گوتم ٻُڌ چوي ٿو، جيڪي لفظ به توهان استعمال ڪيو ٿا اهي سڀ بي فائدي آهن، انهيءَ جو سبب هيءُ آهي. لفظن جو ضد لازم آهي.....پنهنجي من ۾ جهاتي پائيو.....اتي توهان ڪا زبان استعمال نه ڪري سگهندئو، رڳو ماٺار آهي....ها رڳو ماٺ جي ذريعي ئي حقيقت جي سچائي حاصل ٿي سگهي ٿي ۽ پوءِ جڏهن هو چوي ٿو ته ”سموريون اصطلاحون خالي آهن. سمورا لفظ خالي آهن.....سموريون شيون خالي آهن. سمورا خيال خالي آهن ته ان جو مطلب آهي اهي سڀ نسبي آهي ۽ نسبيت ته هڪ خواب آهي.“ ”ڪو بهتر ڪونهي، ڪو بدتر ڪونهي، ڪو گرو ڪونهي، ڪو چيلو ڪونهي، ڪا عطا ڪونهي، ڪا قبوليت ڪانهي، جيڪو ڪجهه اسان سوچيون ٿا، ڏسون ٿا، محسوس ڪيون ٿا، اهو حقيقي ناهي، ظاهري شيون حقيقت ۾ وجود نه ٿيون رکن.“ (گرو رجنيش جي ڪتاب ”نيرن گلن جي برسات“ مان انتخاب)