غزل خادم گهراڻو

khadim ghirano

سينيئر رڪن
غزل خادم گھراڻو

وجود خاڪ آهيون خاڪ ٿي وينداسين ،

سڳا سڳر رقيب رفيق سارا ڇڏينداسين .

الفت جي جيڪي ديپ هئا جلايا ،

تن جو ثمر ساڻ کڻي نينداسين

هي جو ساٿ سرهو گذريو هو هر پل ،

سي ساريون صلاحيون ڇڏي وينداسين .

خلق جي سورن کي ڪري پنهنجو ،

تنين جي سکن جو جام پيئنداسين

جيڪو ويو سو وري مور نه آ ورڻو

تنهن جي يادن کي ياد پيا ڪنداسين

خادم سچ سرهو ڪوڙ آهي ڪچ

دوکي دغا جا هي ڪوٽ ڊاهينداسين.
 
Back
Top