• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حل ٿيل مائڪروسافٽ ۾ لفظ جي معنى ڪيئن چيڪ ڪجي؟

داني شاه

سينيئر رڪن
جڏهن اسان مائڪرو سافٽ ورڊ ۾ ڪو به موضوع ڏکين الفاظن ۾ لکون ٿا ۽ پوءِ چاهيون ٿا ته هر لفظ تي ڪلڪ ڪرڻ سان انهن جون معنائُون لسٽ نما ٿين ته اهو ڪيئڻ ممڪن آهي؟؟؟؟
 
اها سهولت في الحال انگلش ۽ ٻين ٻولين ۾ آهي سنڌي ۾ ناهي. ان کي اسپيل چيڪر سڏيو وڃي ٿو.
توهان جيڪڏهن انگلش ۾ ڪوبه غلط لفظ لکندا ته مائڪروسافٽ وارا ان کي انڊرلائن ڪري ڇڏيندا جڏهن توهان مطلوبه لفظ تي رائٽ ڪلڪ ڪندا ته پو ان جون معنائون ظاهر ٿي پونديون. :)
اميد ته سمجهه اچي ويو هوندو.
 
ڪنهن به انگريزي لفظ تي رائيٽ ڪلڪ ڪندا ته ڪجهه آپشن نظر ايندا. جن مان هڪ هوندو Synonyms ان تي ڪلڪ ڪرڻ سان سامهون هم معنى لفظ اچي ويندا.
جيئن مان هڪ جملو لکيو آهي :

Contemporary organizations are

مان Contemporary تي رائيٽ ڪلڪ ڪري، Synonyms تي ڪلڪ ڪيو ته سامهون ان جا هم معنى لفظ اچي ويا. نه صرف اهو پر آخر ۾ ان لفظ جو ضد به ايندو.

هن تصوير ۾ ڏسو:

iZHziN.jpg
 
ادا معذرت مان سمجهان ٿو ته جن دوستن سائين جي مسئلي کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي اهي شايد سائين داني شاهه جي ڳالهه سمجهي نه سگهيا...جناب اگر اوهان انگريزي ۾ ڪو مواد يا ليٽر لکڻ وقت مونجهاري جو شڪار رهو ٿا ته فلاڻي انگريزي لفظ جي معنيى الائي ڇا آهي، اگر اوهان وٽ آفيس 2007 جو ورزن موجود آهي... ته اوهان آساني سان ڪمپيوٽر جي انگلش ٽو انگلش ڊڪشنري کولي، اگر اوهان کي انگلش ۾ عبور حاصل آهي ته ڪافي مدد وٺي سگهو ٿا...آفيس 2007 ۾ انگلش ٽو انگلش ڊڪشنري کولڻ لا شفٽ ايف سيون جي ڪمانڊ استعمال ڪئي ويندي آهي....پسند اچي ته ڪمينٽ ضرور ڪجو...مهرباني....
 
جي ادا! توهان جي ڳالهه درست آهي، پر منهنجي چوڻ جو مطلب اهو به نه آهي، آئون شاه جو رسالو ڪمپوز ڪري رهيو آهيان، جنهن جي لا آئون چاهيان ٿو ته جيڪڏهن ڪنهن لفظ تي مائوس جو ڪرسر رکجي ته انهن جي معنى لسٽ جيئن نمايان ٿي وڃي. ان لسٽ کي ٺاهڻ جو ڪو طريقو، يا ڪو سافٽويئر جي اوهان دوست ڀائرن کي معلومات هجي ته پڻ مون سان شيئر ڪريو....نوازش!
 
Back
Top