• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

پي آءِ اي ۾ جعلي ڪاغذن تي بوئنگ جهاز اڏائيندڙ پائليٽ فيصل يونس جي ڀرتيءَ جو اعتراف

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
پي آءِ اي ۾ جعلي ڪاغذن جي بنياد تي، بوئنگ جهاز اڏائيندڙ پائليٽ فيصل يونس جي ڀرتي ٿيڻ جو اعتراف ٿيو آهي ـ پارلياماني ڪاميٽيءَ ۾ ايوي ايشن ڊويزن جي سيڪريٽري اهڙو اعتراف ڪندي چيو ته جعلي ڪاغذن تي ڀرتي ٿيل پي آءِ اي جي پائليٽ فيصل يونس کي نوڪريءَ کان نه ڪڍو ڇاڪاڻ ته سندس ٽريننگ تي پي آءِ اي وڏي رقم خرچ ڪئي آهي ـ
..........هاڻ پي آءِ اي توڙي سول ايوي ايشن کي اهڙو اعلان ڪرڻ گھرجي ته هر مسافر پنهنجي پنهنجي ذميداريءَ تي سفر ڪري ڇاڪاڻ ته ٿي سگھي ٿو ته پي آءَ اي جي جنهن اڏام ۾ اوهان سفر ڪري رهيا هجو تنهن جو پائليٽ جُڙتو ڪاغذن تي ڀرتي ٿيل هجي ـ لگے رھو مُنا بھائی ـ
 
پي آءِ اي هڪ بيڪار ائيرلائين آهي کيس هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي ان کان سئو دفعا بهتر ايمريٽس آهي ڪم از ڪم پڪ ته هوندي آهي ڪي به مسئلا نه ٿيندا.....
 
شايد اوهان کي خبر نه هجي ته پي آءِ اي، ايمريٽس ايئرلائين ٺاهي هئي ۽ انهي مقصد لاءِ پي آءِ اي کين ٻه جهاز ۽ ٻيو سمورو عملو ڏنو هو ـ انهيءَ کان علاوهه پي آءِ اي يورپين ايئرلائين ايئر مالٽا به ٺاهي هئي جڏهن ته اٽڪل 40 کان وڌيڪ ايئر لائينن کي ان ٽيڪنيڪل ۽ سکيا جي مدد ڪئي هئي ـ
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
پي آءِ اي هڪ بيڪار ائيرلائين آهي کيس هميشه هميشه لاءِ ختم ڪيو وڃي ان کان سئو دفعا بهتر ايمريٽس آهي ڪم از ڪم پڪ ته هوندي آهي ڪي به مسئلا نه ٿيندا.....
....پر سائين اوهان کي اهو ٻڌي اچرج ٿيندو ته امارات ايئرلائيز، پي آءِ اي ٺاهي هئي ـ اڄ شاگرد،استاد کان گوءِ کڻي ويو آهي ـ
 
شايد اوهان کي خبر نه هجي ته پي آءِ اي، ايمريٽس ايئرلائين ٺاهي هئي ۽ انهي مقصد لاءِ پي آءِ اي کين ٻه جهاز ۽ ٻيو سمورو عملو ڏنو هو ـ انهيءَ کان علاوهه پي آءِ اي يورپين ايئرلائين ايئر مالٽا به ٺاهي هئي جڏهن ته اٽڪل 40 کان وڌيڪ ايئر لائينن کي ان ٽيڪنيڪل ۽ سکيا جي مدد هئي ـ
مونکي اها خبر آهي ته پي آءِ اي کان جهاز خريد ڪري ايمريٽس شروع ڪئي وئي هئي ۽ ڪو وقت هيو جو يورپي ۽ ايشيا جا ماڻهون پي آءِ اي ۾ شوق سان سفر ڪندا هئا مگر هاڻي انجي ابتڙ آهي مونکي ياد آهي ڪجھ سال پهريان مون پي آءِ اي ۾ سفر ڪيو جيئن ئي دوحه قطر مان ڪراچي لاءِ جهاز ۾ داخل ٿياسين ته ايئر هوسٽس چوڻ لڳو ته جنهنکي جيڪا سيٽ خالي ملي انتي ويهي رهو ، ڪافي دفعه دوستن سان ايئن به ٿيندو آهي جو انهن جو سامان پهچندو ئي ناهي هاڻي توهان ٻڌايو سڄي سنڌ جا ماڻهون ٻاهرين ملڪن مان پاڪستان اچڻ مهل اهو چاهيندا آهن ته جيترو جلد ٿي سگهي گهر پهچون مگر مجبورن سامان خاطر هفتو کن ڪراچي ۾ ڌڪا کائيندا آهن جتي نه انهن جو ڪو مٽ مائٽ نه يار دوست ۽ وري انهنکي ڪو هوٽل به نه ڏنو ويندو آهي ، ان کان علاوه اڪثر ايئن به ٿيندو آهي ته فلائيٽ ڪلاڪن جا ڪلاڪ ليٽ هوندي آهي ، ايئن ته المدينه ڪوچ ۾ به ناهي هوندو بسيون ٽائيم تي هلنديون آهن ۽ سيٽ نمبر تي ئي مسافر ويهندا آهن ،منهنجي ڀاءُ جو هڪ دفعو ڪمبل پي آءِ اي وارن گم ڪيو!
 
Back
Top