حضرت ميان جان محمد عرف جاني فقير صاحب ڪيريو سنڌ اها ڌرتي آھي جتي وقت بوقت رب جا اهي ٻانها پيدا ٿيندا رهيا آھن جيڪي الله پاڪ جي مخلوق جي رهبري جو ڪم سرانجام ڏيندا رهيا آھن . انهن پيارن ٻانهن مان هڪ پيارو مرد فقير جان محمد به آھي فقير صاحب جا وڏا پير صاحب پاڳاري جا مريد هئا . هن ناچيز جي ساڻس پهرئين ملاقات سرنواري تعلقه سانگهڙ ۾ ٿي . فقير صاحب لاطمع درويش آھي ۽ مخلوق خدا جا ظاهري باطني مئسلا حل ڪرڻ وارو خدا جو ٻانهو آھي. ڪافي ڏينهن کان طبيعت ۾ بي چيني ڪري ساڻس ملاقات لاء هڪڙو دوست سندن ديدار لاء وٺي هليو .سندس محفل ۾ ويهڻ سان ئي طبيعت ۾ فرحت اچي ويئي . هي فقير لاطمع انسان آھي ڪافي پريشان حال سندس صحبت ۾ ويهي بلڪل ٺيڪ چڱا ڀلا ٿي ويا .سندس ڳوٺ ۾ کيس چريو يا پاڳل ڪري سمجهيو ويندو آهي پر فقير بلڪل خدا جو پيارو بندو آھي انهي ۾ ڪوبه شڪ شبهو ناهي. سندس ڪرامتون هي فقير پڻ ڪئي دفعا ڏسي چڪو آھي. هڪ دفعي جي ڳالھ آھي ته اسان ٽي دوست ساڻس ملاقات لاء ويا سون ڪافي دير ڪچهري هلندي رهي آخر رات ٿي ويئي .اسان به فقير صاحب کي عرض ڪيو ته قبلا ! هاڻ اجازت ملي ته اسان به پنهنجي ماڳ موٽي وڃون .پاڻ ڪجھ دير خاموش رهيا پوء فرمايائون ته توهان کي اجازت آهي توهان روڊ تي جيئن بيهندو ته بس اچي پئي توهان اچي کڻندي . خدا جي قدرت جيئن ئي ڀٽ تان لهي روڊ تي بيٺا سين ته پنج منٽ نه گذريا هوندا ته بس اسان کي اچي کنيو. ۽خير سان گهر اچي پهتاسين . فقير لاطمع انسان آھي . پاڻ اڪثر ڪاٺيون ڪري گذر بسر ڪندا آھن سندن رهڻي عام رواجي پيرن کان بلڪل مختلف آھي .جو اسان جا پير سڳورا ڪارن ۽ گاڏين تي هلي مخلوق خدا کان ٻڪر ڍڳا رليون ۽ سونا زيور ڦرن ٿا. پاڻ اڪثر فرمائيندا آھن ته اڄ دور ۾ اگر ڪنهن پير کي چئجي ته ٻني ۾ هلي ڳڏ ڪڍي ته ڪڍي سگهندو؟ بلڪل جواب نفي ۾ ايندو . سندن رهڻي ڪهڻي پيرن جي بلڪل ابتڙ آھي. پاڻ نه کان ڪو نذرانو وٺن نه وري ڪنهن کان ڪپڙن جو ڪو وڳو اگر ڪو ڏيڻ چاهي تڏهن قبول نٿا ڪن .باقي اڪثر فرمائيندا آھن ته اگر خيرات ڪرڻ چاهيو ٿا پنهنجي گهر ڪري دعا گهري ڇڏيو ۽ پاڙيوارن کي به ان مان ونڊ ڏيو . انهي علائقي ۾ مشھور بزرگ حضرت ميان تاج محمد ڪيريو رحه جي مزار آھي جيڪو وقت جو وڏو ولي ٿي گذريو آھي ۽ شاه عبداللطيف ڀٽائي رحه جو همعصر ٿي گذريو آھي جيڪو پڻ ذات جو ڪيريو هو پاڻ ٿر جي علائقن ۾ ڀٽن ۾ ويهي عبادت ڪندو هو . سينه به سينه روايتن موجب هڪ دفعي شاه صاحب سندس ان علائقي مان جيئن گذريو ته سندن نگاه حضرت ميان تاج محمد رحه تي پيئي جيڪو ڀٽن اندر چلي ۾ مشغول هو ته پاڻ هي بيت چيائون مونا طور سينا سندا سناسين سجدي ۾ سيد چئي گوڏا گودڙين الله ولي الذين آمنو يخرجهم من الظلمات الي النور اهڙي پر پُرن خر موسيٰ صعقا جوڳي جنگ جلن ما زاغ البصر وما طغيٰ اهڙي روش رون ڪل من عليها فان باقي ڪين بچن فڪان قاب قوسين او ادنيٰ ٿا نانگا ائين نمن مشاهدو محبوب جو اتي آديسين بي يبصر و بي يسمع بي وصال وهن بي يمشي بي ينطق اهڙي چال چلن سيد چئي سندن ڪَل پُڇين تون ڪهڙي. پاڻ فرمايائون ڀٽائي صاحب هتي به نه ڇڏيئي اچي پهتين. حضرت ميان تاج محمد فقير جي مزار پراڻي ناري جي ڪپ تي آهي. سندس سجاده نشين حضرت ميان پير بخش ڪيريو وڏو الله لوڪ ٿي گذريو آھي ۽ راقم الحروف جي ناني سائين فقير نور محمد لغاري رحه سان سندن گهاٽي دوستي هئي.