• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڪافي

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
اچ ته ڪريون ڪاڪ تي راڻا رهاڻيون
مونکي ڏک ۾ ڏينهن لنگهي ويا ٻيون راتيون وهاڻيون

ڪوٽ قصر ڪاڪ جا محل ٻيون ماڙيون
اچي نواز ته ٿين نيون جايون پراڻيون.

تولئه سوڍا سيج پلنگ تي رکيم سرهاڻيون
سي گادن مٿي گلن جون ڪليون ڪوماڻيون

تو لاء روشن ڪريان رات جو ڏيا ڏھاڻيون
سي بتيون تيل ڦليل جون اچي اُجهاڻيون

منهنجي ميڙ اٿئي “منٺار“ چئي لڄون نياڻيون
مونکي معاف ڪجان مينڌرا! ڪروڙ ڪاڻيون.



حضرت منٺار فقير راڄڙ رحه
کاڻي راڄڙ تعلقه کپرو
 
Back
Top