هي ڪتاب ناول جي انداز ۾ ننڍي کنڊ جي ورهاڱي تي لکيل اهم ۽ تحقيقي دستاويز آهي. ڪتاب جي مصنفن جِي هندستاني سماج بابت اُونهِي ۽ گَهِري ڄاڻ، ڪانگريسي ۽ ليگي رهنمائن (گانڌي، جناح، نهرو، پٽيل، وغيره) سميت انگريز سياستدانن ۽ سرڪاري عملدارن (جهڙوڪ: مائونٽ بيٽن ۽ چرچل وغيره) جي مزاجن، طبيعتن، رجحانن ۽ روين بابت ڀلي ڀت واقفيت، واقعي به متاثر ڪندڙ آهي. ڪتاب ۾ هندستاني معاشري اندر صدين پراڻي مذهبي تضاد (پهرين آريا مذهب ۽ دراوڙ مذهب وچ ۾ تضاد ۽ بعد ۾ هندو مسلم تضاد)، جنهن جي نتيجي ۾ برٽش انڊيا کي ٻن حصن ۾ ورهايو ويو، جي پڻ خوب اُپٽار ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ مکيه ذڪر ٽن شخصيتن جو آهي، يعني گانڌي، مائونٽ بيٽن ۽ جناح _ جن کان سواءِ واقعي به هندستان جي ورهاڱي جو داستان اڻپورو آهي. گانڌي: ڪتاب ۾ هندستاني رهنمائن ۾ مرڪزي حيثيت گانڌي کي ڏني وئي آهي. ڪتاب جا مصنف گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سندس سياست کان تمام گهڻو متاثر نظر اچن ٿا. هنن گانڌيءَ کي لفظن جي تمام سٺي ڀيٽا ڏني آهي. پر پوءِ به ڪافي جڳهين تي اڻ لَکَئي انداز سان مٿس سنهي سنهي تنقيد پڻ ڪئي آهي. گانڌي جي جن مثبت پهلوئن جو هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيو ويو آهي، تن مان چند هيٺيان آهن: (الف) گانڌيءَ جي شخصيت ۽ سياست جا مثبت پاسا: 1. بهترين اسٽريٽجسٽ ۽ صحيح معنيٰ ۾ عوامي سياستدان: گانڌي هندستان جي ڪروڙين غير سياسي عوام کي سياسي سمجهه ڏيڻ ۽ آزاديءَ جي هلچل ۾ شريڪ ڪرڻ لاءِ نهايت شاندار حڪمتِ عملي اپنائي. هن سڀ کان پهرين پنهنجو مغربي لباس لاهي مقامي هندستاني پورهيتن جي هٿن مان ٺهيل کاڌي جا ڪپڙا پهرڻ شروع ڪيا. سي به ايترا ٿورا جو چرچل کيس سدائين طنزيه طور ”اڌ اگهاڙو“ ماڻهو سڏيندو هو. ان کان پوءِ هن اميراڻي طرزِ رهائش مڪمل ترڪ ڪري غريبن مسڪينن جي محلن ۾ سادن گهرن ۾ رهڻ شروع ڪيو. هُو نرم گداز سيجن ۽ پلنگن تي سمهڻ بجاءِ هميشه پَٽَ تي سمهندو هو. آخري وقت ۾ ته گانڌي ڀنگين جي بدبودار محلي ۾ پڻ رهندو هو. لباس ۽ رهائش بدلائڻ بعد هن کاڌو پيتو پڻ ساده رکيو. هو سدائين ٻڪريءَ جو کير، سوڍا پاڻي، يا سبزيون واپرائيندو هو. هڪ کاڌي پيتي گهراڻي سان تعلق رکندڙ وڪيل ماڻهو ۽ هندستانين جي حقن جي ڳالهه ڪندڙ قومپرست رهنما جنهن جي جدوجهدن جا سموري هندستان ۾ چرچا هجن، سو جڏهن ان حد تائين هيٺ لهي اچي عوام سان گڏجي ويٺو ته موٽ ۾ عوام جو مٿس موهت ٿي پوڻ به فطري هو. هندستان جو ڏتڙيل، محروم ۽ ڌڪاريل عوام هاڻ گانڌي سان سچ پچ به پيار ڪرڻ لڳو. 2. گانڌي سماجي سرگرمين وسيلي عوام کي سياست ۾ شامل ڪندو هو: گانڌي ٻيو ڪم هي ڪيو جو بجاءِ عوام کي سڌو سنئون سياسي ڀاشن بازي ڏيڻ جي هن انهن جي سماجي معاملن ۾ دلچسپي ورتي. هُو نه رڳو پنهنجو باٿ رُوم ۽ ڪمرو پاڻ صاف ڪندو هو، بلڪ ٻهاري کڻي ڳوٺن جون گليون ڪوچا صاف ڪرڻ لڳو. هر روز شام جو پنجين بجي پرارٿنا مهل عوام کي ڳوٺن ۾ صفائي سٿرائي جي اپيل ڪندو هو. کين بيمارين کان بچڻ جا طبي ٽوٽڪا ٻڌائيندو هو. الغرض هيڏانهن هوڏانهن جون ڳالهيون ۽ سرگرميون ڪري ۽ ڪرائي پڇاڙي ۾ پاسو وٺي سياسي ڳالهه ٻول پڻ ڪري ڇڏيندو هو. 3. گانڌي عوام سان عوام جي ٻولي ڳالهائيندو هو: هو هميشه نرم ۽ ڌيمي لهجي ۾ گفتگو ڪرڻ جو قائل هو. هن ڪڏهن به جذباتي انداز ۾ يا شعر و شاعري پيش ڪري تقرير ڪانه ڪئي. هُن هندستاني عوام سان ڪڏهن به انگريزي يا ڌاري ٻوليءَ ۾ نه ڳالهايو. هُو عوام سان عوام جِي ٻولي ڳالهائيندو هو. هن جي تقرير ۾ ڏکيا لفظ، ڏکيون تشبيهون ۽ ڏکيا استعارا نه هوندا هئا. جنهن جي نتيجي ۾ سندس گفتگو سليس ۽ سمجهه ۾ ايندڙ هئي. هن جي اهڙين ڪاوشن سان هندستان جو عوام سياسي سمجهه ۽ سُرت حاصل ڪرڻ لڳو. 4. گانڌيءَ جا ايجاد ڪيل سياسي جدوجهد جا طريقا عوام جي مزاج وٽان هئا: گانڌيءَ جي جدوجهد جا متعارف ڪيل طور طريقا به عوام جي حالتن ۽ مزاج موافق هئا. مثال طور هن بک هڙتال جو طريقيڪار وضع ڪيو. هندستان جا ڪروڙها عوام هونئن ئي روز لنگهڻ ڪاٽيندا هئا. ڏڪر واري حالت هندستان ۾ عام هئي. فاقه ڪشي معمول هو. ان تناظر ۾ عوام لاءِ بک هڙتال تي ويهڻ وڏي ڳالهه ڪو نه هو. 5. گانڌي عوام جي مسئلن تي جدوجهد ڪئي: هن جن مسئلن تي جدوجهد ڪئي، سي مسئلا به نِجُ عوام جا ۽ بظاهر ساده نظر ايندڙ مسئلا هئا. مثال طور: هن لوڻ جي معاملي تي تاريخي مارچ ڪيو. لوڻ جي پيداوار تي ناجائز مڙهئي ويندڙ ٽئڪسن خلاف هن جي ان تحريڪ سموري هندستان ۾ وڏو هُل، هنگامو ۽ هلچل پيدا ڪري ورتي.جنهن سبب کيس گرفتار پڻ ڪيو ويو. الغرض هو صحيح معنيٰ ۾ هندستان جو عوامي سياستدان هو. جنهن کي غير سياسي، ڪمزور، بي سهارا ۽ ڇڙوڇڙ عوام کي سياسي ساڃاهه سان هٿياربند ڪري، کين اُٿاري، متحد ڪري برطانيه جهڙي طاقتور سامراج سان ٽڪر کارائڻ جو وڏو فن ايندو هو. (ب) گانڌي جي شخصيت ۽ سياست جا منفي پاسا: بهرحال ان باوجود به، ڪتاب جي مصنفين مختلف جڳهين تي مٿس سنهي سنهي تنقيد به ڪئي آهي. 1. گانڌي آزاديءَ جي تحريڪ کي مسلمانن جي شڪ شبهن کان بچائي نه سگهيو: ڪتاب جا مصنف لکن ٿا ته توڙي جو ”گانڌي وسيع القلب ۽ وسيع الخيال انسان هو، پر جيئن ته پاڻ هندو هو، ۽ ڀڳوان جو پوڄاري هو، تنهن ڪري ڪانگريس پارٽيءَ تي هندو اثر وڌيڪ هو ۽ خود گانڌي به آزاديءَ جي تحريڪ کي مسلمانن جي شڪ شبهات کان بچائي نه سگهيو.“ مطلب ته گانڌيءَ جي سياست مذهب کان آزاد نه هئي. سندس سياست ۾ مذهب جو عمل دخل هوندو هو. 2. گانڌي انڊسٽريالائزيشن جي خلاف هو: بقول مصنفين ته گانڌي جديد صنعتڪاري جي خلاف هو. هن جي خيال ۾ ان سان مقامي هندستاني دستڪارن کي نقصان ٿي رسيو ۽ انهن جو بيروزگار ٿي وڃڻ جا چٽا امڪان هئا. گانڌي هارپي لاءِ ڳئون کي ٽريڪٽر تي ترجيح ڏيندي دليل ڏيندو هو ته ”ٽريڪٽر ڪڏهن ڇيڻا ڏنا آهن؟ ڪڏهن کير، مکڻ گيهه ٽريڪٽر ڏنو آهي؟ ڏسو اهي سڀ شيون اسان کي ڳئون ڏئي ٿي. لهذا پوکي راهيءَ ۾ ڳئون ٽريڪٽر کان وڌيڪ ڀلي آهي.“ 3. گانڌي جديد ميڊيڪل سائنس ذريعي علاج ڪرائڻ جي خلاف هو: گانڌي هميشه روايتي طبي ٽوٽڪن ۽ ساده غذا واپرائڻ کي ئي علاج سمجهندو هو. هُو ماڊرن ميڊيڪل سائنس طرفان ايجاد ڪيل انجڪيشنس ۽ آپريشنس جي خلاف هو. هن جو خيال هو ته سُئي چَمَ کي چيري اندر ۾ داخل ٿئي ٿي گويا اهو به جسم خلاف تشدد آهي. هن عدم تشدد جي پرچارڪ جي پنهنجي گهرواري مرندي مري وئي پر ڊاڪٽر کي کيس سُئي هڻي دوا ڏيڻ جي اجازت هن ڪونه ڏني. 4. گانڌيءَ جا تجربا عجيب و غريب هئا: سچ پچ ته هُو عجيب و غريب شخص هو. ڦوهه جوانيءَ ۾ هڪ ڀيري گهرواريءَ کي گهرائي کيس ٻڌايائين ته هاڻ مان برهمچاريه ٿو ٿيا. يعني هاڻ تو سميت ڪنهن به ناريءَ کي ڪڏهن به جنسي جذبات جي تسڪين لاءِ هٿ ڪونه لائيندس. نفس ڪشي ڪندس. پوءِ هن اهي کاڌا کائڻ ئي ڇڏي ڏنا جيڪي سندس قوتِ باهه ۾ اضافي جو ڪارڻ بنجن. ڪم و بيش ٽيهارو سال ان حالت ۾ رهيو. اوچتو هڪ صبح جو جڏهن پنهنجي ننڊ مان اٿيو ته نهايت مغموم نظر آيو. ماڻهن پڇيس ته سائين ٻيو ته خير؟ چوڻ لڳو ته اڄ رات خواب ۾ مون کي شهوت ڏانهن ڇڪ ٿي آهي. مان حيران آهيان ته مون هيترا سال پنهنجي نفس کي ماريو آهي ان باوجود به مون منجهان اڃان به اها بک نه وئي آهي.!!! آخري ايام ۾ گانڌي هڪ خطرناڪ فيصلو ڪيو، جنهن سبب سندس سياسي ڪئي ڪمائي به چٽ ٿي سگهي پئي. هن پنهنجي 19 ساله نوجوان ڏوهٽي (جن کي هنن پاليو هو) مَنُوءَ کي چيو ته هاڻ تون مون سان گڏ هڪ بستريءَ تي سمهندينءَ. مان پنهنجي نفس کي آزمائڻ ٿو چاهيان ته ڏسان ته ان ۾ خواهش پيدا ٿئي ٿي يا نه. ان ڳالهه کي سندس ليگي مخالفن به گهڻو اڇاليو. مائونٽ بيٽن: مجموعي طور تي جتي مائونٽ بيٽن جي لياقتن کي ساراهيو ويو آهي اتي مٿس تنقيد پڻ ڪئي وئي آهي. سندس خوداعتمادي، تيز فهمي، دليريءَ جي جا بجا تعريف ڪئي وئي آهي ۽ سندس غرور، جانبداري ۽ منافقت مٿان اڻ سڌي انداز ۾ ڇوهه پڻ ڇنڊيا ويا آهن. ڪتاب جي ابتدا مائونٽ بيٽن جي هندستان ڏانهن روانگيءَ جي ذڪر کان شروع ٿئي ٿي. مائونٽ بيٽن دلي طور تي راضي نه هيو ته هندستان مان ٽپڙ ٻڌڻ وقت هن کي هندستان موڪليو پيو وڃي، جنهن ۾ هندستاني رهنما ڪنهن هڪ فارمولي تي به راضي ناهن. صاف ظاهر هو ته مائونٽ بيٽن جيڪا ڏکڻ اوڀر ايشيا جي فوجي مهمن تي عزت ڪمائي هئي سا هاڻ هندستان جي محاذ تي وڃائي ويهندو. ٻي اهم ڳالهه جنهن جو هتي ذڪر ڪيو ويو آهي، سا هي ته لارڊ ويوِل کي برطرف ڪري مائونٽ بيٽن کي هندستان جو وائسراءِ بنائڻ واري فرمائش دراصل مائونٽ بيٽن جي دوست نهرو برطانيه سرڪار کي پيش ڪئي. اڳيان هلندي ان ڳالهه جو پڻ واضح اشارو ڏنو ويو آهي ته شمله ۾ 1947ع ۾ مائونٽ بيٽن ۽ نهروءَ جي وچ ۾ ٿيل اڪيلي ملاقات ۾ دراصل هندوستان جي ورهاڱي جو فيصلو ڪيو ويو. جنهن ۾ نهروءَ جي فرمائش موجب ڪشمير سميت لڳ ڀڳ سموريون رياستون (پنجن ڇهن کي ڇڏي ڪري) هندستان جي حوالي ڪيون ويون، تڏهن نهرو ڪانگريس کان ورهاڱي واري ڳالهه تي رضامندي وٺي ڏيڻ جو مائونٽ بيٽن سان وچن ڪيو. هي ڏاڍي اهم ڳالهه هن ڪتاب ۾ بيان ٿيل آهي. جناح: جناح جو توڙي جو ذڪر هن ڪتاب ۾ گهڻو نه ڪيو ويو آهي، پر جيترو به ذڪر ٿيو آهي ان ۾ مٿس اڪثر تنقيد ڪئي وئي آهي. جناح کي ضدي، هوڏي هٺيلو، غيرلچڪدار، نهايت رُکو ماڻهو ڪري پيش ڪيو آهي. جناح تي تنقيد ڪئي وئي آهي ته هُو گانڌيءَ جيان عوامي ماڻهو ڪو نه هو. هن جي اٿڻي ويهڻي، لباس، ٻولي سڀ کيس عوام کان پري رکندڙ جزا هئا. بهرحال اها ڳالهه پڻ بيان ڪئي وئي آهي ته مورخين طرفان جناح بابت تعصب به گهڻو اوڳاڇيو ويو آهي. جناح جي خوداعتمادي ۽ اٽل ارادي جو پڻ ذڪر ڪيو ويو آهي. ايتري حد تائين جو ائين پڻ بيان ڪيو ويو آهي ته جيڪڏهن مائونٽ بيٽن کي جناح جي بيماريءَ جو پتو پوي ها ته هي ڦڦڙن جي بيماري ۾ مبتلا شخص ٻه سال مَسَ جيئرو رهندو ته جيڪر پاڪستان وجود ۾ اچي سگهي ئي نه ها! بهرحال مجموعي طور تي هي ڪتاب ڏاڍو سٺو لڳو. هيل تائين هندستان جي ورهاڱي جي موضوع تي جيڪي ڪتاب لکيا ويا آهن انهن ۾ هن ڪتاب کي پڻ اهميت حاصل آهي. ”آڌيءَ رات آزادي“ جي عنوان هيٺ روشني پبليڪيشنز پاران 2002ع ۾ شايع ٿيل هي ڪتاب، دراصل آمريڪي ليکڪ ليري ڪولنس ۽ سندس ساٿاري فرانسيسي ليکڪ ڊومينيڪ ليپيري جي مشترڪه تصنيف “Freedom at Midnight” جو سنڌي ترجمو آهي. اصل ڪتاب انگريزي زبان ۾ 1975ع ۾ شايع ٿيو، جنهن جو سنڌي ترجمو جناب نثار احمد هڪڙي صاحب ڪيو. ڪتاب جو سنڌي ترجمو ڏاڍو سٺو ڪيو ويو آهي. پڙهڻ دوران ائين ٿو لڳي ته گويا هي ڪو ترجمو نه بلڪ اصلوڪو سنڌي زبان ۾ لکيل ڪتاب آهي. ٻولي سليس ۽ عام فهم استعمال ڪئي وئي آهي.