”جناح جون يادگيريون“ (Memoirs of Jinnah)جي نالي سان، انگريزي زبان ۾ لکيل ۽ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس مان 1990ع ۾ شايع ٿيل هي ڪتاب، جناح جي پرسنل سيڪريٽري ڪي ايڇ خورشيد جي يادگيرين تي ٻڌل اهم معلوماتي ڪتاب آهي. هن ساروڻين ۾، جناح ۽ تحريڪِ پاڪستان کي ويجهڙائيءَ کان مشاهدو ڪندڙ هڪ نهايت ذهين، زِيرڪ، صاف گو، با اصول ۽ باضمير شخصَ جا ذاتي مشاهده شامل آهن. جيڪي پاڪستان جي سياسي تاريخَ ۾ اهم حيثيت رکن ٿا. هن ڪتاب ۾ بعض اهڙيون ڳالهيون پڻ ڪيون ويون آهن، جيڪي اسان جي سرڪاري تاريخ جي برعڪس پڻ آهن. ڪي ايڇ خورشيد بابت: خورشيد سرينگر جو رهواسي ۽ نهايت قابل ۽ جوشيلو ڪشميري نوجوان هو. مسلم شاگرد سياست ۽ صحافت سندس مشغلا هئا. 1944ع ۾ جڏهن جناح ڪشمير جو دورو ڪيو ته ان وقت خورشيد جي عمر 20 سال مس هئي. جناح کي خورشيد جي سياست ۽ صحافت سان لڳاءُ ۽ جناح سان بيحد محبت ۽ عقيدت متاثر ڪيو. هن 20 ساله نوجوان خورشيد کي پنهنجي پرسنل سيڪريٽري ٿيڻ جي پيشڪش ڪئي، جيڪا خورشيد بخوشي قبول ڪئي. اهڙي طرح 100 روپيا ماهوار پگهار تي خورشيد جناح جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. 1944 کان آڪٽوبر 1947ع تائين خورشيد جناح جي سيڪريٽري هجڻ جون ذميداريون نڀائيندو رهيو. آڪٽوبر 1947ع ۾ جناح کيس ضروري ڪم سان ڪشمير موڪليو جتي ڪشميري حڪومت کيس گرفتار ڪري جيل ۾ رکيو. سال ڏيڍ کان پوءِ جڏهن هو جيل مان ٻاهر نڪري ڪراچي پهتو ته جناح صاحب وفات ڪري چڪو هو. مطلب ته خورشيد پاڪستان جي قيام وارن اهم سالن دوران جناح سان تمام گهڻو ويجهو رهيو ۽ پاڪستان جي قيام ۾ اچڻ جو اکين ڏٺو شاهد هو. ان ڪري به سندس يادگيرين تي ٻڌل هي ڪتاب جناح ۽ تحريڪِ پاڪستان بابت اهم دستاويز جي حيثيت رکي ٿو. خورشيد هي يادگيريون 1950ع جي ڏهاڪي ۾ نوٽ بڪس تي لکڻ شروع ڪيون هيون. تڏهن هُو لنڊن ۾ قانون جي اعليٰ تعليم حاصل ڪري رهيو هو. تن ڏينهن ۾ پاڪستان حڪومت هيڪٽر بولٿو کان جناح جي سوانح لکرائي هئي، جنهن تي محترمه فاطمه جناح کي تحفضات هئا. شايد ان سبب ڪري خورشيد جناح تي ڪتاب لکڻ جو ارادو ڪيو هو ۽ مواد گڏ ڪرڻ شروع ڪيو هيائين. ان سلسلي ۾ لنڊن ۾ رهائش دوران پاڪستان کان جيڪي مسلم ليگي اڳواڻ لنڊن آيا پئي، خورشيد انهن سان ملي، انٽرويو ڪري، جناح بابت کانئن حال احوال وٺي پڻ لکندو پئي ويو. بهر حال ڪنهن سبب ڪري خورشيد اهو ڪم مڪمل ڪري نه سگهيو ۽ اهي نوٽ بڪس سندس وفات (1988ع) تائين جيئن جو تيئن پيل رهيا. سندس وفات کانپوءِ سندن گهرواري ثريا جي ڀاءُ ۽ معروف صحافي خالد حسن کي پنهنجي ڀيڻ کان خورشيد جي جناح صاحب جي باري ۾ يادگيرين تي ٻڌل هي نوٽ بڪس هٿ آيا. خالد حسن خورشيد جي گهرواري ثريا کان اجازت وٺي، نوٽس کي ايڊٽ ڪري شايع ڪرائڻ جو اهتمام ڪيو ۽ اهڙي طرح 1990ع ۾ پهريون ڀيرو جناح جي پرسنل سيڪريٽري خورشيد جون جناح جي باري ۾ ساروڻيون شايع ٿي ريڪارڊ جو حصو بڻيون. ”جناح جون ساروڻيون“ جي نالي سان شايع ٿيل هي ڪتاب ٻن حصن ۾ ورهايل آهي. پهرئين حصي ۾ جناح صاحب جي ڪشمير آمد (1944ع) کان شملا ڪانفرنس (1946ع) تائين جا احوال ڏنل آهن. ٻئي حصي ۾ جناح بابت ملڪ خضر حيات خان ٽوانه، قاضي محمد عيسيٰ، سندر ڪبادي، ممتاز حسن، چوڌري محمد علي ۽ مس فاطمه جناح جا تاثرات نقل ڪيا ويا آهن، جيڪي خورشيد کانئن انٽرويو دوران معلوم ڪيا. پهرئين حصي ۾ جناح بابت خورشيد ٻين ڪيترين ئي اهم ڳالهين سان گڏ هيٺيون چند اهم ڳالهيون پڻ ڪيون آهن: (1) جناح ۽ اردو : عام طور تي اهو تاثر آهي ته جناح کي انگريزي کان سواءِ ٻي ڪا زبان نه ايندي هئي. خورشيد جو چوڻ آهي ته جناح کي اردو ايندي هئي. توڙي جو جناح اردو ۾ لکنؤ، دهلي ۽ يو پي سي پي جي مسلمانن جيان فصيح و بليغ اردو استعمال ڪري نه سگهندو هو، پر پوءِ به هو سهپ جوڳي اردو ڳالهائي ويندو هو. خورشيد چواڻي ته بمبئي جا مسلمان جيتري اردو ڳالهائيندا هئا، انهن جي ڀيٽ ۾ جناح جي اردو ڪافي بهتر هئي. 1936ع ۾ بنگال جي دوري دوران هڪ عوامي ميڙاڪي آڏو جناح کي پهريون ڀيرو اردو ۾ ڳالهائڻ جي شدت سان ضرورت محسوس ٿي هئي. جنهن کانپوءِ هن اردو سکڻ تي زور لاتو ۽ وڏي محنت کانپوءِ هن جي اردو ۾ ڪافي بهتري اچي چڪي هئي. (2) جناح جي اسٽاف ۾ غير مسلم هئا: خورشيد لکي ٿو ته جناح جي بمبئي واري گهر ۾ رکيل بورچي گوا جو هندستاني عيسائي فلپ هو جيڪو صبح جو سوير جناح کي چانهه ۽ اخبار پيش ڪندو هو. خورشيد کان اڳ جناح جو سيڪريٽري لوبو نالي گوا جو هندستاني عيسائي هو. مسلم ليگ جي اخبار ڊان جو ايڊيٽر الطاف حسين کان پهرين جوزف نالي هڪ عيسائي هو. بمبئي ۾ ڊاڪٽر بيئٽي نالي پارسي ڊاڪٽر کان جناح اڪثر علاج ڪرائيندو هو. جنهن مان معلوم ٿئي ته جناح مذهبي متڀيد تي ويساهه رکندڙ نه هو. هُو مذهبي انتهاپسند به نه هو. (3) لياقت بابت: خورشيد جي هنن يادگيرين ۾ لياقت بابت اهي عام جذبات نظر نه ٿا اچن جيڪي پاڪستان جي ٽيڪسٽ بڪس ۾ ملن ٿا؛ ”قائدِ ملت“، ”جناح جو ويجهو ساٿي“، ”جناح جو وفادار ۽ با اعتماد دوست“، ”تحريڪِ پاڪستان لاءِ تن من ڌن قربان ڪندڙ جانثار“ وغيره. ان جي برعڪس لياقت کي خود غرض، مطلبي، اڻ وڻندڙ ۽ غير متاثر ڪندڙ پيش ڪيو ويو آهي. خورشيد انهن مفروضن کي ٿڏي ڇڏي ٿو ته ڪو جناح لياقت کي نهايت قابلِ اعتماد ساٿي سمجهندو هو. خاص ڪري لياقت ڊيسائي فارمولي تي منظرِ عام تي اچڻ کانپوءِ جناح لياقت تي سخت ناراض ٿي پيو ۽ مٿس ذري برابر به اعتماد ڪرڻ لاءِ تيار نه هو. هڪ ڀيري دهلي کان ڪنهن ڏورانهين سفر تي جناح ٽرين ذريعي روانو ٿيڻو هو. ساڻس گڏ ٻيا به ليگي اڳواڻ هئا. لياقت ٽرين رواني ٿيڻ تائين انتظار ڪندو رهيو ته جناح کيس دعوت ڏئي پنهنجي ڪمپارٽمينٽ ۾ پاڻ سان گڏ ويهاريندو. پر جناح ائين نه ڪيو. آخرڪار لياقت پاڻ جناح کي ڪمپارٽمينٽ ۾ اچڻ جي اجازت طلب ڪئي، پر جناح کيس سختي سان جهڻڪي ڇڏيو ۽ اجازت نه ڏني. (ص 45) خورشيد هن ڪتاب ۾ قاضي عيسيٰ جي زباني جناح جون بيان ڪيل سندس ساروڻيون پڻ قلمبند ڪيون آهن. قاضي عيسيٰ خورشيد کي ٻڌايو ته هڪ ڀيري جناح کيس ڪو ضروري ڪم سونپيو پر آخر ۾ تاڪيد ڪيو ته ان جو ذڪر ڪنهن سان به نه ڪجان. ڪجهه عرصي کانپوءِ قاضي عيسيٰ ان ڪم جي رپورٽ جناح کي لياقت جي موجودگي ۾ ڏيڻ چاهي، پر جناح لياقت جي موجودگي ۾ سندس ڳالهه نه ٻڌي. جڏهن لياقت اٿي هليو ويو ته جناح قاضي عيسيٰ کي چيو ته جڏهن مون توهان کي چيو هو ته ڪنهن سان به ان ڳالهه جو ذڪر ناهي ڪرڻو ته ان ۾ لياقت به شامل هو. مطلب ته لياقت سان به ذڪر ناهي ڪرڻو. (ص 60) (4) جناح کرو، سڌو ۽ صاف گو ماڻهو هو: خورشيد لکي ٿو ته جناح عام ماڻهن کان بنهه مختلف ماڻهو هو. هُو بنهه سڌو ۽ بي رحمانه طور تي کرو ماڻهو هو. خوشامد تي ٻڌل ٿڌيون مٺيون ڳالهيون ڪرڻ هُن کي نه اينديون هيون. خورشيد جي لفظن ۾ Honey Tongued Diplomacy هن جو اسٽائيل نه هو. هڪ ڀيري پرو ڪانگريسي مسلمان ڊاڪٽر سيد حسين دهليءَ مان کيس فون ڪري ساڻس ملڻ لاءِ اپائنٽمينٽ پئي گهري. هن بنا ڪنهن رک رکاءَ جي کيس چيو ته ”مان توکي ڏسڻ نه ٿو چاهيان، تون غدار آهين.“ (ص 27) (5) جناح زنده دل ماڻهو هو: عام طور تي جناح جي رُکائي ۽ غير ضروري سنجيدگيءَ جو ذڪر ڪيو ويندو آهي، پر خورشيد هن ڪتاب ۾ جناح جي ٻي تصيور پيش ڪئي آهي، جنهن ۾ جناح هڪ کلمک ۽ زنده دل ماڻهو نظر اڇي ٿو. هو اڪثر ڪري نجي ڪچهرين ۾ لطيفه ۽ ظريفانه حڪايتون ٻڌائي سامعين کي محظوظ ڪرڻ جي فن ۾ وڏي مهارت رکندو هو. سندس نجي ڪچهريون ٽهڪن سان ڀريل هونديون هيون. (6) جناح وٽ پئسن جو وڏو قدر هو: جناح چوندو هو ته بمبئي جا مسلمان تجارت ۽ تعليم ۾ هڪ ڳالهه جي ڪري ٻين علائقن جي مسلمانن کان اڳڀرا آهن. اُها هي آهي ته هنن وٽ پئسي جو قدر آهي. سندن اها طبيعت واپاري هجڻ ڪري آهي. خورشيد لکي ٿو ته هڪڀيري جناح سان گڏ بنگال جي دوري تي وياسين. عوامي ميڙاڪي ۾ ماڻهن جناح کي تمام گهڻا پئسا ڏنا. ايتري تائين جو جڏهن واپس پئي آياسين ۽ ڪار هلڻ لڳي ته ماڻهن ڪار جي دريءَ مان پئسا اڇلائي پئي ڏنا. جناح کي ڏاڍو افسوس ٿيو ته ڪجهه پئسا دريءَ مان ٻاهر ڪِري پيا ۽ خوامخواهه ضايع ٿي ويا. واپسي تي جڏهن رهائش گاهه پهتاسين ته جناح تيسين نه پاڻ ننڊ نه ڪئي نه اسان کي سمهڻ ڏنو جيسين مون کان ۽ مس فاطمه جناح کان سڀ پئسا ڳڻائي نه ورتا. دراصل جناح اهي سڀ پئسا پارٽيءَ جي فنڊ ۾ جمع ڪرايا. هن اها ذميداري محسوس ڪئي ته مسلمانن اهي پئسا مسلم ليگ کي مضبوط ڪرڻ لاءِ ڏنا آهن. (7) جناح کي ڪشمير تي قبائلين جي چڙهائيءَ جو علم نه هو: خورشيد قاضي عيسيٰ ۽ لياقت علي خان جي حوالي سان لکي ٿو ته جناح کي ڪشمير تي قبائلين جي چڙهائيءَ جو علم نه هو. اها مهم جوئي جيڪا اڳيان هلي پاڪستان ۽ هندستان جي وچ ۾ تمام وڏي نازڪ مسئلي (مسئله ڪشمير) جو سبب بڻي، جنهن جي حل لاءِ ٻنهي ملڪن ٽي جنگيون وڙهيون ۽ دفاع تي ڪروڙين اربين روپيا خرچ ڪري ڇڏيا، تنهن مهم جوئي بابت ملڪ جي باني محمد علي جناح کي ٻڌائڻ به گوارا نه ڪيو ويو. مجموعي طور تي ڪتاب بهتر لڳو. جناح جي شخصيت، سندس گهريلو زندگي، سندس هيٺئين اسٽاف سان هلت چلت، هندستاني مسلمانن بابت ويچار، ليگي رهنمائن جي ڪمزور ڪردارن بابت ڳڻتي ۽ پاڪستان جي قيام لاءِ سندس جذباتي لڳاءُ وغيره بابت اهم احوال ڏنا ويا آهن.