دنيا خوبصورت آهي ۔ منهنجي اک سان ڏسو

'دلچسپ ۽ عجيب' فورم ۾ وحيد سمون طرفان آندل موضوعَ ‏31 مئي 2010۔

  1. وحيد سمون

    وحيد سمون
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏7 مئي 2009
    تحريرون:
    249
    ورتل پسنديدگيون:
    47
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪجهه ڪرڻ چاهيان ٿو
    ماڳ:
    دادو
    تائيوان جي جنگلن جو نظار توهان ڪڏهن ڪيو آهي ۔ نه نه
    مون کي خبر هئي ان ڪري اڄ انتظام ڪيو آهي توهان کي تائيوان جي جنگلن جي گهمائڻ جو دلفريب موسيقي سان گڏ ۔ بس هڪ ڪلڪ ڪريو

    http://www.youtube.com/watch?v=vBfKZZGyRpE
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,891
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: دنيا خوبصورت آهي ۔ منهنجي اک سان ڏسو

    موسيقي ننڊ ڪرڻ جهڙي، نظارا خوابي ۔۔۔ تصور ڪيو ته سنڌ آزاد ملڪ هجي ۽ انجي به ٿر تي جبلن تي ۽ ڍنڍن تي ۽ درياهه جي ڪنارن تي خرچ ڪيو وڃي ته ڪيترائي جنتي نظارا پئدا ٿي پوندا ۽ ڪيتريون ئي پرسڪون جڳهون جت وڃي ماڻهون سڪون جو ساهه کڻي سگهي پر جيستائين سنڌ غلام آهي، تيستائين پراون ملڪن جا نظارا ڏسي ئي دل خوش ڪجي ۔۔۔

    ڇا خيال آهي ۔۔۔ ؟
     
  3. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: دنيا خوبصورت آهي ۔ منهنجي اک سان ڏسو

    ادا تمام سٺو،
     
  4. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: دنيا خوبصورت آهي ۔ منهنجي اک سان ڏسو

    سائين سائين نثار ابڙا، مان ڪجهه ڏينهن پهرين صوبي بلوچستان تان ڀيرو ڀري آيس صوبي جي ننڍڙن علائقن کان وٺي ڪوئٽه ۽ بلوچستان جي خوبصورت وادي زيارت به وڃڻ جو اتفاق ٿيو، زيارت ۾ بلند بالا جبلن جون چوٽيون، ۽‌ انهن تي ڊگها ڊگها صنوبر جا وڻ ڏسي متاثر ضرور ٿيس، اپريل ۾ پنهنجي مٺڙي سنڌ ۾ ڪجهه گرمي هُئي پر جڏهن ڪوئٽه ويندي رستي تي صوبي بلوچستان جي سنڌي هُنڌن جي علائقي ڪول پُور ۾ پهتاسين ائين محسوس ٿيو ته سڀ ڪجهه هتي آهي تمام گهڻو متاثر ٿيس پر ڪا اهڙي دل ۾ چڻنگ ضرور اڀري رهي هُئي ته مان متاثر ته ٿيس پئي پر مطمئن نه پيو ٿيان۔ انهي ڪري جو وري به سنڌ جا وڻ ٽڻ، سنڌ جُون ٻنيون، سنڌ جا واهه، سنڌ جي ساوڪ مونکي اتي به سڀ کان اتم نظر پئي آئي، اجهو ٻه ڏينهن پهرين سنڌ جي هڪڙي تمام ننڍڙي شهر هوسڙي منهنجو وڃڻ ٿيو هوسڙي جا باغ سنڌ جا مشهور ترين باغ آهن، باغن جو نظارو ڪري شام جي پنجين وڳي، اتي هڪڙي تمام خوبصورت جا آهي جتي ٻه وڏا پپر جا وڻ‌آهن سائيڊ ۾ يڪي ڊگهي ڄمن جي وڻن جي قطار وري ٻي سائيڊ ۾‌ انبن جا وڻ جنهن ۾ انبڙيون لٽڪي رهيون هُيون، اولهه پاسي ۾ هڪڙو وڏو پاڻيِ جو نار انهن نار جي لوٽن مان جڏهن پاڻي ڪريو ٿي سمجهيم ته ساري دنيا جي فطرت جو حُسن اصل هتي مڙي آيو آهي، اولهه پاسي وهندڙ لاڙ جي سُونهن ڦُليلي ۽ ڦليلي ۾ ملاحن جا ٻار ٻيڙي ۾ وهي سير ڪري رهيا هُئا جيڪي ٻه وڏا ڊگها پپر جا وڻ‌ هُئا انهن وڻن تي پکين جي چُون چُون، انهن پکين مان هڪ ڪوئل جي ڪُو ڪُو ڪُو ڪُو، مونکي ائين محسوس ٿي رهيو هو ڄڻ‌ اهو ڪوئل جِي ڪُوڪُو جو آواز ڪونه هو پر منهنجو ننڍڙي 6 سالن جي نياڻي ثنا جو آواز هُجي جيڪا مونکي ابُو ابُو ابُو ابُو جي آواز سان پُڪاري رهي هُجي سچ پُڇين ته نثار ابڙا بلوچستان جي صنوبر جي ڊگهن وڻن، صوفن جي وڻن تي ڦُٽيل اڇن گُلن، اتي جي ٿڌي موسم جي ڪري متاثر ضرور ٿيو هُئس پر هتي منهنجي مٺڙي سنڌ جي هڪڙي تمام ننڍڙي علائقي هوسڙي شهر جي باغ جي صرف هڪڙي حصي مونکي متاثر ته ڇا پر مونکي مطمئن ڪري ڇڏيو . واقعي سنڌ غلاميءَ جا ڏينهنڙا ڏسي رهي آهي پر سنڌ جي سُونهن سڀني کان سرس آهي، سنڌ جي سُونهن سڀني کان اتم آهي۔ الله سائين شال سنڌ جي هر چمن کي شاد ۽ آباد رکي (آمين)
     
  5. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: دنيا خوبصورت آهي ۔ منهنجي اک سان ڏسو

    سائين اهڙو خرچ ٿئي يا نه ٿئي
    سنڌ ته اصل کان ابد تائين سهڻي آهي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو