شيخ مجيب الرحمان جي ڪتاب ”اڻ پوريون يادون“ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ Jawed Karami طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2015۔

  1. Jawed Karami

    Jawed Karami
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد
    ”اڻپوريون يادون“ (The Unfinished Memoirs) جي نالي سان بنگلا ديش جي باني شيخ مجيب الرحمان جي يادگيرين تي مبني ڪتاب نظر مان گذريو. ڪتاب جو پهريون ايڊيشن سال 2013ع ۾، آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن شايع ڪرايو.

    هي ڪتاب در اصل شيخ مجيب الرحمان جنرل ايوب جي دؤرِ حڪومت ۾ 1966ع کان 1969ع ۾، جيلَ ۾ گهاريل ڏينهن دوران لکيو. هي ڪتاب، جيئن ته نالي مان ظاهر آهي مصنف جي اڻپورين يادگيرين تي مبني آهي، مصنف جي هٿ اکر لکيل چئن نوٽ بڪس تان نقل ڪيل آهي. جنهن ۾ پاڻ پنهنجي وڏڙن جي ذڪر کان شروعات ڪندي، ننڍپڻ کان وٺي 1955ع جي مشرقي بنگال ۾ لاڳو ٿيندڙ گورنر راڄ تائين جا احوال قلمبند ڪيا اٿس.

    هي نوٽس بعد ۾ شيخ مجيب الرحمان 1970ع جي ڏهاڪي ۾ هڪ رشتيدار اديب ۽ صحافيءَ کي شايع ڪرڻ لاءِ ڏنا. پر اهو رشتيدار مصنف سان گڏ فوجي بغاوت ۾ قتل ڪيو ويو. وڏو عرصو هي جيئن جو تيئن پيل رهيا. شيخ مجيب الرحمان جي ڌيءُ شيخ حسينه کي هي نوٽس ڪنهن طرح هٿ لڳا. جنهن 2010ع ۾ سمورو لکيل مواد پنهنجي نگرانيءَ ۾ ڪمپوز ڪرائي ڪتاب جي اشاعت جو بندوبست ڪيو. هي دستاويز اصل ۾ بنگاليءَ ۾ لکيل هو، جنهن جو بعد ۾ انگريزي ۽ ان کانپوءِ اردو ۾ ترجمو ڪيو ويو. آڪسفورڊ پبليڪيشز طرفان ڪتاب جا انگريزي ۽ اردو ترجما 2013ع ۾ شايع ٿيا.

    مصنف هي يادگيريون پنهنجي گهرواريءَ جي اصرار تي پاڪستان جي جيل اندر رياستي قيديءَ جي حيثيت ۾ لکيو. ان وقت مصنف مٿان ملڪ سان غداري ڪرڻ جا الزام پڻ هنيا ويا هئا، تنهنڪري ظاهر آهي ته مصنف ڪتاب اندر کُليل انداز ۾ بحث نه ڪري سگهيو آهي. يا جيڪڏهن ڪيو به هوندائين تڏهن به اهي نوٽس سرڪار ضبط ڪري ورتا هوندا. تنهن باوجود به جيترو مواد به هن ڪتاب ۾ موجود آهي، ان جي پڙهڻ سان مصنف جي شخصيت ۽ ذاتي سياسي جدوجهد سان گڏو گڏ بنگالي عوام جي سياسي جدوجهد جو پڻ پتو پوي ٿو. هي ڪتاب ڪيترن ئي مفروضن، ڏند ڪٿائن ۽ ڪوڙن کي پڻ بي نقاب ڪري ٿو.

    1. بنگالي پاڪستان مخالف ڪونه هئا، هُنن پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجو رَتُ سَتُ ڏنو:

    پاڪستان ۾ ڪيترن ئي نسلن کي پَٽِي پڙهائي وئي آهي ته بنگالي پاڪستان مخالف هئا، مجيب غدار هو، هندن جو ايجنٽ هو، جنهن هندوستان جي مدد سان پاڪستان کي ٻه ٽڪر ڪيو. پنهنجي ڪڌن ڪرتوتن کي لڪائڻ لاءِ تاريخ کي مسخ ڪيو ويو آهي. پر شيخ مجيب جي هنن يادگيرين کي پڙهڻ سان ٻيو پاسو معلوم ٿئي ٿو. شيخ مجيب ۽ بنگالي دراصل مخلص مسلمان ۽ پاڪستاني هئا. هُنن پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجو گَهرُ تَڙُ، جِندُ جان ۽ ٻچا ٻارَ گهوري ڇڏيا. مجيب ته اسڪول جي ايامن کان وٺي تحريڪ پاڪستان جو سرگرم ڪارڪن هو. 1939ع ۾ شيخ مجيب جي اباڻي علائقي ۾ مسلم ليگ جو يونٽ دراصل شيخ مجيب جي ڪاوشن سان قائم ٿيو. پاڪستان جي قيام تائين مجيب ڪل وقتي ڪارڪن طور ڪم ڪندو رهيو. حالانڪه ان سبب سندس ذاتي زندگي (تعليم ۽ ازدواجي زندگي) پڻ متاثر ٿي. پر هن ذاتي نفعي نقصان کان مٿاهون ٿي فقط پاڪستان جي قيام لاءِ پاڻ کي ارپي ڇڏيو.

    هن لکيو آهي ته هن سميت بنگال جو مسلم عوام توڙي جو مولوي فضل الحق صاحب جو بيحد احترام ڪندو هو پر جڏهن فضل حق جا جناح سان اختلاف ٿي پيا ۽ هُو مسلم ليگ ڇڏي ويو ته بنگالي عوام فضل حق کي ڇڏي جناح جي پوئواري ڪئي. خود مجيب به هاڻ فضل حق کان وٿيرو ٿي ويو.

    پاڪستان جي قيام لاءِ بنگال ۾ راءِ هموار ڪندڙ اخبار نڪرندي هئي، جنهن جو وڪرو خود مجيب ڪندو هو.

    حسين شهيد سهروردي جي حڪومت ۾ جڏهن ڪلڪتي ۾ مذهبي وڳوڙ ٿيا ته اُن وقت مجيب ڪلڪتي ۾ موجود هو. هن مسلمانن ۽ مسجدن کي بچائڻ ۽ هندن جي يلغار کي مُنهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي جان جوکم ۾ وڌي.

    2. مجيب مسلم ليگ ڇو ڇڏي؟

    مجيب لکيو آهي ته جناح جي وفات بعد مسلم ليگ مٿان مفادپرست گروهه حاوي ٿي ويو. جنهن پنهنجي گروهي ۽ طبقاتي مفادن خاطر پاڪستان حاصل ڪندڙ ڪارڪنن ۽ اڳواڻن جي قربانين کي نظر انداز ڪندي کين پنهنجي رستي جو ڪنڊو سمجهندي آهستي آهستي هٽائيندا ويا. هنن کي تحريڪِ پاڪستان ۾ سرگرم حصو وٺندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کان خوف هو. ڇاڪاڻ ته عوام جي دلين تي انهن ماڻهن جو ئي راڄ هو. هنن کي ڪنهن ليکيو ئي ڪونه ٿي. نتيجي طور هنن مفادپرستن ساز باز ڪري، سازشن جو ڄار وڇائي حسين شهيد سهروردي جهڙن عوامي سياستدانن ۽ انهن جي قريبي ساٿين کي مسلم ليگ مان ڌڪي ٻاهر ڪڍيو. مسلم ليگ مٿان لياقت علي خان جي لاڏلي ناظم الدين ۽ ٻين جاگيردارن سرمائيدارن جو قبضو ٿي ويو. ان صورتحال جي پيش نظر مجيب مسلم ليگ جي سياست کان ڪناره ڪش ٿي ويو.

    3. مجيب عوامي ليگ جي سياست ڏانهن ڪيئن مائل ٿيو؟

    مجيب لکي ٿو ته اسان اولهه پاڪستان جي ڀائرن پاران پاڪستان جي سرڪاري ٻولي اردو ٿيڻ واري ڳالهه جي مخالفت ڪڏهن به نه ڪئي آهي، اسان فقط ايترو چيو آهي ته اوڀر پاڪستان جنهن جي آبادي پاڪستان جي مجموعي آباديءَ جو 54 سيڪڙو وڃي بيهي ٿو ان کي به اردوءَ سان گڏ پاڪستان جي قومي ٻولي جو درجو ڏيو. ان نهايت معقول مطالبي کي مڃتا ڏيڻ بجاءِ بنگالي شاگردن جي تحريڪ کي تشدد سان ڪچليو ويو. مجيب کي گرفتار ڪيو ويو. ڪتاب اندر جابجا هُو ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي لکي ٿو ته جن پاڪستان جي قيام لاءِ پنهنجو سُک چين ڦٽايو سي اڄ جيلن ۾ واڙيا پيا وڃن.

    مجيب ان لاءِ ذميوار جناح کي نه ٿو قرار ڏئي، بلڪ پنجابي ۽ پناهگير ڌڙي کي قرار ڏئي ٿو. هن لکيو آهي ته جناح جڏهن ڍاڪا يونيورسٽيءَ ۾ اردو ٻوليءَ جي حمايت ڪئي ۽ بنگالي شاگردن سندس ان مؤقف جي مخالفت ڪئي ته ان واقعي کانپوءِ جيترا ڏينهن جناح حيات رهيو بنگالين جي ان مطالبي جي مخالفت ۾ بيان نه ڏنائين. مطلب ته جناح بنگالي عوام جي مطالبي سان سهمٿ ٿي چڪو هو.

    نيٺ صوبائي مسلم ليگي قيادت ۽ مرڪزي قيادت جي مسلسل ناجائزين کان بيزار ٿي اوڀر بنگال جي سياسي طور سڄاڻ ماڻهن سوچيو ته هاڻ پنهنجو الڳ سياسي ۽ تنظيمي تڏو مَنَهن قائم ڪرڻ گهرجي. اهڙيءَ طرح مولانا ڀاشاني، حسين شهيد سهروردي ۽ ديگر بنگالي رهنما عوامي ليگ قائم ڪن ٿا، جنهن ۾ مجيب کي پڻ مرڪزي عهدو ڏنو وڃي ٿو. اهڙيءَ طرح مجيب عوامي ليگ جي پليٽ فارم تي سياست جو آغاز ڪري ٿو. 1954ع ۾ هُو عوامي ليگ جي ٽڪيٽ تان صوبائي الڪيشن ۾ چونڊجي اچي ٿو. مسلم ليگ جي صوبي مان مڪمل تڏا ويڙهه ٿئي ٿي. يونائيٽيڊ فرنٽ نالي اتحاد جنهن جو عوامي ليگ حصو هئي، حڪومت ٺاهي ٿو. مجيب زراعت جو وزير ٿئي ٿو. پر مرڪزي حڪومت جلد ئي ان حڪومت کي برطرف ڪري گورنر راڄ لاڳو ڪري ٿي. مجيب ٻيهر گرفتار ٿئي ٿو.

    ان کان پوءِ جا واقعا ڪتاب ۾ ذڪر نه ڪيا ويا آهن. دراصل هي سندس اڻپورين يادگيرين جو مجموعو آهي. بهر حال ان سموري سياسي ارتقا جي ڪهاڻي ۾ مجيب جي شخصيت جا هيٺيان پاسا ظاهر ٿين ٿا:

    · شيخ مجيب الرحمان بي باڪ، بي خوف ۽ بهادر شخص هو:

    سندس آتم ڪٿا پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن جي طبعيت ۾ ننڍي لاڪون ارڏائي هئي. هُو هر ناجائزي چُپ چاپ سهي، ماٺ ڪري ويهي رهڻ جو قائل نه هو. جڏهن به ساڻس زور زبردستي ۽ زيادتي ڪئي وئي ته هن اڳ پوءِ سوچڻ بجاءِ، بروقت جهيڙو جوٽي بيهي ٿي رهيو. هن ڪتاب ۾ پنهنجي ننڍپڻ جي جهيڙن جا ڪيترائي واقعا نقل ڪيا اٿس. اها عادت اڳيان هلي کيس سياست جي ميدان ۾ بيباڪ ۽ بهادر سياسي اڳواڻ بڻائڻ جي ڪم آئي. هن ارڏي انسان پنهنجي زندگيءَ جو وڏو عرصو جيلن ۾ گهاريو. پر سندس يادگيرين جي هن ڪتاب مان پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هن لاءِ جيل ۽ ان جون سختيون وڏي ڳالهه نه هيون. هن ڪڏهن به مخالف جي سخت روئي سبب پنهنجي مؤقف ۾ تبديلي ڪونه آندي.

    · شيخ مجيب فلسفي، دانشور يا اديب ڪو نه هو، هُن سياسي شعور سياسي جدوجهدن ۽ تحريڪن هلائڻ وسيلي حاصل ڪيو:

    شيخ مجيب الرحمان جي انهن يادگيرين کي پڙهڻ سان معلوم ٿئي ٿو ته هُو ڪو وڏي پائي جو دانشور، فلسفِي يا اديب وغيره ڪونه هو. هُن جي رسمي تعليم به پوري ساري هئي. اسڪول جي زماني کان هُن جي پڙهائي بجاءِ دلچسپي سياسي سرگرمين ۾ رهي. يونيورسٽيءَ تائين پهتو، پر اُتي به سندس تعليم شاگرد سياست جي وَرُ چڙهي وئي. هن جي سموري ڪتاب ۾ اوهان کي هڪ به حوالو اهڙو نه ملندو ته ڪو شيخ مجيب اسان جي سنڌ ۾ هلندڙ اسٽڊي سرڪل ٽائيپ حلقن ۾ ويٺو يا هلايو هجائين، ڪنهن فلسفي يا اديب کيس متاثر ڪيو هجي، ڪنهن ڪتاب مٿس اثر وڌا هجن جنهن سبب سندس سياست جو انداز ئي تبديل ٿي ويو هجي. ان جي برعڪس هُو سياسي تحريڪن، جدوجهدن ۽ هلچل مان گهڻو سکيو سمجهيو، پروڙيو ۽ پرايو. عوام کي تحريڪن لاءِ منظم ڪرڻ واري مرحلي کيس عوام جي نفسيات کان واقف ڪيو، ته وري اوڀر ۽ اولهه پاڪستان جي جاگيردار ۽ سرمائيدار سياستدانن سان اُٿ ويهه ۽ حڪمرانن اڳيان مطالبا رکڻ، مذاڪرات ڪرڻ، قيد و بند جون صعوبتون سهڻ کيس ملڪي سياستدانن توڙي فوجي حاڪمن جي نفسيات کان باخبر ڪيو.

    · اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي سياست بابت شاندار تجزيو:

    اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي سياست بابت هڪ هنڌ تجزيو ڪندي شيخ مجيب الرحمان لکي ٿو: ”اوڀر پاڪستان ۽ اولهه پاڪستان جي سياست ۾ گهڻو فرق آهي. اُتي (اولهه پاڪستان ۾) وڏا وڏا واپاري، زميندارَ ۽ نوابَ وقت گذارڻ لاءِ سياست ڪن ٿا. اولهه پاڪستان ۾ وچولو طبقو مضبوط ناهي. تنهن ڪري هي ماڻهو ملڪي معاملن تي توجه گهٽ ڏين ٿا. عوام انهن ئي ڳالهين تي يقين ڪري ٿو جيڪي وڏيرا ۽ مذهبي اڳواڻ کين ٻڌائين ٿا.

    پر ان جي ابتڙ اسان وٽ (اوڀر بنگال ۾) وچولو طبقو سياست ۾ گهڻو سرگرم آهي. ننڍي کنڊ ۾ هاري تحريڪن جي شروعات گهڻو عرصو اڳ بنگال ۾ ٿي هئي، ان سبب هن صوبي جا ماڻهو مغربي پاڪستان جي عوام جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ سمجهه ڀريا، با خبر ۽ باشعور آهن. ٻيو ته بنگالين پاڪستان لاءِ هليل تحريڪ ۾ پڻ وڌي چڙهي حصو ورتو هو. وڏي وقت کان بنگال جي ٻهراڙين جي سطح تائين به حڪومتون قائم هيون ۽ عوام کي يونين بورڊ، لوڪل بورڊ ۽ ڊسٽرڪٽ بورڊ جو تجربو هو. انهن سڀني پاسن جي ڪري اسان جو عوام سياسي معاملن کان وڌيڪ باخبر آهي. حالانڪه اسان وٽ تعليم جي شرح به گهٽ هئي، پر پوءِ به سياسي ڳالهين کان بنگالي لاتعلق ي بي خبر ناهن. هُو صحيح ۽ غلط ۾ بهتر طور تي فرق ڪري سگهن ٿا.

    الغرض ٻيون کوڙ ساريون ڳالهيون پڻ هن ڪتاب ۾ ذڪر ڪيون ويون آهن، جيڪي پاڪستان جي سياست ۽ تاريخ جي طالب علمن، استادن، محققن ۽ سياسي پارٽين جي ڪارڪنن لاءِ دلچسپي جو باعث آهن ۽ بنگالين کي پاڪستان جو غدار سڏيندڙن ۽ سمجهندڙن کي پڻ پنهنجي مؤقف تي نظر ثاني ڪرڻ لاءِ دعوت ڏين ٿيون.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو