يونس سنائي (آرٽسٽ، هدايتڪار): خدابخش جويو اصل نالو محمد عرس پر هڪ آرٽسٽ جي حوالي سان سڄي سنڌ ۾ يونس سنائي جي نالي سان سڃاتو وڃي ٿو. هن 1958ع ۾ سن ۾ جنم ورتو. شروعاتي تعليم پرائمري اسڪول سن ۾ حاصل ڪئي ۽ هاءِ اسڪول ۾ صرف ستين ڪلاس تائين پڙهيو. بطور اسٽيج آرٽسٽ جي هن پنهنجي ڪيريئر جي شروعات 1979ع کان حيدرآباد مان ڪئي ان کان علاوه سماجي تنظيم سن شهري ايڪشن ڪميٽي جي چيئرمين جي حيثيت ۾ ڪم ڪري چڪو آهي، سنائي آرٽ سرڪل جو بانيڪار پڻ آهي ۽ مختلف سماجي ڪمن ۾ حصو وٺندو رهيو آهي. هڪ حادثاتي طور تي 1979ع ۾ هو حيدرآباد جي هڪ هوٽل ۾ ڪم ڪندو هو. جتي سندس هڪ اسٽيج فنڪاره محموده ناز سان ملاقات ٿي. جنهن هن ۽ سندس ساٿي اورنگزيب سهتي کي فن جي دنيا ۾ اچڻ جي صلاح ڏني ۽ ان وقت جي اسٽيج جي ليکڪ ۽ هدايتڪار اسرار شام سان ملايو. جنهن پنهنجي ڊرامي ”عام اطلاع“ ۾ کين هڪ ننڍڙو ڪردار ڏنو ۽ پوءِ سندن شوق وڌنڌو ويو. اسٽيج تي پاڻ مڃرائڻ لاءِ هن تمام وڏي محنت ڪئي. ڊائريڪٽرن، پروڊيوسرن ۽ سينيئر اداڪارن جي عزت ڪئي ۽ سندن صلاحن تي عمل ڪيو ۽ ريهرسل کي مڪمل ٽائم ڏنو. پوءِ ڪنهن ڊرامي ڪرڻ لاءِ کيس نه رڳو ريهرسل يا اداڪاري ڪرڻي پوندي هئي پر ان جي ڪاميابيءَ لاءِ مهمانن کي ڪارڊ ۽ دعوتون ڏيڻ کان وٺي چندو گڏ ڪرڻ، اسٽيج ٺاهڻ، ٽڪيٽون وڪڻڻ ۽ شاميانا لڳائڻ جهڙو ڪم به ڪرڻو پوندو هو. هن پهريائين اداڪاريءَ ۾ پاڻ مڃايو ۽ پوءِ هدايتڪاري طرف آيو. حيدرآباد ۾ رهڻ ڪري اڪثر فلمون ڏسندو هو. سنڌي فلمن ۾ ناميارو اداڪار جناب مشتاق چنگيزي سندس آئيڊيل هو. ان کي ڏسڻ لاءِ هو ڪراچي جي فلم اسٽوڊيو به ويو. پر ڄاڻ سڃاڻ نه هئڻ ڪري چوڪيدار اندر وڃڻ نه ڏنس. ان کان اڳ ۾ کيس عمر ڪوٽ ۾ هڪ اسٽيج ڊرامي ۾ چنگيزي صاحب سان گڏ ڪم ڪرڻ جو موقعو مليو هو. جنهن سندس ڪم ڏسي کيس پنهنجي فلم ”پرديسي ۽ پيار“ ۾ چيف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪرڻ جي آفر ڪئي هئي. اهڙي طرح هو فلمي دنيا ۾ آيو. ان کان پوءِ شاهه اسد صاحب جي ڪيترن ئي فلمن جهڙوڪ: ”جلال چانڊيو“، ”جيئي لطيف“، ”پرو“، ”شهيد“، ”پُڪار“ ۽ ”محب شيدي“ ۾ چيف اسسٽنٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيائين . هن سڄي سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن ۾ ڪم ڪيو پر حيدرآباد، مٽياري، ٽنڊوالهيار، ميرپور بٺورو، ميرپورخاص، عمرڪوٽ ۽ پنهنجي شهر سن ۾ وڌيڪ پروگرام ڪيا اڄ تائين سنڌ ۾ هن اندازن ٻه سئو کن اسٽيج ڊراما شو ڪيا آهن. جڏهن پهريون سنڌي چينل آيو ته کيس ڏاڍي خوشي ٿي ڇو ته هن کان اڳ صرف هڪ سرڪاري چينل هو جيڪو سنڌي ڊرامن کي هڪ هفتي ۾ اڌ ڪلاڪ ٽائم ڏنو ويندو هو. هن هڪ اداڪار ۽ هدايتڪار جي حيثيت سان چينل وارن کي خدمتون آڇيون ۽ هڪ سنڌي چينل تي سولو پلي ”گونگو“ ۽ ”اڇو ڪپڙو“ ڪيا ۽ اداڪار ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر جي حيثيت سان به ڪم ڪيو. سندس سڀ کان وڌيڪ مشهوري ماڻيندڙ ڊارمو ”پاڻي مٿي جهوپڙا“ هو جنهن ۾ بطور اداڪار طور ڪم ڪيو هئائين. هن شيخ اياز جي لکيل ”او پيرا ٿيٽر“، ”دودي سومري جو موت“، ”رني ڪوٽ جا ڌاڙيل“ ۽ ”ڀڳت سنگهه کي ڦاسي“ جهڙن ڊرامن ۾ ناز سهتي سان گڏيل ڊائريڪشن ڏني ۽ شاهه لطيف جي سورمين مان سورٺ راءِ ڏياج، اوپيرا ٿيٽر به ڪيا. انهن 4 ڊرامن کي ايشيا کنڊ ۾ پهريون ڀيرو لائيو ڏيکاريو ويو هو. هن سنڌ جي مختلف سنڌي چينلز ۾ ڪيترائي سيريل، سولو، فائيو ڊيز ۽ عيد پلي ڪيا. هن سڄي سنڌ ۾ آرٽ سرڪل قائم ڪيا. ڪنهن کي شاگرد نه ڪيو پر ڪيترائي نوجوان کيس استاد چئي عزت ڪندا آهن. اهڙن شاگردن جي ڳڻپ ڪبي ته سڄي سنڌ ۾ 100 کان 150 تائين تعداد پهچي ويندو. هن پنهنجي اولاد کي فن جي باقائده سکيا نه ڏني پر سندس وڏو پٽ شنيل سندس فني حرڪتن جي پوئلڳي ڪندي، اڪثر اسٽيج پروگرامن کي آرگنائيز ڪندو آهي، هُو کيس بابا جي بدران استاد به چوندو آهي. هن مرزا قليچ بيگ، شيخ اياز، اياز عالم ابڙو، اسرار شام، نادر بلوچ، سيد نثار حسين شاهه، آپا زيب نظاماڻي، ايوب عمراڻي، ايم ايم بلوچ، عثمان ميمڻ سميت ڪيترن ئي ليکڪن جا ڊراما ڪيا آهن. هن سنڌ جي عظيم رهبر سائين جي ايم سيد، محترمه بنيظير ڀٽو صاحبه، سائين امير حيدر شاهه، اڳوڻو سنڌ اسيمبلي اسپيڪر سيد جلال محمود شاهه، ڊاڪٽر سيد ضياء شاهه، سيد زين شاهه، شهيد بشير خان قريشي، رسول بخش پليجو، مخدوم امين فهيم، مخدوم رفيق زمان، اياز لطيف پليجو، ڊاڪٽر قادر مگسي، سنڌ جو ڏاهو ۽ اديب محترم ابراهيم جويو، اڳوڻي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر فهميده مرزا، ثقافت کاتي جي اڳوڻن وزيرن، وزير ارباب ميمڻ، محترمه سسئي پليجو صاحبه، ايم پي ايز ڊاڪٽر بهادر خان ڏاهري، خان محمد ڏاهري، جلال شاهه ڄاموٽ ۽ ريڊيو پاڪستان جي ڊائريڪٽر نصير مرزا سميت مختلف سياسي ۽ سماجي شخصيتن سامهون ڪيترائي ئي ڊراما ڪيا جن سندس حوصلا افزائي پڻ ڪئي. هن کي ڪيترائي ايوارڊ مليا آهن پرجڏهن کيس پنهنجي شهر ۾ شيس طرفان کيس لائيو اچيومينٽ ايوارڊ ڏنو ويو. تڏهن اهو ايوارڊ وٺڻ لاءِ اسٽيج تي آيو ته پاڻ حيران هو،ڇاڪاڻ ته اهو اچانڪ ٿيوهو،جنهن جي کيس اڳواٽ خبر نه هئي ۽ خوشي مان لڙڪ روڪي نه سگهيو.