گوگل ڪمپنيءَ عينڪ ۽ گاڏيءَ کان پوءِ ڪينسر ۽ دل جي دوري پوڻ بابت اوزار ٺاهڻ جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي. گوگل جي لائيف سائنسز شعبي جي سربراهه اينڊريو ڪونريڊ ڪيليفورنيا جي شهر ليگونا بيچ ۾ گوگل جي ايندڙ اوزارن بابت تفصيل ٻڌايا. هن ٻڌايو ته اوزارن جي تياريءَ لاءِ نينو ٽيڪنالاجي جي مدد ورتي پئي وڃي. تمام ننڊن چڪمڪ جي ذرن کي رت جي ذريعي جسم ۾ داخل ڪيو ويندو ۽ ان جو جائزو هڪ گهڙي جيان اوزار مان ورتو ويندو. ان اوزار کي ڪرائيءَ ۾ ٻڌو ويندو. اهو اوزار جسم ۾ ڪينسر، دل جي امڪاني دوري، اڌ رنگي جي حملي ۽ ٻين بيمارين جو پتو لڳائيندو.