سيدمرتضيٰ عرف سخي صاحبڏنو شاهه : خدابخش جويو سنائي سيدن ۾ هن صاحب چڱو نالو ڪڍرايو. درويش صفت بزرگ هو. سندس مهمان نوازي ضرب المثل هئي. چون ٿا ته سندس بٺيءَ جي باهه اصل نه وسامي. هر وقت کاڌو پيو تيار ٿيندو هو. يا مريدن کان ملندو هو . سڀ مهمانن جي خرچ ۾ صرف ٿيندو هو. سندس رهڻي ڪهڻي تمام سادي هوندي هئي. جايون ڇپراڻيون هونديون هنيون. زمين تي پکڙيل نکن تي ويهڻ ٿيندو هو. پاڻ به ساڳيو کاڌو کائيندو هو جو مهمانن کي ڏنو ويندو هو. چوڻ ۾ اچي ٿو ته انهيءَ زماني ۾ رندن جي راڄ،کوسن کي تمام تپائي ڇڏيو هو. هو سيوهڻ طرف کان اچي آهسته آهسته ڪري سندن زمينن، مڪانن، پڊن تي قبضو ڪندا ٿي ويا. کوسن شاهه صاحب کي دانهن ڏني جن رندن کي گهرائي سمجهايو ته هنن قديم ويٺل ماڻهن کي اوهان سندن پڊن تان بي دخل نه ڪيو پر هو باز نه آيا. پوءِ کوسن کي چيائين ته ابا اسان آهيون فقير ماڻهو، لٺ تلوار اسان وٽ ڪانهي. سواءِ دعا جي. هاڻ اوهان آهيو ڏانٽا ۽ هو آهن گاهه. وڃي لڻي ملڪ صاف ڪريو. ان کان پوءِ ٻنهي قبيلن جي وچ ۾ لڙائي لڳي. جنهن ۾ کوسن، رندن کي تڙي وري سيوهڻ تعلقي طرف هڪالي ڪڍيو. سواءِ چند گهرن جي. آمري تل موريءَ ۾ کوسن سان صلح ڪري رهڻ لڳا. شاهه صاحب جي ڪافي عمر ٿي. ڪلهوڙن جي آخري دور ۾ ڄائو هو ۽ ٽالپرن جي دور ۾ وفات ڪيائين هن 6 رمضان 1234هه ۾ وفات ڪئي. هن سيد موٽيل شاهه عرف لطف علي شاهه ولد شهاب الدين شاه جي نياڻي بي بي عالم خاتون سان شادي ڪئي جنهن مان کيس ڇتن شاهه نالي هڪ فرزند ٿيو.