صوفي شائق فقير جي ڪافي

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
16658286655_fd96a36a93_o.jpg



سڪ اوهان جي ۾ سيد اکيون روز رڙن -
مُٺيون ماٺ نه ڪن.

دل ۾ درد فراق جا چوکا چاڪ چڪن
ڪپي ٽڪي ڪات سان دل پُرزا ڪئي پرين.

غم غنيمت ڀانئيان ٿا پرين پارئون اچن
سور مڙيئي سڀ سير ٿيا ڪُٺا ڪاپڙين.

سڪ ستايو ساه کي مونجھ گهڻي آ من
عجب اليل عجيبن جا اوٻارا اچن.

“شائق“ آڳ اندر ۾ ڀڀڙ ٿا ڀڙڪن
العشق ناراُٗ نينهن ۾ جوڳيئڙا جلن.

حضرت صوفي شائق فقير عمراڻي قادري سروري رحه
 
Back
Top