابراهيم پليجا ساڻس گڏجي سن ۾ آيا هئا. اسين پليجن جو راڄ ان خليفه ابراهيم جي اولاد مان آهيون. اسان جي سيد خاندان سان ڏينهن قيامت تائين وفاداري رهندي. محمد سومار پليجو سائين جي ايم سيد جون 3 ديهون زراعت لاءِ سنڀاليندو هو. سائين جو هو خاص اعتماد وارو ماڻهو هو. هو سائين جي ايم سيد جي جيل ۽ نظربنديءَ دوران سڄو ڪاوهنوار سنڀاليندو هو. مستري محمد ابراهيم خاصخيلي: هيءَ سائين جي ايم سيد جي گاڏيءَ جو ڊرائيور هو. شروع ۾ ڪار يا جيپ هلائيندڙ کي مستري سڏيو ويندو هو. جڏهن سکر مسجد منزل گاه وارو واقعو ٿيو هو ته هي ۽ سندس ڀاءُ آچر جمعدار سائين جي ايم سيد سان گڏ سکر ويل هئا. سندن لاءِ مشهور آهي ته وٽن منهن ڀرڻ واريون بندوقون هنيون ۽ ان واقعي ۾ منهن ڀرڻ وارين بندوقن سان هوائي فائر ڪيا هئا. جنهن سبب هندو اتان ڀڄي ويا هئا. راهب ڇڇر: هي اصل نورپور جو رهواسي هو، سادو انسان ۽ گهٽ ڳالهائو هو، ڪنهن کي به رنج نه پهچايائين. سائين جي ايم سيد جي نورپور ديهه ۾ زمين جي سنڀال ڪندو هو. هي حڪمت جو به ڪم ڪندو هو سندس استاد حڪيم نارائڻ داس مانجهند وارو هو. نظر علي شاهاڻي: هي اصل مجيد ڪيرئي جو ويٺل هو، ڪن سببن جي ڪري سن لڳ ديهه ڀاڏر ۾ رهائش پذير ٿيو. آخر ۾ سائين جي ايم سيد جي زمين تي ڪمداريءَ جو ڪم به ڪيائين. پنهنجي قبيلي ۾ هڪ ساک وارو ماڻهو ليکيو ويندو هو. لکانو پليجو: هي سچ گو ۽ فصل جي گهٽ وڌ ٿيڻ جي اڳواٽ اڳ ڪٿي ڪندو هو. حساب ڪتاب جو وڏو ڄاڻو هو. ياد ۽ آڱرين تي حساب ڪتاب ڪندو هو. فيٿ کان سواءِ اندازي تي ڪاني سان زمين جي ماپ ڪندو هو. ان ڪم ۾ اهڙو ماهر هو جو جيڪڏهن سندس ڪيل ماپ کي فيٿ کڻي ماپيو ويندو هو ته تر جو تفاوت نه ٿيندو هو. ماستر حاڪم ڇڇر: هي پرائمري استاد هو، شروع کان ساز سرور سان دل لڳل هئس. شونق ۾ باجو وڄائڻ به سکيو. اڄ به سن ۾ شاهه حيدر جي درگاه يا ڪنهن ٻي محفل ۾ فنڪار کيس باجي وڄائڻ لاءِ وٺي ويندا آهن. رٽائرڊ ٿيڻ کان پوءِ سائين جي ايم سيد جو منشي به رهيو. مير محمد عرف ميرڻ جويو: هي بهترين توبچي هو، وٽس جرمني برانڊ جي بندوق هئي. جيڪا ان زماني ۾ سٺن شونقينن وٽ هوندي هئي. هن جي فن جو ڪمال اهو هو ته اڏامندڙ پکي کي نشانو ڪندو هو ۽ اهڙيءَ طرح مٿي آسمان ڏانهن ڇريءَ کي اڇلائي به نشان ڪندو هو. هي اڪثر سائين جي ايم سيد سان گڏ سير، شڪار ڪرڻ وقت گڏ هوندو هو. سکر مسجد منزل گاه واري واقعي ۾ به سائين سان گڏ هو. جڏهن ڦونو گرام تي ماڻهو موسيقي ۽ ڪلام ٻڌندا هئا تڏهن هن وٽ سٺي ڪوالٽي جو فونو هوندو هو. وٽس سوين رڪارڊ موجود هوندا هئا. سن ۾ هي واحد ماڻهو هو جنهن وٽ سڀ کان پهرين فونو گرام هوندو هو. محمد بخش ملاح: هيءُ پهرين ٻيڙين تي مزدوري ڪندو هو، جنهن بعد سائين جي ايم سيد جي حاضريءَ ۾ خدمتگار طور کيس سيد جلال محمود شاهه مقرر ڪيو، جيڪو اڄ ڏينهن تائين پاڻ ۽ سندس پٽ دلشاد خدمت سرانجام ڏئي رهيا آهن. مرحومه مائي جنا: هيءَ حويليءَ ۾ رڌ پچاءُ جي ڪم تي مامور هئي. هر وقت مهمانن جي تعداد جو ڪاٿو لڳائيندي هئي، بي باڪ، بي لوث خدمتگار هئي. ڪنهن وقت ڏکيا ۽ تکا لفظ به منهن تي چئي ڇڏيندي هئي. جنهن کي هرڪو درگذر ڪري ڇڏيندو هو. هن پنهنجي سموري حياتي سيد فيملي جي خدمت ۾ گذاري. مائي عظيما: هيءَ عورت حويليءَ ۽ مائي جنا جي ماتحت بورچيخاني ۾ صفائي، سٿرائي ۽ ٿانون مَلڻ جو ڪم ڪندي هئي. هن جو عقيدو اهو به هوندو هو ته پاڻ يا سندس گهر ڀاتي، جڏهن به بخار يا ناچاڪائي مان گذرندا هئا ته هيءَ، حويليءَ ۾ پوکيل قديم ڪنڊيءَ جو ڇوڏو لاهي، ان بيمار کي ڳچيءَ يا ٻانهن ۾ ٻڌندي هئي. سندس چوڻ هو ته ايئن ڪرڻ سان ناچاڪائي ختم ٿيو وڃي. هن به پنهنجي سموري عمر اتي خدمت ڪندي گذاري. هن وقت حويليءَ ۾ مائي حميده پليجو ۽ مائي سومري پنهنجو خدمتون سرانجام ڏئي رهيون آهن.
سٺي معلومات .... سائين جي ايم سيد جي ڪچهري ۽ ماڻهن بابت اڪثر اسان جو دوست پنهل لاکو ٻڌائيندو رهندو آهي، جيڪو به سائين جن جو خدمتگار رهيو آهي. سندن خانداني ڪم واڍڪو ڪم آهي ۽ سندس خاندان ئي گهڻو ڪري سندن جاين جا ڪم ڪيا آهن. ڳوٺ گائنچا جو رهاڪو آهي ۽ سن بابت گهڻي خبر اٿس، مان سندن ڳوٺ ۾ رهيو آهيان ۽ سن به اڪثر اچڻ ٿيندو آهي پر صرف سائين جي ايم سيد جي تربت تائين محدود آهيون.
سائين، سليمان وساڻ صاحب، پنهل ۽ عٿمان لاکو جو خاندان ڪارپينٽر جا شاه ڪاريگر رهيا آهن،مون پنهنجي سانڀر ۾ هنن ٻنهي نوجوانن جي وڏن کي به ڪم ڪندي ڏٺو. اها حقيقت آهي ته سيد جي نه رڳو سن پر ڪراچي ۽ ڄامشوري وارين جاين ۾ سندن ڪمال جو فن جا شاهڪار موجود آهن. سندن اصل ڳوٺ گائينچا آهي. پر هي ذهين ڪاريگر آهن. دنيا ۾ واڍڪي ڪم ۾ ايندڙ تبديلين مطابق ڪم ڪندا آهن. ڳوٺ گائينچا جي لاکن مان محمد صالح لاکو وڏو ڪاريگر هو. هو روشن خيال ماڻهو هو. اسان جي علائقي ۾ سندن هنر جي قدرداني گهٽ هجڻ ڪري کين ڪراچي وسائڻي پئي.سائين جي ايم سيد جي جاين ۾ ڪاٺ جو ڪم سندن هٿن جو ٿيل آهي. هو به سائين جي ايم سيد جي ڪچهرين مان مستفيض ٿيل هو. مون ”سائين جي ايم سيد جي ڪچهري جا ساٿي“ ۾ صرف مستقل ايندڙن جو ذڪر ڪيو آهي. سندن ڳوٺ وڏا گائينچا ۾ تاريخي ڍنڍ هئي پرحالتن جي تبديلي سبب ختم ٿي وئي. ان ڳوٺ جا رهواسي ساداسچا ۽ کرا ماڻهو آهن. مون پنهنجي ناظمي دور ۾ ان ڳوٺ کي واٽر سپلا اسڪيم ڏني. ۽ انڊس ها وي کان ڳوٺ تائين لنڪ روڊ جي مرمت جو ڪم ڪرايو هو. تاريخي طور گائينچن جو هڪ وڏو ڪردار رهيو آهي. شاه حيدر سنائي جوگائيچن جي راڄ مان خليفو ڀنڀڻ آرياڻي هو جو (لنگر) بورچيخاني جي ڪم تي هو سندس مقام ڪلري ڳوٺ جي مٿان آهي جتي هر مهيني 14 تاريخ ماڻهو زيارت تي ويندا آهن. هي مقام عدم توجه جو شڪار آهي. اتي قبرن ۽ مقبرن تي پٿر تي اهڙو ئي اڪر جو ڪم ٿيل آهي جهڙو ڪراچي ۾ چوڪنڊي ۽ مڪلي قبرستان تي ٿيل آهي،