مشهور ۽ دنيا جي سڀ کان وڏي ڪامياب سرچ انجڻ ”گوگل“ جي نالي کان ته سڀڪو واقف آهي پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ان جو مطلب ڇا آهي؟ اصل ۾ لفظ ”گوگل“ هڪ رياضي اصطلاح ”گوگول“ منجهان نڪتو آهي. لفظ ”گوگول“ هڪ ننڍي ٻار جي نالي جي مناسبت واري ايجاد آهي، جيڪو مشهور رياضي دان ايڊورڊ ڪاسنر جو ڀائٽيو هو. ايڊورڊ اهو سوچي رهيو هو ته جيڪڏهن 1کان پوءِ 0 هجي ته ان نمبر جو نالو ڇا هجڻ گهرجي ۽ ان دوران سندس ڪن ۾ ننڍي ٻار جو آواز ٻڌڻ ۾ آيو جيڪو ”گوگول“ سان ملندڙ جلندڙ هو ۽ ائين هن ان نمبر جو نالو ”گوگول“ رکي ڇڏيو. ”گوگل“ ڪمپنيءَ ان ۾ ٿورڙي تبديلي ڪري ان کي گوگل ٺاهي ڇڏيو ۽ اهو نالو ان حقيقت طرف اشارو ڪري ٿو ته هي ڪمپني ڪروڙن اربن جي انگ ۾ ڄاڻ تمام منظم طريقي سان صارفين کي فراهم ڪري ٿي