سائين جي ايم سيد جو شونق ”شڪار“ خدابخش جويو سنڌ جي ماڻهن ۾ شڪار ڪرڻ جو شونق پراڻو آهي. پير علي محمد راشدي پنهنجي ڪتاب ”اهي ڏينهن اهي شيهن“ جي صفحي 54 تي شڪار متعلق لکي ٿو ته ”شڪار ٽالپرن جو ڏاج هو. صبح کان رات تائين شڪار جا قصا. سون ميلن ۾ جھنگ رکيل هئا.“ سائين جي ايم سيد جي شخصيت تمام گهڻ رخي هئي، سياست، فلسفي، سماجي خدمتن، ادب ۽ تاريخ، صوفي ازم ۽ ٻين ڪيترن ئي موضوعن تي نه رڳو دلچسپي پر عملن حصو پئي ورتو هو سندس شونق ۾ شڪار ڪرڻ، شڪار ڪرائڻ ۽ ڏسڻ به شامل هو. 1921ع کان 1945ع جي عرصي ۾ ڪيترا دفعا پاڻ شڪار ڪرڻ. شڪار ڪرائڻ ۽ ڏسڻ ۾ حصو ورتائين. ان جي جهلڪ سندس لکت مان پوي ٿي. پاڻ پنهنجي ڊائري ۾ (17 آگسٽ 1921ع تي شڪار ٻيڙيءَ رستي) لکن ٿا ته: * سيد محمد شاه ولد ناٿن شاهه لڪيءَ واري سان گڏ شڪار لاءِ ٻيڙيءَ ۾ چڙهي راڻي ٻيلي طرف روانا ٿياسون. شڪار لاءِ شيخ ميان حسين، فقير محمد بچل ميربحر، وڏيرو سومر پليجو، ماڪوڙو صابڪي، سندس ڀائر ۽ پٽ شهلي، رتو خان جلباڻي گڏ هئا. 20.19. 21 تاريخ تائين راڻي ٻيلي، راڄڙي، شور ڪيٽيءَ تائين شڪار ڪيو ويو. راڄڙيءَ ۾ مڇرن جو تجربو ٿيو. مشهور چوڻي هئي ته ”ثمر هجي ساڻ ته رات نه پئي راڄڙيءَ ۾ !“ چاڙها، سوئر ۽ گدڙ شڪار ڪيا ويا. ٻوڏ ڪري ڦاڙها وڃي ٻل ۾ پيٽارين تي بيهندا هئا. پاڻي ۾ ڪنڊن ڪري شڪار اسان جي ڪرڻ کان مٿي هو. توبچي پاڻيءَ جي ٻوڏ ۾ گهڙي شڪار ڪري ايندا هئا. * 3 اپريل 1922ع شاهه حيدر جو ساليانو ميلو هو. ملاکڙو شام جو لڳو، ماڻهن ڪافيون چيون، ختمو درگاهه تي ٿيو. ماڻهن کي هٿ سان ماني کارائي وئي. قديم رواج موجب ميلي تي رئيس فقير بخش خان ڪاڇي، غلام حسين شاهه هالا، غلام حيدر شاهه ڀاڻوٺي مهمان ٿي آيل هئا. شام جو گائينچن جي ڪچي ۾ ٻيڙي ڇوڙائي شڪار لاءِ وياسون ٻي ڏينهن ڪتن جي بڇ سان شڪار ڪيو ويو. اسان کڏڻن ۾ ويٺاسون. مون هڪ مادي سوئر ماري، شهلي صابڪي ڦاڙهو ماريو، 4 تاريخ تي موٽي ڳوٺ آياسون. * جولاءِ 1922ع صبح جو برادرم غلام حسين شاهه هالن واري سان گڏ گائينچن کي ساڻ ڪري شڪار تي وياسون. ٻپهرو ٻرڙن جي ڳوٺ ديهه بگ ۾ ڪيو ويو. * 7 آڪٽوبر 1922ع. رئيس فقير بخش خان ڪاڇي جي دعوت تي شام جو ڪاڇين ۾ وياسون. اتان رات جي ماني کائي مانجهند جي اڀرندي ريلوي جي ويهه دري موريءَ وٽ ٽڪريءَ تي وڇايل کٽن تي وڃي سمهڻ ٿيو. گلم ۽ چلم موڙا سڀ ڪجهه اتي موجود هئا. اتي اَسرَ جو شڪارٿيندو هو. راڄڙي ٻيلي مان سوئر رات جو مٿي چڙهي لاکڙي ديهه ۾ پوکن کائڻ لاءِ ويندا هئا ۽ پوئين رات جو موٽندا هئا. ڪتن جي بيهڪ ۽ شڪارين جي آواز تي هيٺين شڪارين کي پتو پوندو هو ته ڪهڙي پاسي کان مرون اچي رهيا آهن. پوئين مهيني جي چانڊوڪي مٿي نڪري چڪي هئي. جڏهن اسان کي اٿاريو ويو. مرون ٿڪا آيا مٿان ڪتا هنن جا حواس ختا ڪيو آيا. هيٺين تازه دم ڪتن جي منهن ۾ اچڻ ڪري پڪڙجي پيا. اسان يا ته کٽن تي بيهي چانڊوڪيءَ ۾ شڪار جو مزو ڏٺو ٿي يا گهوڙن تي چڙهي ٽڪريءَ تي مرون ڪتن کان پڪڙبا ڏٺاسون ٿي. اهڙيءَ طرح سائين جي ايم سيد جي شڪار جي شونق جو ذڪر غيبي ديرو ۾ آمد دوران به ملي ٿو.جنهن جو ذڪر (سوانح حيات نواب سر غيبي خان چانڊيو: تحقيق ۽ تاليف حڪيم خليفه عبدالحميد چانڊيو. صفحو 383.)تي هن طرح آهي. * جي ايم سيد غيبي ديري چار ڀيرا آيو هو. پهريون ڀيرو غيبي ديري آمد: تنجاڻي جي مقام جي ڀرسان هڪڙو نهرو ماريائين. * نومبر 1936ع ۾ ٻيو ڀيرو غيبي ديري تي آمد: پاڻ شڪارڪو نه ڪيائين . عمر ورياڻي جت کان هرڻي مارايائين. * فيبروري 1944ع ۾ ٽيون ڀيرو غيبي ديري آمد: ڊاڊن بندن کان ٻه تلورون، هڪ هرڻ ماريائين. 13 ڊسمبر 1945ع ۾ چوٿون ڀيرو غيبي ديري آمد: هڪڙو نهرو ماريائين جملي شڪار جو اسڪور هن طرح آهي: تلورون 2، هرڻ 4.