• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ٽنگ ڏسي نالو ٻڌاايو

مست

سينيئر رڪن
پيپرن جا ڏينهن هئا، ڏينهن ڪلاس جي بايولاجي سبجيڪٽ جو پريڪٽيڪل هلي رهيو هو. پريڪٽيڪل جي سوال جواب ڪرڻ تي پروفيسرعلڻ ويٺو هو. پپنو به پريڪٽيڪل ۾ ويٺو هو.
پروفيسر علڻ هڪ پکيءَ جي ٽنگ ڏيکاري پڇيو: ”پُٽ هن ٽنگ کي ڏسي ٻڌاءِ ته هن پکيءَ جو نالو ڇا آهي؟“
پپنو ڏاڍو پريشان ٿيو. نيٺ چيائين : ”ماستر صاحب! مان ڀلا هڪ پکيءَ جي ڪٽيل ٽنگ ڏسي ڪيئن ٻڌائي ٿو سگهان ته هن جو نالو ڇا آهي“
پروفيسر وري چيس: ”پُٽ ! منهنجي چوڻ جو مقصد آهي ته هن ٽنگ مان اندازو لڳائي ٻڌاءِ ته هي پکي ڪهڙو يعني ڪهڙي نسل جو آهي؟“
پپنو: ”سائين ! ڀلا ٽنگ کي ڏسي نسل ڪيئن ٿو ٻڌائي سگهان، اوهان ٻي به ڪا نشاني ته ڏيو“
پروفيسر علڻ چيو: ”تون ته صفا ڪو اُلو آهين، وڃ تون فيل آهين.“
پپنو اُٿي وڃڻ لڳو ته پروفيسر علڻ چيس: ”ترس ڇوڪرا ! پنهنجو نالو ٻڌائي وڃ ته تنهنجي رزلٽ ۾ هاڻي ئي توکي فيل لکي ڇڏيان“
پپنو پنهنجي ٽنگ اڳتي ڪئي ۽ چيائين ”سائين ! اوهان به منهنجي ٽنگ کي ڏسي منهنجو نالو لکي ڇڏيو“
اهو چئي پپنو ٻاهر هليو ويو.
 
Back
Top