هڪ سربراههَ کان، هڪ سربراههَ ذريعي، هڪ سربراههَ ڏانهن آمريڪا ۽ چين وچ ۾، پاڪستان وسيلي ڳجهي سفارتڪاري (FROM A HEAD, THROUGH A HEAD, TO A HEAD The Secret Channel between the US and China through Pakistan) …………………………………………………………………………………………… سرد جنگ جي عروج وارو زمانو هو. دنيا جا ٻه تمام وڏا سگهارا ملڪَ، جيڪي ٿورو عرصو اڳ هڪٻئي جي رت جا پياسا هئا، تن 180 ڊگريءَ جو ڦيرو کائي، پنهنجون دشمنيون هڪ پاسي رکي، 1969ع کان اوچتو ڳجهي نموني ڳالهيون ڪرڻ شروع ڪري ڏنيون. جڏهن پردي پويان سفارتڪاريءَ جا نتيجا مثبت ظاهر ٿيڻ شروع ٿيا ته ٻنهي ملڪن سفارتي لاڳاپا بحال ڪرڻ جو اعلان ڪري دنيا کي سراپا حيرت بڻائي ڇڏيو. ڪنهن جي وهم و گمان ۾ به نه هو ته ائين اچانڪ هڪٻئي جا جاني دشمن هڪٻئي جي ويجهو ايندا ۽ ڳالهه ٻول ذريعي اختلافي مسئلا نبيري بهتر لاڳاپا جوڙڻ لاءِ آمادگيءَ جو اظهار ڪندا. آمريڪا ۽ عوامي جمهوريه چين جي وچ ۾ ڳجهي سفارتڪاري، درحقيقت گذريل صديءَ جي سفارتڪاريءَ جي تاريخ جو هڪ نه وسرندڙ باب آهي. ان ٻن مخالف ڌرين جي وچ ۾ ٽياڪڙي ڪرائڻ جو ڪردار آمريڪي يارِ غار ۽ وفادار جناب جنرل يحيٰ صاحب ادا ڪيو. جنرل صاحب ۽ سندس صلاحڪارن جي ”دُورانديش ۽ دُوربين نگاهه“ اهو ڏسڻ کان قاصر هئي ته سندن اها ”ننڍڙي وک“ عالمي سياست ۾ ڪيڏو وڏو تحرڪ ۽ طوفان، هُل، هَلچَل ۽ هنگامو برپا ڪري وجهندي. طاقت جي توازن ۾ زبردست ڦيرو اچي ويندو. آمريڪا ۽ چين جو پاڻ ۾ ويجهو اچڻ سندن رقيب ۽ پاڪستان جي پاڙيسري سوويت يونين کي ڪاپاري ڌڪ هڻڻ برابر ٿيندو. سوويت يونين جنهن کان اڃان پاڪستان جي سِيٽو ۽ سينٽو ۾ شامل ٿيڻ ۽ بڊابير ۾ آمريڪا کي جاسوسي اڏو فراهم ڪرڻ جهڙا سوويت دشمن ڪمَ وسريا ئي ناهن، مٿان هڪ ٻيو پاڪستاني وارُ ڍڳي کي ڳاڙهو ڪپڙو ڏيکارڻ جي برابر ٿي پوندو. ڪوتاهه انديش جنرل صاحب ان نازڪ ڪم جي خوفناڪ نتيجن کان بيپرواهه آمريڪي آقائن کي خوش ڪرڻ ۾ راتيان ڏينهان مشغول رهيو ۽ ايندڙ ڳچ عرصي تائين پاڻ کي صدرِ پاڪستان جي ڪرسيءَ تي براجمان ٿيڻ جا خواب ڏسندو رهيو. نيٺ جڏهن سوويت يونين کي اها سُڌ پئي ته عالمي اسٽيج تي سندس ٻن وڏن دشمنن کي هڪٻئي جي ويجهو آڻڻ جو ڪارِ خير يحيٰ سرڪار ڪيو آهي ته سوويت يونين جو پارو چڙهي ويو. سوويت يونين پاڪستان جي رقيب هندستان سان معاهدو (آگسٽ 1971ع) ڪري، کيس اوڀر پاڪستان ۾ مداخلت ڪرڻ لاءِ پُٺِي ٺَپِي ۽ جڏهن هندستاني فوجون اوڀر پاڪستان ۾ لٿيون ته روس هندستان کي اسلحي جي فراهميءَ دل کولي ڪئي ۽ مڪمل سياسي ۽ سفارتي پٺڀرائي پڻ ڪئي. جنرل يحيٰ هيڏو وڏو جوکم کڻي جن ملڪن جي وچ ۾ سرچاءُ ڪرايو، سي محض شڪرئي جا خط لکندا رهيا ۽ اوڀر پاڪستان جي سانحي ۾ لا تعلق ٿي ويهي رهيا. نه رڳو ملڪ ٽٽو، پر جنرل صاحب جا تاحيات صدرِ پاڪستان جي ڪرسيءَ تي براجمان ٿيڻ جا خواب پڻ ريزه ريزه ٿي ويا. صدارت ته ٺهيو، پر ماڳهين جنرل صاحب تي ڪورٽ مارشل لا جا مطالبا زبان زد عام ٿي ويا. گويا جنرل صاحب سان سنڌيءَ جي هيٺين چوڻيءَ جهڙي ويڌن ٿي ته ”ڪُتِي سان به ڪارا ٿياسين، گُلَرَ به ويا پنهنجي گهر.“ جنرل صاحب ”سيڪريٽ ڊپلوميسي مينيج ڪندڙ“ عظيم جوڌي جو تمغو کٽي، في سبيل الله پنهنجو گهر تَڙُ لُٽائي، ملڪ کي ٻه ٽڪر ڪرائي، پوتڙو ڇنڊي، ڪلهي تي رکي اچي گهر پهتو.ايف ايس اعجاز الدين جو هي ڪتاب ان تاريخي ڳجهي سفارتڪاريءَ ۽ پاڪستان جي موتمار مهم جوئيءَ جو مستند داستان آهي. هي ڪتاب بيان ڪري ٿو ته: ڪيئن نه ”دشمن جو دشمن دوست“ واري پاليسي هيٺ اڳوڻا سخت دشمن آمريڪا ۽ چين هڪٻئي جا دوست بڻجي سوويت يونين جي خلاف محاذ آرائيءَ لاءِ ويجها ٿين ٿا. اسان وٽ سنڌي سماج ۾ انفرادي توڙي اجتماعي طور تي دشمن سان ڳالهيون ڪرڻ جو عمل ڀاڙيائپ ۽ بزدلي ۽ ڪن حالتن ۾ پنهنجي ڪٽنب ۽ قبيلي، قوم ۽ وطن سان غداري جي برابر سمجهيو ويندو آهي. پر هي ڪتاب ان روايتي سنڌي ايپروچ جي نفي ڪندي سمجهائي ٿو ته پنهنجي بدترين نظرياتي ۽ سياسي دشمن سان ڪڏهن ڪڏهن ملڪي مفادن خاطر ڳالهيون ڪرڻ ۽ يا اتحاد ڪرڻ به بنهه ضروري ٿي پوندو آهي. ڳالهيون ڪرڻ وارو عمل خراب ناهي، پر ڳالهين ڳالهين ۾ قوم ۽ وطن جي مفادن سان سوديبازي ڪرڻ، ملڪي وسيلا تين وال ڪرڻ ۽ پاڻ ڦرائڻ ۽ قوم لٽرائڻ دراصل غداري آهي. نه ته ڳالهيون سياسي ۽ سفارتي عمل جو حصو ٿينديون آهن. جيڪي ڪنهن سان به ٿي سگهن ٿيون. ان سان گڏو گڏ هي ڪتاب بيان ڪري ٿو ته اجگر جهڙين عالمي طاقتن جي وچ ۾ ننڍڙي ۽ نٻل ملڪ پاڪستان جو اياڻو ۽ احمق سربراهه ڪيئن نه وچ ۾ پئي سانَن جي ويڙهه ۾ پنهنجا ٻُوڙا لتاڙي ٿو. جنهن کي ”ڪم لٿو ڪاڳر وسريو“ تحت ٻنهي طاقتن استعمال ڪري ڦٽو ڪري ڇڏيو. گويا هي واقعو سبق سيکاري ٿو ته ننڍڙن ملڪن کي وڏن ملڪن جي وچ ۾ پئي ”باهه سان راند ڪرڻ“ نه گهرجي. ننڍڙن ملڪن کي پنهنجي قد، بت ۽ وزن آهر وک وڌائڻ گهرجي. زبردست طاقتن جي وچ ۾ ڪمزور قوت جي مفادن جو ورلي ئي ڪو خيال ڪيو ويندو آهي. هي ڪتاب بيان ڪري ٿو ته اوڀرپاڪستان جي بچاءَ لاءِ آمريڪا ڪا به دلچسپي نه ورتي. البت جڏهن کيس سندس ڳجهن ادارن رپورٽ ڪيو ته اوڀر پاڪستان جي محاذ تي فتح بعد اندرا گانڌي اولهه پاڪستان تي حملو ڪري (1) پاڪستان جي قبضي هيٺ آيل ڪشمير کي ڄمون ۽ ڪشمير سان ملائڻ گهري ٿي ۽ (2) پاڪ فوج جي مٿان ڀرپور وار ڪري سندس فوجي صلاحيت کي چٿڻ چاهي ٿي ته جيئن وري ڪڏهن هندستان خلاف جنگ ڪرڻ بابت سوچي ئي نه سگهن ۽ ڏکڻ ايشيا ۾ هندستان جي فوجي برتري جو سڪو جاري ٿي وڃي. اهڙي صورتحال بعد آمريڪا ڇرڪ ڀري جاڳي پيو ۽ پنهنجون سموريون توانايون استعمال ڪري اولهه پاڪستان جي بچاءَ ۾ لڳي ويو. ايتري حد تائين جو چين ۽ روس ذريعي به هندستان کي ان ارادي کان باز رکڻ لاءِ سخت دٻاء وجهرائي اولهه پاڪستان مٿان حملو روڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو. سوال ٿو پيدا ٿئي ٿه اوڀر پاڪستان جي بچاءَ لاءِ آمريڪا ڪجهه نه ڪيو ۽ اولهه پاڪستان جي بچاءَ لاءِ ننهن چوٽيءَ جو زور لاتائين، ان پٺيان آخر ڪهڙو روحاني راز هو؟ منهنجي خيال ۾ اولهه پاڪستان ۾ دلچسپي جو سبب سوويت يونين جو پاڪستان جي پاڙي ۾ هجڻ آهي. سوويت يونين جي سرحد واکا بارڊر (موجوده تاجڪستان) ذريعي پاڪستان سان ملندي هئي. جنهن ڪري آمريڪا پنهنجي حريف سوويت يونين جي جاسوسي لاءِ ۽ مٿس امڪاني حملي لاءِ اولهه پاڪستان جي سرزمين کي مناسب ليکيندو هو. ٻيو ته بقول حمزه علوي، 1950ع جي ڏهاڪي کان مسلسل فوجي امداد ڏئي ۽ پاڪ فوج کي تربيت ڏئي کيس مضبوط ڪرڻ پٺيان آمريڪا جو هي مفاد هو جو وچ اوڀر ۾ آمريڪي مفادن کي امڪاني طور تي ڇيهو رسڻ وقت پاڪ فوج جون خدمتون ورتيون وينديون. تنهنڪري پاڪ فوج جو مضبوط هجڻ آمريڪي مفادن وٽان هو. آمريڪا جي اها اَسيسمينٽ افغان جنگ جي زماني ۾ صحيح ثابت ٿي، جڏهن جنرل ضياء الحق صاحب اسلامي جوش ۾ اچي، مسلم ملڪ جي امداد خاطر آمريڪي مفادن وٽان ڪم ڪيو. تنهنڪري اولهه پاڪستان ۽ پاڪ فوج کي بچائڻ آمريڪا جي ترجيحي مفادن وٽان هو. هي ڪتاب ٻڌائي ٿو ته ڪيئن نه آمريڪا ۾ ويٺل پاڪستاني سفير، (آغا هلالي) آمريڪا ۾ پاڪستان لاءِ سفارتڪاري بجاءِ آمريڪي مفادن جي پوئواري لاءِ سفارتڪاريءَ کي وڌيڪ اهميت ڏين ٿا. هي ڪتاب پاڪستاني جنرل ۽ چُو اين لاءِ جي وچ ۾ جنگي حڪمتِ عمليءَ تي ٿيل بحث مباحثو پڻ رپورٽ ڪري ٿو، جنهن مان معلوم ٿئي ٿو ته اسان جا جنرل جنگي حڪمتِ عمليءَ جي خيال کان چين جي ڀيٽ ۾ ڪيڏا نه پوئتي پيل هئا. ان تاريخي واقعي کي ٻين ڪيترن ئي ليکڪن بيان ڪيو آهي، پر هن ڪتاب جي خوبي هي آهي جو ليکڪ جي رسائي نه رڳو آمريڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي انهن سرڪاري دستاويزن تائين هئي، جيڪي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ جي پاليسيءَ موجب بعد ۾ پڌرا ڪيا ويا، پر جنرل يحيٰ جي ڳجهي فائيل تائين پڻ ٿي، جيڪو جنرل جي فرزند علي مصنف جي حوالي ڪيو. ‘The Chinese Connection’ جي نالي سان جنرل يحيٰ جو هي ذاتي ڳجهو فائيل 49 ڳجهن دستاويزن تي مشتمل آهي، جيڪي 15 آڪٽوبر 1969ع کان 7 آگسٽ 1971ع جي عرصي تائين ڦهليل آهن. هنن دستاويزن ۾ تڏهوڪي آمريڪي صدر نڪسن ۽ سندس قومي سلامتيءَ جي معاملن جي صلاحڪار ڊاڪٽر هينري ڪسنجر جا چيني وزيرِ اعظم چُو اين لاءِ ڏانهن موڪليل ڳجها پيغام آهن. مجموعي طور تي ڪتاب ڏاڍو بهتر لڳو. عالمي سياست ۽ خاص ڪري پاڪستان جي پرڏيهي لاڳاپن جي موضوع ۾ دلچسپي رکندڙن لاءِ هي ڪتاب بيحد ڪارگر ثابت ٿيندو.