سنڌ قومي اتحاد جو جڙڻ

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏25 فيبروري 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    سن مان آواز اڀريو (سنڌ قومي اتحاد جو جڙڻ)
    خدابخش جويو
    پنجاب جي واويلا ۽ سنڌ اندر رهندڙ سنڌ دشمن ڌرين جي سازشن جي باوجود سنڌ جي سڄڻن، پنهنجا ويڇا وساري پاڻ ۾ کير کنڊ ٿي ”سنڌ قومي اتحاد“ نالي سان سنڌي قوم جي هڪ نئين اتحاد کي جنم ڏنو.

    20 مئي 1988ع جو اهو تاريخي ڏينهن هو، جنهن ڏينهن تي سڀني جي هڪ واٽ هئي ۽ اها واٽ سنڌوءَ جي ڪناري تي وَسندِي ”سن“ ڏانهن وئي هئي. جتي سنڌين جي وڏي اتحاد جو سپنو سانڀيان ٿيو.

    سنڌ جي تاريخ ۾ اها عجيب هڪجهڙائي رهي آهي ته، جڏهن به سنڌ تي ڏاڍ ۽ ڏمر ٿيو ته سنڌ جي ماڻهن، سنڌوءَ جي ڪناري وارن علائقن مان ويهي، پنهنجي قومي جنگ جوٽڻ جون حڪمت عمليون جوڙيون آهن.

    80 واري ڏهاڪي ۾ سنڌ مٿان ڏاڍ ۽ ڏهڪاءَ جا ڪارا ڪڪر ڇانيل هئا ۽ سمورا سرواڻ وڃي سنڌوءَ جي ڪپ تي گڏ ٿيا هئا. سنڌين جو اهو اتحاد اوچتو ڪو حادثو نه هو. اهو اتحاد وڏن، ڊگهن، مرحلن ۽ ارتقائي عملن مان گذرڻ کان پوءِ ٺهيو هو. سنڌي قوم چاليهه، ٻائيتاليهه ورهين کان، خصوصي طور گذري ويل ڏهاڪي کان وٺي جيڪي ڪجهه ڀوڳيو هو، انهن اذيتن ۽ پيڙائن سنڌي قوم جي قومي شعور ۾ قومي جمهوري تبديلي آندي هئي ۽ اهوئي ئي اذيتن جو احساس هو، جنهن قوم کي قدم، قدم تي ايڪي ۽ ٻڌيءَ جي ٻنڌڻن ۾ جڪڙيو. سنڌي انهن ٻنڌڻن ۾ ٻڌجڻ لاءِ آتا هئا ڇو ته اهي ٻنڌڻ، غلاميءَ جا نه پر روشنيءَ ڏانهن وٺي ويندڙ قافلي جا هئا.

    قوم کي واسينگن جي ور چڙهندو ڏسي، سنڌ جي سرواڻن وک وک تي واڪا ڪيا ۽ ٻاٽ اونداهيءَ ۾ ڏياٽيون ٻاري واٽ ڏيکارڻ جي ڪوشش ڪيائون. انهيءَ ڪوشش ۾ سندن سوچ ۽ فڪر جي ڪرڻن مان ڦٽي نڪتل سن _سرواڻ سٿ هو .

    هونئن ته مختلف تنظيمن جو ڪنهن نه ڪنهن نموني سان ساٿ هلندو پئي آيو هو، جيئن سنڌي، بلوچ، پشتون فرنٽ ۽ جيئي سنڌ تحريڪ ۽ ٻين قوم پرستن ڌرين جو پاڻ ۾ ڪو به باضابطه ٺاهه نه هو پر پوءِ به سندن وچ ۾ سنڌ پرستي جو سٻنڌ هو. اهڙي سٻنڌ هوندي به سڀ ثڙيل پکڙيل هئا .

    سنڌين ۾ پنهنجي شهرن ۾ ئي، اوپرائپ جو احساس وڌي ويو هو ۽ سندن چهرن تي نراسائي ڇانيل هئي. ۽ ان ويل سن مان سيد جو سڏ اڀريو! ۽ سڄي سنڌ جي سمورن گهڻ گهرن ان سڏ کي ورنايو. هڪ صديءَ جو سياسي تجربو ۽ جديد سنڌي قوم جو نظريو ۽ سياسي ڏاهپ ۽ جدوجهد جو تجربو رکندڙ ۽ اقتدار جي دائُون ۽ پيچن جا ڄاڻو، سڀ هڪ ٿي وڃڻ لاءِ گڏ ٿيا هئا.

    20 مئي1988ع واري ڏينهن کي فيصله ڪن مرحلي لاءِ، چوٿين اپريل 1988ع تي سن ۾ جيئي سنڌ تحريڪ، سنڌ جي قومي اتحاد ۽ ٻين سياسي پارٽين، تنظيمن ۽ سياسي شخصيتن جي اجلاس کان پوءِ طئه ڪيو ويو هو. ان اجلاس ۾ جوڙيل رابطه ڪميٽي جي ميمبرن ميڊم حميده کهڙو ۽ رسول بخش پليجي، سنڌ جي سياستدانن سان ان سلسلي ۾ ملڻ شروع ڪيو. ممتاز علي خان ڀٽو ۽ سيد قائم علي شاهه سان به مليا. مخدوم خليق الزمان، مخدوم محمد زمان طالب الموليٰ ۽ غلام مصطفيٰ جتوئي کي به چيائون.

    20 مئي جو ڏينهن ، جيئن، جيئن ويجهو ٿيندو ويو، تيئن، تيئن اتحاد جي سلسلي ۾ سرگرميون تيز ٿينديون ويون ۽ ”سنڌ قومي اتحاد“ جڙڻ لاءِ وايو منڊل جڙندو ويو.

    قومي اتحاد لاءِ ٿيندڙ ”سن ڪانفرنس“ کي ناڪام بنائڻ لاءِ طرح، طرح جون ڪوششون به ڪيون ويون. هڪ طرف پنجاب ۽ پنجاب نواز اردو ۽ سنڌي ڳالهائيندڙن ۾ دانهن پئجي وئي. ٻئي طرف آئينده اتحاد ۾ سنڌ نواز اردو ڳالهائيندڙن کي شامل ڪرڻ واري امڪان کي آڙ بنائي ڦوٽ وجهڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي. ۽ ان لاءِ اهي دليل به ڏنا پئي ويا ته مهاجرن جي ٿيندڙ ڪنهن به اجلاس ۾ سنڌين کي نه سڏايو ويندو رهيو آهي تنهن ڪري هي اتحاد سنڌ ۾ رهندڙ سمورن مستقل ماڻهن جو نه پر صرف سنڌي ڳالهائيندڙن جو هجڻ گهرجي.

    اهڙيءَ طرح 20 مئي 1988ع تي پيپلز پارٽي جي ليڊر اين ڊي خان سنڌي ماڻهن جي وسيع اتحاد تي ڇوهه ڇنڊيا هئا ۽ ڪجهه ڏينهن بعد پي پي پي جي عهديدارن جي قائم علي شاهه جي صدارت ۾ هڪ گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ فيصلو ڪيو ويو هو ته ”پيپلز پارٽي يا ان سان لاڳاپيل ڪنهن به تنظيم جو ڪو به ميمبر ”سن ڪانفرنس“ ۾ شريڪ نه ٿئي. ان فيصلي کان پوءِ سنڌي ماڻهن ۾ پختو يقين ٿيو هو ته پي پي جي سياست جو مدار پنجاب تي هو. ان جي برعڪس پي پي جا صوبائي اڳواڻ لاڳيتو ”سن ڪانفرنس“ جي گڏجاڻين ۾ مسلسل شريڪ ٿيندا رهيا هئا. جيتوڻيڪ پي پي جي سياست جو مدار پنجاب تي هو. ان ڳالهه جي تصديق خود محترمه بي نظير ڀٽو جي ان ڳالهه مان ٿي جيڪا هن 25 مئي 1988ع تي ڪراچيءَ جي صحافين سان ڪئي هئي ته : ”سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ گڏ ٿي ويهڻ ۽ ڳالهيون ڪرڻ تي ڪنهن کي به اعتراض نه هئڻ گهرجي، آسمان تان لهي کجيءَ تائين پهچندڙن لاءِ اسين دعاگو آهيون پر اصولي طرح سن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيڻ اسان لاءِ مشڪل هو.“

    اهڙيءَ طرح پيپلز پارٽي سن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪرڻ کان لنوائي وئي هئي ۽ پوءِ اهو بيان جاري ڪيو هو ته ”پي پي هڪ ملڪ گير جماعت آهي، تنهن ڪري اها علائقائي اتحاد ۾ شامل نه ٿيندي. ”يعني هڪ مظلوم قوم جا سياسي فرد ۽ پارٽيون حقن جي حاصلات لاءِگڏ ٿيا ٿي ته، اهو علائقائي اتحاد هو، ۽ هڪ استحصالي قوم جي بنياد تي سياست ڪندڙ پارٽي ملڪ گير پارٽي هئي. اهو رايو هر سنڌي ماڻهوءَ جي زبان تي هو.

    سنڌ جي انهيءَ وايو منڊل ۾ 20 مئي 1988ع جو تاريخي ڏينهن اچي ويو. ان ڏينهن سن ۾ ميڙو متل هو. حيدرآباد کان انهن ڏينهن ۾ ڏيڍ ڪلاڪ جي سفر تي انڊس هاءِ وي کان اوڀر ۾ سن شهر ڏانهن ويندڙ مختصر رستي کي محرابن ۽ عارضي دروازن سان سينگاريو ويو هو. ڪانفرنس جو انتظام گلڻ شاهه غازيءَ جي مزار ڀرسان مسافرخاني جي عمارت جي هال ۾ ڪيو ويو هو.

    سائين جي ايم سيد جي صدارت ۾ ڪانفرنس صبح جو يارهين وڳي کان شروع ٿي ۽ هڪ ڪلاڪ جي مانيءَ جي وقفي سان شام جو اٽڪل ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهي.

    ڪانفرنس جي ايجنڊا ۾ خاص ڳالهيون هيٺيون هيون:

    1. اتحاد جو نالو ڪهڙو هئڻ گهرجي؟

    2. اتحاد جي شڪل ڪهڙي هجڻ گهرجي آرگنائيزيشن هجي، محاذ يا هڪ پليٽ فارم؟

    3. اتحاد جو بنيادي مقصد ڪهڙو هجي؟

    4. اتحاد عارضي هجي يا مستقل؟

    5. اتحاد جو اليڪشن سان واسطو رهندو يا نه؟

    6. سنڌ جي مسئلن جي حل لاءِ جدوجهد جو طريقه ڪار ڇا هوندو؟

    7. سياسي قيدين جي آزادي لاءِ ڪهڙو طريقه ڪاراختيار ڪيو وڃي؟

    8. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاريءَ کي روڪڻ لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪيو وڃي؟

    9. ڪالا باغ ڊيم سميت ٻين ڊئمن، بئراجن، ۽ ڪئنالن جي منصوبن کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪهڙو طريقه ڪار اختيار ڪيو ويندو؟

    10.سنڌ ۾ قائم ٿيندڙ فوجي ڇانوڻين کي روڪرائڻ لاءِ ڪهڙا طريقا اختيار ڪيا ويندا؟

    11.سنڌ مان نڪرندڙ تيل، گيس ۽ ڪوئلي جي پيداوار ۽ ٻي معدنيات جو حق تسليم ڪرائڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪيو ويندو.

    12.سنڌ جو مخالف يا دشمن ڪنهن کي سمجهيو وڃي؟

    13.صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبرن کي سڌي رستي تي آڻڻ لاءِ ڪهڙو طريقو اختيار ڪجي؟

    14.اتحاد ۾ شامل ڌرين کي هڪ ٻئي خلاف بيان بازيءَ ۽ الزام تراشيءَ کي روڪڻ لاءِ اپاءَ

    15.اتحاد جي فنڊن جو انتظام ڪهڙيءَ طرح ڪجي؟

    ان کان اڳ ايجنڊا جي تياري لاءِ ڪيترن ئي ڏينهن کان روزانه غير رسمي گڏجاڻيون ٿيون هنيون. ان سلسلي ۾ آخري گڏجاڻي 19 مئي تي سن ۾ ٿي. ايجنڊا ڪميٽيءَ جي تيرهن اپريل 1988ع تي به هڪ گڏجاڻي ٿي هئي، جنهن ۾ ڪجهه تجويزون تيار ڪيون ويون هيون، جن ۾ اتحاد جو نالو ”سنڌ قومي اتحاد“ يا سنڌي قومي اتحاد طور غور هيٺ آيو هو. اهي ڳالهيون به زير غور هنيون ته سنڌ جي مسئلن کي مڃرائڻ لاءِ پروپيگنڊا، جلسا، جلوس، هڙتالون ۽ ٻيا قابل عمل ۽ پر امن طريقا اختيار ڪرڻ ۽ ان کان علاوه آخر ۾ عدم تعاون ۽ سول نافرماني جي تحريڪ وغيره هلائڻ. سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري کي روڪڻ لاءِ حڪومت کي تاريخ مقرر ڪري چتاءُ ڏيڻ ته پنجاب کان روڊ ۽ ريل رستي ۽ ٻين ملڪن، بنگلاديش، هندستان وغيره کان سمنڊ ۽ خشڪي ۽ هوائي رستن ذريعي ايندڙ ڌارين کي روڪڻ لاءِ قدم کڻي، نه ته سڌو قدم (Direct Action) کڻڻ وغيره.

    سن ڪانفرنس جي تيارين وارين گڏجاڻين ۾ توڙي 20 مئي 1988ع تي ٿيل سن ڪانفرنس ۾ اختلاف راءِ جو اظهار به ٿيندو رهيو ۽ ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪندڙ ڌرين ۾ سخت بحث ۽ مباحثا به ٿيا هئا. پر جڏهن ڪانفرنس هال مان اهي اڳواڻ ٻاهر نڪتا ته سڀ مطمئن ۽ خوش هئا. هو هڪ ٻئي کي مبارڪون ڏيئي رهيا هئا.

    راءِ جو اختلاف، سٺي ڳالهه هوندي آهي پر سنڌ دشمن ڌرين ۽ سنڌ دشمن اخبارن، ان کي هڪدم ٻيو رنگ ڏنو. ان وقت ۾ صحافي ٽهِ طرفه ورهايل هئا. انهن ۾ هڪڙا رياست جا پيڊ هئا. ۽ هڪڙا خيراتي پرو رياست فري لانسر جيڪي پاڻ تي ”نيوٽرل“ جو ٺپو هڻي پئي هليا ۽ ٽيان واقعي ”نيوٽرل“ ۽ سنڌ دوست ۽ سنڌ جو درد رکندڙ هئا. (هن وقت به انهيءَ شعبي سان وابسته ماڻهن جو ساڳيو حال آهي. ان ۾ ڪا به تبديلي نه آئي آهي. پرو رياست صحافي وڏا مالدار ۽ ادارن جا مالڪ ٿي ويا آهن ۽ پرو رياست فري لانسرن جو گذر سفر وسڪيءَ ۽ چسڪيءَ تي آهي.) جيڪي صحافي پيٽ خاطر قومي مفادن جو به خيال نٿا رکن انهن صحافين متعلق 27 مئي 1988ع تي سنڌيءَ ۾ نڪرندڙ اخبار سنڌ نيوز جي ان خبر مان به پوي ٿي جنهن ۾ پنهنجي رپورٽر جي حوالي سان دعويٰ ڪئي هئي ته ”اوهان يقين ڪريو يا نه پر هيءَ حقيقت آهي ته 20 مئي تي ٿيل ”سن ڪانفرنس“ جي وڊيو ڪيسٽ به سي آءِ ڊي وارن وٽ ڪانفرنس جي هڪ ڏينهن کان پوءِ پهچي وئي هئي. بعض صحافين ۽ هڪ فوٽوگرافر طرفان سن ڪانفرنس جي مڪمل باتصوير رپورٽ شام 7 وڳي پوليس جي خفيه ايجنسين کي پهچايون هيون.

    سنڌ دشمن اخبارن ”سنڌ قومي اتحاد“ ۽ سائين جي ايم سيد خلاف واويلا شروع ڪري ڏني. پاڪستان اندر صوبن جو استحصال ڪندڙ قوتن جي ونگار وهندڙ سياستڪار چاهي اقتدار ۾ هئا يا اقتدار کان ٻاهر، مختلف پارٽين ۾ رهندي ان ڪم کي فرض سمجهي پورو پئي ڪيو ته جيئن سندن آقا کانئن خوش رهن ۽ ناراض نه ٿين. انهن اخبارن توڙي سنڌ دشمن سوچ رکندڙ سياستڪارن غليظ ۽ غلط قسم جون ڳالهيون، سنڌ ۽ سنڌ جي ليڊرن سان منسوب ڪري پئي پيش ڪيون، جن جو حقيقتن سان ڪو به تعلق نه هو. اخبارن ۾ ان قسم جي پروپيگنڊا به ڪئي وئي ته ”اتحاد ڪندڙن ۾ ڦوٽ آهي ۽ اهو اتحاد هلي نه سگهندو. اهڙي قسم جي پروپيگنڊا سبب ئي 20 مئي 1988ع تي لاڙڪاڻي ۾ وزيراعليٰ اختر علي جي قاضي پريس ڪانفرنس دوران سنڌ قومي اتحاد متعلق سوال جي جواب ۾ چيو هو ته سن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿيندڙن جا پاڻ ۾ اختلاف آهن. اهڙيون اخبارون جيڪي سنڌ جي گاديءَ واري شهر مان شايع ٿينديون هنيون ۽ جن هميشه سنڌ دشمنيءَ وارو ڪردار پئي ادا ڪيو آهي. ڪن ”ڀورڙن“ ماڻهن اهڙين اخبارن کي هٿي ڏيڻ ۽ نالي ڇپرائڻ جي شوق ۾ وسان نه گهٽايو. اهڙي پروپيگنڊا (ڪانفرنس بابت اختلافي بيان ) اهڙن غير اهم ماڻهن جي نالي سان شايع ڪيا پئي ويا جن جي ڪابه سياسي حيثيت نه هئي. جيڪي سنڌ ڪاز لاءِ نقصان ده هئا.

    فرنٽ جي اڳواڻ يوسف ٽالپر، اتحاد ٺهڻ جي ٻئي ڏينهن تي پنهنجي تقرير اخبارن کي جاري ڪئي، جيڪا هن سن ڪانفرنس ۾ ڪئي هئي. سندس تقرير ۾ اهي سڀ اختلاف راءِ سميت ڳالهيون چيل هنيون. جنهن کي سنڌ دشمنن خوب استعمال ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ۽ ”سنڌ قومي اتحاد“ ۾ ڏار وجهڻ جي ڪوشش ڪئي.

    فرنٽ جو ڪنوينئر ممتاز علي خان ڀٽو ”سن ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو هو پر 4 اپريل 1988ع کان 20 مئي 1988ع تائين سن ڪانفرنس جي سلسلي ۾ ٿيل گڏجاڻين م سندس عيوضي شريڪ ٿيندا رهيا هئا. 4 اپريل 1988ع جي گڏجاڻي کان پوءِ ممتاز علي خان ڀٽي اهو موقف اختيار ڪيو ته ”اتحاد بنيادي ڳالهين تي هجڻ گهرجي ۽ اهڙين جماعتن سان اتحاد نه ڪجي، جيڪي 1973ع جي آئين جون حامي آهن“ بعد ۾ اها ڳالهه به وڌائي وئي ته ”اتحاد جي نقطن ۾ اهو نقطو به شامل ڪيو وڃي ته آئين ساز اسيمبليءَ لاءِ به جدوجهد ڪئي وڃي. ڇو ته اصل مسئلو پنجاب جي بالادستيءَ جي خاتمي جو آهي ۽ اها تڏهن ختم ٿيندي، جڏهن برابريءَ جي بنياد تي نئين آئين ساز اسيمبلي ٺهندي.“

    فرنٽ جي اڳواڻن ڊپلوميسي کان ڪم وٺندي، اتحاد ۾ شموليت به اختيار ڪئي ٿي ۽ ان جي پٺڀرائي ڪرڻ سان گڏ مخالفت به جاري پئي رکي، فرنٽ جي ڪجهه اڳواڻن انا پرستيءَ جو مظاهرو به ڪيو، جيئن يوسف ٽالپر پنهنجي تحريري تقرير ۾ چيو ته ”ممتاز علي خان ڀٽو هونئن پاڻ، سن ڪانفرنس ۾ شريڪ ٿئي ها، پر جڏهن نئين آئين ساز اسيمبلي جي نقطي تي کيس ڳالهائڻ جو موقعو ڏيڻ واري ڳالهه منظور نه ٿي ته پوءِ ڪانفرنس ۾ ممتاز علي خان ڀٽو جي شرڪت کي اجايو سمجهيو ويو.“

    ممتاز علي خان ڀٽو سنڌ جو اهم سياسي اڳواڻ ۽ قومپرست آهي ۽ سندس وڏو مان مرتبو آهي، جنهن کي وفاق پرست پيپلز پارٽي جي اقتداري دور کان قومپرست خيالن جي ڪري پسند ڪيو ويندو هو، جيڪڏهن هو انا پرستيءَ واري دائري کان نڪري سن ڪانفرنس ۾ شرڪت ڪري ها ته سنڌ جي ماڻهن وٽ سندس لاءِ اڃا به وڌيڪ عزت ۽ وقار بلند ٿئي ها. پر ”سنڌ قومي اتحاد“ قائم ٿيڻ جي ٽئين ڏينهن تي ممتاز ڀٽي وري هڪ نئين ڳالهه ڪئي ته مهاجرن کي به اتحاد ۾ شامل ڪرڻ گهرجي ها، ڇو ته جيڪڏهن انهن کي پاڻ سان نه ملايو ويو ته اهي دشمنن سان ملي ويندا. ممتاز علي خان جو ٻيو اعتراض اهو هو ته آئين ساز اسيمبلي جي چونڊن وارو نقطو، اتحاد جي ايجنڊا ۾ نه رکيو ويو. ۽ سنڌ دشمنن جو تعين ڪندي فقط ”پنجاب جي بالادست گروهن“ جو ذڪر ڪيو ويو آهي جنهن کي هن پنجاب جي لائين ڪوٺيو. ممتاز علي خان ڀٽي جي ان ڳالهه ۾ وزن هو ته پنجاب جي بالادستي ئي وڏو مسئلو هو ۽ هر پنجابي ان جو ذميوار هو. پر ممتاز علي ڀٽي جي ان عمل کي شايد ڪير به نه ساراهي جو هو، سن ڪانفرنس ۾ شريڪ نه ٿيو هو. ۽ ٻاهر ويهي ”سنڌ قومي اتحاد“ خلاف سر عام پئي ڳالهايو. جيڪڏهن غور ڪجي ته ممتاز علي خان جي اعتراضن جا جواب، سائين جي ايم سيد جي تقرير ۽ صحافين سان ڳالهه ٻولهه ۾ ملي پئي ويا. مثال طور: پنجاب بابت سيد رڳو ڪنهن هڪ گروهه جي ڳالهه نه ڪئي هئي پر چيو هو ته ”سنڌ جي موجوده حالتن جي ذميواري پنجاب ۽ مرڪزي حڪومت، جنهن تي پنجاب ڇانيل آهي. مسلم ليگ ۽ ان جي نظرين تي آهي.“ سائين جي ايم سيد اهو به واضح ڪيو هو ته ”هو پنهنجي اصل مقصدن تي قائم رهندي انهن نقطن تي اتحاد ڪري رهيو آهي. ”انهن اعلانن سان به ممتاز علي خان ڀٽي جو اهو دليل رد ٿي ٿي ويو ته جي ايم سيد پنهنجي مقصد تان هٽي ويو هو. مهاجرن کي اتحاد ۾ شامل ڪرڻ واري ڳالهه لاءِ اهو تاثر هو ته هو عملي طرح سنڌين سان سڄڻ ٿي نٿي هليا. ۽ جن فاشست طريقا اختيارٿي ڪيا، تن جو اهڙي اتحاد ۾ ڪهڙو رول ٿي سگهيو ٿي؟ سائين جي ايم سيد انهن لاءِ ٽي شرط رکيا هئا.

    1.پنجين قوميت جي نعري کي ختم ڪن

    2. مذهب کي سياست ۾ شامل نه ڪن.

    3. سنڌ جي مفادن کي ٻين سمورن مفادن کان مٿاهون رکن.

    اهي ٽي شرط، انهن لاءِ ماڻ ۽ ماپا هئا. جن مان انهن جي سچائي جي خبر پئي ٿي.

    سن ڪانفرنس، سنڌ ۾ رهندڙ مستقل قوم جي اتحاد لاءِ اهو ضروري نه هو ته هرشخص پنهنجي مرضيءَ مطابق ڳالهه مڃرائي ها. اهو ته ڪانفرنس جي جنرل باڊي کي اختيار هو ته هو ڪهڙي ڳالهه کي بحث مباحثي بعد اڪثريت سان منظور ڪري. جيئن رسول بخش پليجو جي راءِ هئي ته اتحاد جو نالو ”سنڌي قومي اتحاد“ هجڻ گهرجي. ڪانفرنس ۾ اختلافي دليل، بحث مباحثو ٿيو، پوءِ اڪثريت جي راءِ سان ”سنڌ قومي اتحاد“ نالو منظور ٿيو هو. اهڙيءَ طرح ڪانفرنس ۾ اتحاد جي تنظيمي جوڙ جڪ تي به بحث ٿيو هو ۽ نيٺ اڪثريت راءِ سان سائين جي ايم سيد جي سربراهي ۾ 12 ميمبرن واري ڪميٽي جڙي هئي.

    اتحاد جڙي وڃڻ کان پوءِ ٻيو مرحلو جدوجهد جو هو اتحاد ۾ شامل ڪيترن ئي اڳواڻن جو خيال هو ته سندن ٿورڙي به غلطيءَ جي ڪري قوم کي نقصان پئجي سگهيو ٿي. ۽ اختلافي بيان دشمن جي همت وڌائيندا ۽ ڪو به اڳواڻ اتحاد کان پوئتي نه هٽي جو ان سان به نقصان جو انديشو هو ۽ وقت اهو ثابت ڪيو ته جيڪي به اڳواڻ پوئتي هٽيا ته انهن تان سنڌي قوم جو اعتبار ختم ٿي ويو ٿي. وقت جي تقاضا اها هئي ته سنڌ ۽ سنڌين جا سور ختم ڪرڻ لاءِ سڀني کي اختلاف ختم ڪري گڏجي جدوجهد ڪرڻي هئي ۽ هڪ ٿي مضبوط بيهڻو هو.
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو