• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ غير سنڌين جي ڀرمار

سنڌ ۾ سنڌ پوليس ۽ ٻين ادارن ۾ ڌارين جي ڀرمار
___________________________________

ٻڌو آ ته سنڌ پوليس ۾ ڪو بنگش آفيسر ڪم پيو ڪري جيڪو هڪ غير سنڌي آهي ۽ اسان جي ماڻهن جي لاشعوري ته ڏسو ان جي لاءِ پيا تڙپن .....واه جو شعور آ ...بابا هي هڪ پٺاڻ ۽ ٻيا غير سنڌي بي واجبي ڪندي سنڌ تي ٿوپيا ويا آهن وري توهان ان جي پٺڀرائي پيا ڪريو واه سائين واه ڇا چئجي هن شعور کي هن سوچ ۽ لوچ کي هي ۽ ههڙا ٻيا جي اگر سنڌ ۾ وڏين پوسٽن تي هوندا ته باقي سنڌ جي ٽيلينٽ جو ڇا ٿيندو هي ۽ ٻيا ڪئي فوجي رٽائرڊ پڻ ڊي آئي جي ليول تي سنڌ ۾ سومپيل آهن ڏاج ۾ ڏنل آهن انهن کان بيزاري ڪرڻ ته وسري وئي اڃا اسان جا سانڃاه وند پيا ههڙا ڪارنامه ڪندا اڄ هيئنر ٽي وي تي هن مڙس لاءِ همايت ۾ پيا پروگرام ٿين هي بيداد ننگري چرٻت راجه وارو خيال پوري قوم کي ...او الله ڪهڙي ڳاله ڪجي ڪنهن سان ڳاله ڪجي
ڏوه ڪرائيندڙ سنڌ ۾ اڪثر اهي غير سنڌي آهن جن جو ڪم ئي اهو ته هتان جو سنڌي مفلوج هجي ۽ هي سادا سنڌي ويچارا پيا هنن لاءِ پاڻ پتوڙين ....
افسوس صد افسوس
سنڌ مان پرڏيهن جي نيڪالي جو بندوبست ڪريو نه ته ڏکيا ڏينهن ويجهو آهن اڃا به وقت آ ته پاڻ سڃاڻو
ڪنسنڌ ۾ ڪلاشنڪوف آندو هيروئن آندي ڪن سنڌ ۾ پان ۽ گٽڪو آندو انهن سڀني شين سان هي سنڌ جو نسل تباه و برباد پيو ٿي ڪنهن کي سمڪ نه پئي اچي ته انهن براين آڻيندڙن کي وائکو ڪريون انهن کي روڪيون سنڌ ۾ سنڌ پوليس ۾ خاص ڪري سنڌي آفيسر هجڻ گهرجن ۽ انهن کي پوري گرفت ڏني وڃي ته جيئن ڏوهارين کي ختم ڪري سگهجي نه ڪي غير سنڌي آفيسر ڀرتي ڪري سنڌ ۾ ڏوهن جو نه کٽندڙ سلسلو شروع ڪجي

فقط خير انديش سنڌ
 
Back
Top