ڪتاب ”ناپاڪ جنگيون“ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ Jawed Karami طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2015۔

  1. Jawed Karami

    Jawed Karami
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد
    مذهبي انتهاپسنديءَ کي فروغ ڪنهن ڏنو؟

    (Book Review on "Holy Wars: Afghanistan, America and International Terrorism", by John K.Cooley)

    سوويت يونين جي ٽٽڻ ۽ سرد جنگ جي پڄاڻيءَ کي ڪيترائي ورهيه گذري چڪا هئا. سرد جنگ جي دور وارن اهم رازن تان پردو کڄڻ جو سلسلو جاري هو. ان ماحول ۾، سن 1998ع ۾، هڪ فرانسيسي صحافي، اڳوڻي آمريڪي صدر جِمي ڪارٽر جي قومي سلامتيءَ وارن معاملن جي صلاحڪار بِرزِنسڪيءَ کان انٽرويو ورتو. هن انٽرويوءَ ۾ بِرزِنسڪي هڪ نهايت اهم ۽ ڇرڪائيندڙ انڪشاف ڪيو، جنهن سان سرد جنگ جي زماني جي عالمي سياست تي ٿيندڙ بحث ۾ نئين رخ جو واڌارو ٿيو. بِرزِنسڪي انٽرويو وٺندڙ فرانسيسي صحافيءَ سان اکيون اکين ۾ ملائيندي، وڏي اعتماد ۽ نهايت غرور سان چيو، ”افغانستان ۾ سوويت يونين کي مداخلت ڪرڻ لاءِ اسان (آمريڪا) مجبور ڪيو. اسان اهڙيون حالتون پيدا ڪيون جو افغانستان ۾ سوويت يونين جي مداخلت اڻٽر بڻجي پئي.“

    سامهون ويٺل صحافيءَ جا ٺَپَ ئي ٺري ويا. هُو بنهه پنڊ پاهڻ ٿي ويو. هن جي ذهن تي هڪٻئي پٺيان ڪيتريون ئي ڳالهيون يلغار ڪنديون رهيون. هن کي ياد آيو ته سوويت سفارتڪار افغانستان ۾ داخل ٿيڻ وقت اها ئي ڳالهه ڪري رهيا هئا ته آمريڪا جي افغانستان ۾ ڳجهي مداخلت کي روڪڻ لاءِ اسان افغانستان ۾ داخل ٿيا آهيون. پر مغربي ملڪن جي عوام سميت سمورا سوويت مخالف ملڪ ان کي رد ڪري رهيا هئا. هن کي اهو پڻ ياد آيو ته ڪيئن نه آمريڪي اخبارن ۾ تشهير ڪيو ويو هو ته افغان مجاهدين جي پُٺي ڪارٽر ۽ پوءِ رِيگَن انتظاميه ان ڪري ئي ٺَپي هئي، ڇو جو هُو پنهنجي ملڪ ۾ ناجائز طور تي حملو ڪندڙ سوويت جارحيت جي خلاف دفاعي جنگ وڙهي رهيا هئا. هن جي ذهن تي ويجهڙ ۾ ٿيندڙ اهي واقعا پڻ هڪٻئي پٺيان تري آيا، جن ۾ افغان جنگ جي زماني ۾ سِي آءِ اي جي تربيت يافته مجاهدن هاڻي پنهنجي هٿيارن جو مُنهن آمريڪا طرف ڪيو هو ۽ آمريڪي سفارتخانن تي حملن جو آغاز ٿي چڪو هو. خود آمريڪا ۾ پڻ ورلڊ ٽريڊ سينٽر تي 1990ع جي ڏهاڪي ۾ ئي حملو ٿي چڪو هو. هن کي پنهنجي ڪنن تي اعتبار ئي نه ٿي آيو ته هُو ڇا ٻڌي رهيو آهي؟ مطلب ته جنهن جواز هيٺ انتهاپسنديءَ جي جِنَ کي آمريڪا بوتل مان ٻاهر ڪڍيو، اهو جواز حقيقي ۽ اصلي هو ئي ڪونه. بلڪ آمريڪا پاڻ اهو جواز پيدا ڪري محض پنهنجي حريف سوويت يونين کي ڌڪ هڻڻ پئي چاهيو! مطلب ته عالمي امن لاءِ خطرو بڻيل انتهاپسندي آمريڪا جي تخليق آهي!

    يادن جي يلغارن کي روڪيندي، فرانسيسي صحافي بِرزِنسڪيءَ ڏانهن هڪ ڀيرو ٻيهر وري سوال طلب نگاهن سان ڏٺو ۽ وقت ضايع ڪرڻ بغير نهايت ڌيرج سان پڇڻ لڳو، ”توهان هاڻي ڪيئن ٿا ڀانيو؟ ڇا توهان کي ڪو پڇتاءُ يا پشيماني محسوس ٿئي ٿي؟“ سوال ٻڌڻ شرط برزنسڪيءَ جو پارو چڙهي ويو ۽ سندس چهرو لال ٿي ويو. فوري طور ورندي ڏيندي چوڻ لڳو: ”ڇا جو پڇتاءُ؟ اسان جو ڳجهو آپريشن شاندار خيال هو. ان جي ڪري ئي ته روسي افغان ڄار ۾ ڦاٿا ۽ تون ٿو چوين ته مان ان تي نادم ۽ پشيمان ٿيان! جنهن ڏينهن سوويت فوج سرڪاري طور تي افغانستان جي سرحد لنگهي اندر داخل ٿي هئي ته مون ان ڏينهن ئي صدر ڪارٽر کي لکيو هو ته اسان وٽ هاڻ زبردست موقعو آهي ته سوويت يونين کان ويٽنام جنگ جو پلاند وٺون.“

    صحافي بِرزِنسڪيءَ کي اصل سوال جو جواب ڏيڻ لاءِ بنهه واضح لفظن ۾ پڇيو: ”۽ توهان اسلامي بنيادپرستيءَ جي سهڪار ڪرڻ تي به پشيمان ناهيو؟ انهن کي هٿيار پنهوار ڏيڻ ۽ کين تعليم ۽ تربيت ڏيڻ تي به نادم ناهيو؟“

    برزنسڪي چند لمحن لاءِ پاڻ کي سقراط سمجهندي نهايت منطقي ۽ فلسفياڻي انداز ۾ ابتو صحافيءَ کان سوال پڇيو، ”عالمي تاريخ لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه ڪهڙي هئي؟ طالبان يا سوويت يونين جو ٽٽڻ؟ چند وڳوڙي مسلمان يا وچ يورپ جي آزادي ۽ سرد جنگ جو خاتمو؟“

    بِرزِنسڪيءَ جي دليل بازي فرانسيسي صحافيءَ کي متاثر ڪيو الائي جي نه، پر هيءَ حقيقت آهي ته آمريڪا پنهنجي جنم ڏينهن (1784ع) کان هيل تائين، جنگ جي معاملي ۾ سدائين تيز ۽ تڪڙو، اُٻهرو ۽ اُتاولو، ڪوتاهه انديش ۽ نا عاقبت انديش رهيو آهي. جنگ جا نتيجا خود آمريڪا لاءِ ۽ باقي دنيا لاءِ ڀلي ڪهڙا به نڪرن، ان جي آمريڪي حاڪم طبقي کي ڪهڙي پرواهه! ڀلا وڌ ۾ وڌ ڇا ٿيندو؟ وري ٻيو دشمن سامهون بيهندو نه؟ وري ان سان جنگ شروع ٿيندي نه؟ پوءِ ان ۾ ڪهڙي وڏي ڳالهه آهي! آمريڪي حاڪم طبقي کي ته هونئن ئي هميشه جنگين ۾ قلبي قرار ۽ روحاني راحت محسوس ٿيندي رهي آهي. هن لاءِ جنگ ڪنهن رومانس کان گهٽ ڳالهه ڪانهي. هن لاءِ جنگ وندر جو سامان رهي آهي. بقول آمريڪي دانشور ۽ آمريڪي تاريخ جي تمام وڏي عالم هاورڊ زِن جي ته ”جنگ آمريڪي سماج جي صحت جي ضامن آهي.“ باقي رهيو سوال ٻي دنيا جو ۽ عالمي امن جو، سو ان سان آمريڪي حاڪم طبقي جو ڪهڙو واسطو!

    ان سوچ هيٺ، آمريڪي حاڪم طبقي پنهنجون سموريون توانايون سوويت يونين کي ڀڃي ڀورا ڪرڻ ۾ صَرف ڪيون ۽ ان ۾ هن کي جيڪي به امڪاني ساٿاري نظر آيا انهن سڀني جي مٿن تي هن دستِ شفقت رکيو. جنگي جنوني آمريڪي حاڪم طبقو ڄاڻي پيو ته هڪ ڀيرو سوويت يونين جي ٽٽڻ سان جنگي مهم جوئي آمريڪا ختم ٿوري ڪندو. اڄ سوويت يونين ٽٽي ته سڀاڻي هنٽنگٽن کان ”تهذيبن جو ٽڪراءُ“ لکرائي مسلمانن ۽ اسلام کي بدنام ڪبو. اسلام ۽ مسلمانن کي آمريڪي عوام ۽ اولهه جي ٻين ملڪن جي عوام آڏو خطرناڪ ترين دشمن طور بيهاربو. مطلب ته اولهه جي عوام کي ذهني طور تيار ڪبو ته انهن تهذيب دشمن ۽ جدت مخالف مسلمانن خلاف جنگي ڪارروائي ڪرڻ مجموعي انساني فلاح ۽ بهبود لاءِ ڪيڏو نه اهم ۽ مهلائتو قدم آهي. يعني مسلسل پروپئگنڊا ڪبي ۽ آخر ۾ پنهنجي سامراجي مفادن خاطر ان دشمن جي آڙ وٺي ملڪن تي حملا ڪبا، سندن تيل، ٻين معدني وسيلن ۽ آبي گذرگاهن تي قبضو ڪبو.

    ان سوچ هيٺ آمريڪي حاڪم طبقي بنياد پرستيءَ جي موجوده بي قابو بڻيل جِنَ کي افغان جنگ جي زماني ۾، بوتل مان ٻاهر ڪڍيو. اڄ عالمي امن کي ڇيهو رسائڻ ۾ جيترو ذميدار بنياد پرست آهن، اوترو، بلڪ ڪن حالتن ۾ انهن کان به وڌيڪ ذميدار، بنيادپرستن جو سرپرست آمريڪا پاڻ به آهي. ان قسم جو اظهار آمريڪي صحافي جان ڪي ڪُولي (John K.Cooley) پنهنجي هن ڪتاب ”ناپاڪ جنگيون: افغانستان، آمريڪا ۽ عالمي دهشتگردي“ (Unholy Wars: Afghanistan, Americaand International Terrorism) ڪيو آهي.

    جان ڪي ڪُولي (1927ع_2008ع) جڳ مشهور آمريڪي صحافي، محقق ۽ مصنف هو. هُو ڪيترن ئي ورهين تائين ڪرسچن سائنس مانيٽر ۽ اي بِي سِي نيوز جهڙن خبر رسان ادارن ۾ بطور صحافي ڪم ڪندو رهيو. هُو انهن چند آڱرين تي ڳڻڻ جيترن ماڻهن منجهان هو، جيڪي وچ اوڀر جي تاريخ ۽ سياست تي گهري سمجهه ۽ سُرت، بينائي ۽ بصيرت رکندا هئا. هن اِن خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي سربراهن ۽ سفارتڪارن سان روبرو انٽرويو ڪيا. هُو مصنف به هو. هن جي ڪتابن ۾ سڀ کان وڌيڪ مقبول هي ڪتاب آهي. هن ڪتاب جو پهرين ڇاپو يارهين سيپٽمبر واري واقعي کان ٽي سال اڳ، يعني 1998ع ۾ آيو هو. جنهن ۾ هن آمريڪي سماج سميت سموري دنيا ۾ وڌندڙ اسلامي بنيادپرستيءَ ڏانهن پڙهندڙن جو ڌيان ڇڪايو هو. ڪتاب ڇپجڻ کان ٺيڪ ٽي سال پوءِ يارهين سيپٽمبر جو سانحو ٿيو. جنهن کان پوءِ هر ڪنهن هن ڪتاب کي نئين سِري سان ۽ وڌيڪ سنجيدگيءَ سان پڙهيو. ڪتاب جو ٻيو ڇاپو يارهين سيپٽمبر جي سانحي کان ڪجهه ئي مهينا پوءِ آيو ۽ بيحد مقبول ٿي ويو.

    هي ڪتاب ڪل يارهن بابن ۾ ورهايل آهي. ڪتاب ۾ بحث هيٺ آيل بعض اهم ڳالهين جو خلاصو پيش ڪجي ٿو:

    1. 1. افغانستان آمريڪا ۽ سوويت يونين جي وچ ۾ جاري سرد جنگ جو آکاڙو بڻيو:

    اُڻويهين صديءَ ۾ افغانستان سبب روس ۽ برطانيه وچ ۾ سرد جنگ:

    1980ع جي ڏهاڪي ۾ افغانستان جي سرزمين تي ٻن عالمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ دراصل پهريون ڀيرو نه ٿي هئي، ان کان ڪم و بيش سوا صدي اڳ به ساڳئي سرزمين تي تڏهوڪيون عالمي طاقتون، روس ۽ برطانيه به هڪٻئي خلاف صف آرا ٿيون هيون. افغانستان پنهنجي مخصوص جاگرافيائي بيهڪ سبب، اُڻويهين صديءَ ۾ به، روس ۽ برطانيه سرڪار وچ ۾ جنگ جو آکاڙو بڻيو هو. ان وقت به بنهي عالمي طاقتن کي هڪٻئي کان خوف هو ته جيڪڏهن هُو افغانستان کي پنهنجي اثر هيٺ نه ٿيون ڪن ته مخالف ڌر پنهنجو اثر قائم ڪندي، جنهن سان سندن مفادن کي ڇيهي رسڻ جو انديشو هو. انگريزن کي خوف هو ته زارشاهي روس افغانستان ۾ پير ڄمائڻ کانپوءِ ڏکڻ ايشيا جي اترين اولهندي سرحد (موجوده پاڪستان جو خيبر پختون خواهه صوبو) ٽپي هندستان ۾ ڪاهي ايندو ۽ هندستان جي سوني جهرڪي کانئس کسي وٺندو. جڏهن ته روس کي خوف هو ته افغانستان ۾ پير پائي انگريز ڪٿي وچ ايشيا ۾ هن جي بالادستيءَ کي نه چئلينج ڪري. ان کي مورخن عظيم راند (The GreatGame) سڏيو. ان خوف سبب 1839ع کان 1842ع تائين برطانوي فوجون پنهنجي مشهور جنرل لارڊ آڪلينڊ جي اڳواڻيءَ ۾ افغانستان ۾ داخل ٿي ويون ۽ انگريز افغان جنگين (Anglo-Afghan Wars) جو سلسلو شروع ٿي ويو. ٻن عالمي طاقتن جي وچ ۾ نه رڳو افغانستان پيسجي ويو، پر خود هندستان ۽ افغانستان جي وچ ۾ آيل ننڍا ننڍا ملڪ پڻ پنهنجي آزاديءَ تان هٿ ڌوئي ويٺا. سنڌ ۾ 1843ع ۾ چارلس نيپيئر جي فوجن جي قبضي جو پس منظر به اهو ئي آهي.

    بهرحال برطانيه افغان عوام جي مزاحمتي ڪلچر کان واقف نه هو. چون ٿا ته ابتدائي ڏينهن ۾ جڏهن برطانوي فوجون ڪابل تي قابض ٿيون ته انگريز جنرل آڏو هڪ افغاني قبائلي سردار کي جنگي قيديءَ جي صورت ۾ پيش ڪيو ويو. افغاني قبائلي سردار جنرل کي ڏسي زور زور سان ٽهڪ ڏيڻ لڳو. جنرل ترجمان کي چيو ته هن کان پڇيو ته هي ڇو ٿو کِلي؟ حالانڪه هي اسان جي قيد ۾ آهي. هي کلڻ جو وقت ته ڪونهي. افغاني سردار چيو ته انگريز فوجن کي اهو اندازو بنهه ناهي ته هُو ڪابل تائين افغانستان ۾ گهڙي ته آيا آهن، پر هاڻي هي ويندا ڪاڏي؟ ائين چئي هڪ ڀيرو وري هُو ٽهڪ ڏيئي کلڻ لڳو. (Read “Charlie Wilson’s War”) نيٺ ائين ئي ٿيو. 16000 انگريز فوج 1839ع کان 1841ع تائين ٻن سالن تائين ڪابل ۾ ويٺي رهي. عوامي بغاوت ٿي، جنهن ۾ افغانستان ۾ رهندڙ مڙني نسلن حصو ورتو. بالآخرانگريزن کي ڪابل خالي ڪري ڀڄي وڃڻو پيو. ڪيترائي انگريز فوج جا سپاهي خيبر پهچڻ کان اڳي ئي سخت ٿڌ وگهي مري ويا. باقي بچيلن کي افغانستاني سرحد جي آخري ڇيڙي تائين افغانين جي مزاحمت جو مُنهن ڏسڻو پيو. جنهن ۾ پڻ ڪيترائي انگريز فوجي مارجي ويا. جڏهن انگريز فوج جيئن تيئن ڪري اچي هندستان ۾ دم پٽيو ۽ فوجين جي ڳڻپ شروع ٿي ته معلوم ٿيو ته سورهن هزار انگريز فوج مان فقط 121 ڄڻا پنهنجون جانيون بچائي اچي هندستان پهتا هئا، باقي سڀ افغان جنگ جو کاڄ بڻيا.

    انهن ئي ڳالهين کي ذهن ۾ رکندي 1889ع ۾ لارڊ ڪرزن لکيو ته ”افغانستان پنجاهه سالن تائين هڪ پُراسرار سرزمين بڻيل رهيو. انگريزَ هن ملڪ ۾ پير رکڻ کان ڊڄندا هئا ۽ ان سان ڪنهن به قسم جي تعلق رکڻ کان ڪيٻائيندا هئا. انگريزن لاءِ هي ناقابلِ گرفت ملڪ هو. اُها سلطنت جنهن سڄي دنيا تي پنهنجي فتح جا جهنڊا کوڙيا هئا، افغانستان ۾ بنهه بي وس ۽ ڪمزور نظر ايندي هئي.“

    اڳيان هلي جڏهن ونسٽن چرچل جنگي تاريخ لکڻ شروع ڪئي ته هُن به لکيو ته ”رڳو فصلن جي لاباري جي مُند ۾، افغانستان ۾ عارضي امن رهندو آهي. نه ته پختون قبيلا هر وقت ڪنهن نه ڪنهن خانگي يا اجتماعي جنگ ۾ رُڌل هوندا آهن. پٺاڻ جي زندگي جنگي واقعن سان ڀريل هوندي آهي.“

    ويهين صديءَ ۾ افغانستان سبب روس ۽ آمريڪا جي وچ ۾ سرد جنگ:

    ويهين صديءَ ۾ تاريخ پنهنجي پاڻ کي وري ورجايو. ساڳي افغانستان جي سرزمين تي ٻه عالمي طاقتون هڪ ٻئي خلاف صف آرا ٿيون. فرق صرف ايترو هو، جو هن ڀيري برطانيه جي جاءِ آمريڪا والاري ۽ زار شاهي روس جي جاءِ سوويت يونين. ٻيو فرق هي هو ته هن ڀيري افغانستان تي اڳرائي ڪرڻ وارو سوويت روس هو. هڪ سنگين غلطي جنهن سندس سمورن دشمنن کي افغان جنگ جي ڇٽيءَ هيٺ گڏ ٿيڻ جو موقعو ڏنو ۽ پس و پيش سوويت يونين جي خاتمي جو ڪارڻ بڻي. سوويت اهلڪار هن سنگين غلطيءَ تي بعد ۾ پڇتائيندا رهيا.

    افغانستان مٿان سوويت اڳرائيءَ جو سبب وري به اهو ساڳيو هو، جنهن هيٺ انگريز فوجون اڻوهين صدي عيسويءَ ۾ افغانستان مٿان ڪاهي آيون هيون. سوويت يونين کي به برطانيه جيان ڳڻتي هئي ته جيڪڏهن هُو افغانستان ۾ پير نه ٿو پائي ته سندس مخالف (آمريڪا) افعانستان ۾ لهندو ۽ پنهنجا پير پختا ڪندو. افغانستان جيڪو سوويت يونين جو پاڙيسري ملڪ هو، تنهن لاءِ آمريڪا جو هن خطي تي پير پائڻ انتهائي خطرناڪ هو. خاص ڪري، ثور انقلاب بعد، سوويت ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ سرڪار خلاف سِي آءِ اي پاران افغان مجاهدين جي مدد ڪرڻ وارو عمل، سوويت يونين کي ان خطي ۾ پنهنجي مفادن مٿان ڪاپاري ڌڪ برابر لڳو. سوويت سوچيو ته جيڪڏهن افغانستان ۾ ثور انقلاب ناڪام ٿئي ٿو ۽ بنياد پرستن جي حڪومت قائم ٿئي ٿي ته وچ ايشيائي مسلم رياستون پڻ افغانستان مان اُتساهه وٺي سوويت يونين خلاف بغاوت ڪري ڏينديون.

    1979ع ۾ آيل ايران انقلاب کي پڻ سوويت شڪ جي نگاهه سان ڏٺو. کين خميني سرڪار جو پسِ پرده آمريڪا سان لاڳاپن جو خدشو هو. ڇو جو خميني سرڪار، پهلوي حڪومت جي برعڪس سوويت يونين سان سمورا لاڳاپا منقطع ڪري ڇڏيا ۽ افغانستان ۾ پڻ شيعه آبادي کي ڪميونسٽ حڪومت خلاف مسلح ڪرڻ شروع ڪيو هو.

    هيڏانهن افغانستان ۾ پڻ تڪڙيون تبديليون ٿيون. ثور انقلاب کان پوءِ آيل ڪميونسٽ حڪومت جو صدر نور محمد تراڪي قتل ٿي ويو ۽ حفيظ الله امين افغان صدر بڻيو. امين سوويت يونين لاءِ قابلِ اعتبار نه هو. سوويت کي شڪ هو ته امين سِي آءِ اي لاءِ ڪم ڪري رهيو هو. بالآخر غور و ويچار بعد سوويت يونين افغانستان ۾ فوجن لاهڻ جو فيصلو ڪيو. 25 ڊسمبر 1979ع تي سوويت فوجون افغانستان ۾ داخل ٿي ويون. حفيظ الله امين پنهنجي محل ۾ قتل ٿي ويو. الزام سوويت خفيه اداري ڪي جِي بِي تي لڳا. ببرڪ ڪئرمل نئون افغان صدر بڻيو. بهرحال، هڪ ڀيرو جڏهن سوويت فوجون افغانستان ۾ ڪاهي آيون ته هاڻي ٻاهر نڪرڻ هنن لاءِ ڏکيو بڻجي پيو. سُتت ئي کين معلوم ٿيو ته هُو هڪ ڄار ۾ ڦاسي پيا آهن ۽ هنن به ڪم و بيش سوا سصدي اڳ ڪيل برطانوي غلطيءَ جو ورجاءُ ڪيو آهي.

    هيڏانهن آمريڪا کي سوويت والار واري پاليسيءَ سبب خليج ۾ پنهنجي مفادن کي ڇيهو محسوس ٿيندي نظر آيو. هن ڀانيو ته هڪ ڀيرو جڏهن افغانستان ۾ سوويت پير پختا ڪيا ته اتان وڌي خليج جي تيل سان مالا مال خطي ڏانهن سوويت وڌي سگهي ٿي. تنهنڪري اتي ئي سوويت کي روڪجي. نيٺ ان سوچ هيٺ افغانستان جي سوويت حمايتي سرڪار خلاف افغان مجاهدين جي حمايت جو سلسلو شروع ٿيو.

    1. 2. سرد جنگ ۾ آمريڪا مذهب کي سوويت يونين جي خلاف ڀرپور استعمال ڪيو، جنهن جي نتيجي ۾ سموري دنيا اندر مذهبي انتهاپسندي ڦهلجي وئي:

    ٻي عالمي لڙائيءَ کان پوءِ جڏهن سوويت يونين ۽ آمريڪا وچ ۾ سرد جنگ جو آغاز ٿيو ته آمريڪا ۽ ان جي خفيه اداري سِي آءِ اي مذهب کي ملحد روس خلاف ڀرپور استعمال ڪيو. سِي آءِ اي فرانس، يونان ۽ اٽليءَ ۾ ساڄي ڌر جي سياسي جماعتن کي کٽرائڻ ۾ تمام وڏي سيڙپ ڪئي. خاص ڪري اٽليءَ ۾ ڪميونسٽن کي شڪست ڏيڻ جي لاءِ ڪرسچن ڊيموڪريٽڪ پارٽيءَ کي تمام وڏي مالي امداد ڏني.

    آمريڪي مقتدر طبقي کي جلد ئي احساس ٿي ويو ته اسلام مسيحيت جي مقابلي ۾ وڌيڪ ڪميونزم مخالف مذهب آهي. تنهن ڪري هاڻي آمريڪا حڪمتِ عمليءَ هيٺ مسلم دنيا ۾ سيڪيولر، قومپرست ۽ سوويت يونين ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ حڪومتن خلاف اسلامي بنياد پرست حڪومتن ۽ تنظيمن کي سهائتا ڏيڻ شروع ڪئي. ان وقت عرب دنيا ۾ جمال عبدالناصر هڪ وڏي اڀريل ۽ مڃيل شخصيت هو. سندس سيڪيولر ۽ قومپرستاڻه خيال سموري عرب دنيا مٿان حاوي هئا. آمريڪا ان جي مخالف مذهبي بنياد پرست تنظيم ”اخوان المسلمون“ مٿان هٿ رکيو. ۽ ٻئي پاسي مذهبي بنياد پرست سعوديءَ سان لاڳاپا جوڙي آهستي آهستي کيس سيڪيولر، قومپرست ۽ سوويت ڏنهن جهڪاءُ رکندڙ جمال عبدالناصر جي جاءِ تي تمام عرب دنيا جو چڱو مڙس ٺاهڻ جو ڄار وڇايو.

    ان ئي پسمنظر ۾ نئين ڄاول ملڪ پاڪستان ۾ آمريڪي وفادار حاڪم طبقي ملڪ کي اسلامي بڻائڻ جو آغاز ڪيو. بلڪ مسلم دنيا کي گڏ ڪري اسلامي بلاڪ ٺاهڻ چاهيو، جيڪو براءِ نام ته اسلامي بلاڪ هجي ها، پر اصل ۾ سوويت يونين خلاف مسلم ملڪن جو بلاڪ هجي ها. بهرحال مسلم دنيا ۾ انيڪ تضادن سبب، پاڪستان جي وفادار حاڪم طبقي جي مذڪوره مهم جوئي آمريڪين جي گهڻي ڪم اچي نه سگهي.

    بهرحال، آمريڪي پاليسي سازن کي بنياد پرست مسلمانن کي ملحد سوويت يونين خلاف استعمال ڪرڻ جو شاندار موقعو تڏهن هٿ آيو، جڏهن ڊسمبر 1979ع ۾ سوويت فوجون افغانستان جي سرحد عبور ڪري ڪابل تي قبضو ڪري چڪيون هيون.

    1. 3. افغان جنگ ۽ ان جا عالمي اثر:

    افغان جنگ کان پهرين بعض شدت پسند مسلمانن جون انتهاپسند تنظيمون اگر ڪنهن ڪنڊ پاسي هيون ته اهي ايتريون سگهاريون، اعليٰ تربيت يافته ۽ مالي سهائتا جي وسيع چينلس کان فيضياب نه هيون ،جيترو افغان جنگ کانپوءِ ٿيون. اڄ پاڪستان سميت سڄي دنيا ۾ جتي جتي به شدت پسند تنظيمون موجود آهن، سي سڀئي افغان جنگ جي پيداوار آهن. جن جي سرگرمين ڪري مسلم معاشره خاص طور تي انتهاپسنديءَ جو شڪار ٿي چڪا آهن. خود پاڪستان ۾ مجموعي طور تي صوفياڻي اثر هيٺ اسلام جي پُرامن صورت موجود هئي. پنجاب ۽ سنڌ صدين کان صوفين جي سرزمين طور مشهور هئا. پر افغان جنگ بعد پاڪستان ۾ پڻ انتهاپسندي ڦهلجي وئي ۽ فرقيواراڻه فساد، مسجدن ۽ امام بارگاهن تي حملا، بم ڌماڪا، قتل و غارتگري شروع ٿي وئي. آمريڪا، پاڪستان، سعودي عرب، مصر، ايران ۽ چين جي حاڪم طبقي جي پنهنجي مفادن خاطر هن جنگ ۾ شموليت، هر پاسي انتهاپسندي کي وڌائي ڇڏيو.

    سعوديءَ جا ته هونئن ئي آمريڪا سان وافادارانه لاڳاپا هئا. آمريڪا کيس سيڪيولر، قومپرست ۽ سوويت يونين ڏانهن جهڪاءُ رکندڙ جمال عبدالناصر جي جاءِ تي سموري عرب دنيا جو چڱو مڙس بڻائڻ گهرندو هو. سعوديءَ کي پنهنجي وهابي فڪر جي ڦهلاءَ لاءِ به موقعو گهربل هو. تنهنڪري افغان جنگ ۾ سعودي آمريڪا جي چوڻ تي لهي پيو.

    ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته پاڪستان جو جنرل ضياء الحق مذهبي خيال رکندو هو. پر سندس ذهني رجحان پُرامن صوفي اسلام بجاءِ پُرتشدد وهابيت ڏانهن مائل هو. جنهن ڪري به سعوديءَ جي معيت ۾ افغان جنگ ۾ لهي پوڻ هن لاءِ مذهبي طور تي اُتساهيندڙ پهلو هو. مٿان وري تازو ڀٽو حڪومت جو تختو اونڌو ڪري، اقتدار تي قبضو ڪيو هئائين ۽ ملڪ مٿان مارشل لا نافذ ڪئي هيائين. ۽ وزيرِ اعظم ذوالفقار علي ڀٽي صاحب کي خسيس ڪيس ۾ ڦاهي تي ٽنگي قتل ڪيائين. جنهن جي نتيجي ۾ سموري دنيا ۾ اڪيلو ٿي ويو ۽ مٿس تيز تنقيد جاري هئي. ضياء الحق کي ان تنهائيءَ مان نڪرڻ ۽ آمريڪي آقا کي خوش ڪري پنهنجو اقتدار ڊگهي عرصي تائين برقرار رکڻ لاءِ افغان جنگ ۾ لهي پوڻ جو سونهري موقعو هٿ آيو. جنهن کي ضياء ضايع نه ٿي ڪري سگهيو.

    مصر ۾ انور سادات، جمال عبدالناصر جي موت کانپوءِ حاڪم بڻيو. سادات جمال عبدالناصر جي پاليسين ترڪ ڪندي پنهنجو قبلو واشنگٽن کي بڻايو. ايتري حد تائين جو اسرائيل جي ناجائز حڪومت کي پڻ آمريڪا جي چوڻ تي قبول ڪيو. جنهن سان عرب دنيا ۾ سخت تاءُ ڦهليو. سادات کي مسلمانن جي دلين تي لڳل زخم تي مرهم رکڻ لاءِ ۽ گڏو گڏ آمريڪي خوشنوديءَ لاءِ افغان جنگ ۾ لهي پيو.

    ايران جي امام خمينيءَ جي شيعه حڪومت سوويت يونين کي پنهنجي لاءِ خطرو محسوس ڪيو، جنهن جا مختلف ڪارڻ هئا. بنيادي ڪارڻ ته خود امام خمينيءَ جا مذهبي افڪار هئا، جن ملحد روس کي قبول نه ڪيو. ان کانپوءِ سوويت يونين جو پاڙيسري هجڻ ۽ رضا شاهه پهلوي دور ۾ ايران ۾ مداخلت ڪرڻ به اهم ڪارڻن منجهان هو. رضا شاهه پهلويءَ سان روس جا تعلقات آخري وقت ۾ بهتر ٿي ويا هئا. ٽيون ڪارڻ ايران جي ڪميونسٽ پارٽي يعني توده پارٽيءَ جي ايران ۾ اثر و رسوخ پڻ هو. سوويت يونين مختلف ملڪن اندر ڪميونسٽ پارٽين ذريعي مداخلت ڪندو رهندو هو. آخري اهم ڪارڻ خود افغانستان ۾ موجود شيعه آبادي هئي. جن کي مسلح ڪري ملحد روس جي افغانستان تي ناجائز قبضي خلاف جهاد ڪرڻ خميني سرڪار ضروري ڄاتو.

    چين توڙي جو ڪميونسٽ ملڪ هو. پر نظرياتي، جاگرافيائي ۽ سياسي اختلافن سبب، ڪميونسٽ روس سان سندس تعلقات 1950ع ڏهاڪي جي آخري سالن کان خراب ٿيڻ شروع ٿي چڪا هئا. 1960ع ۾ ته چين ۽ روس وچ ۾ سرحدي تنازعي سبب جنگ پڻ لڳي هئي. نيٺ 1971ع کان چين ڳجهي نموني روس مخالف آمريڪا سان اتحاد ڪري چڪو هو. 1979ع ۾ جڏهن روس افعانستان تي چڙهائي ڪئي ته چين کي پڻ خطرو ٿيو ته جيڪڏهن اتي ئي روس کي مات نه ٿي ملي ته متان چين تي پڻ ڪا وڏي چڙهائي ڪري روس نه اچي. تنهنڪري چين به افغان مجاهدين جي پسِ پرده امداد شروع ڪئي.

    نيٺ روس خلاف افغان مجاهدين جي عالمي امداد شروع ٿي. بقول جان ڪي ڪُولي مجاهدين جي تربيت، سِي آءِ اي، آءِ ايس آءِ ۽ چيني خفيه ايجنسين پئي ڪئي. مجاهدين کي هٿيار هلائڻ کان وٺي، مختلف بمن ٺاهڻ ۽ هر قسم جي ميزائيل هلائڻ جي تربيت پڻ ڏني وئي. هٿيارَ ته اڻ ڳڻيا ۽ قسمي قسمي ڏنا ويا. پڇاڙيءَ ۾ جهاز تباهه ڪندڙ اسٽنگر ميزائل پڻ وڏي تعداد ۾ مجاهدين حوالي ڪيا ويا. آخرڪار سوويت يونين کي افعانستان ۾ شڪست آئي ۽ اڻ ڳڻين اندروني انتشارن ۽ اختلافن جي ور چڙهه ڀڄي ڀُري ٽُٽي پيو.

    روس ته ٽُٽو پر سموري دنيا ۾ شدت پسند تنظيمون پڻ ڦهلجي ويون. ان انتهاپسنديءَ جو اولين شڪار خود اهي ملڪ ٿيا، جن افغان جنگ ۾ ظاهري يا باطني طور حصو ورتو هو. پاڪستان ته مڪمل طور تي مذهبي انتهاپسنديءَ جي ور چڙهي ويو. پر افغانستان کان ست سمنڊ پري آمريڪ به متاثر ٿيندي رهي نه سگهيو. يارهين سيپٽمبر جو سانحو افغان جنگ ۾ انتهاپسنديءَ کي ٽيڪ جهلرائڻ جي آمريڪي پاليسيءَ جي نتيجي ۾ ٿيو. سعودي بعد ۾ اسامه بن لادن جي نيٽورڪ مان لوهه ٿي ويو. ڇو جو اسامه هاڻي سعوديءَ جي تيل جي ذخيرن تي آمريڪي قبضي ۽ سعودي حاڪمن جي آمريڪا نواز پاليسين جو سخت مخالف بڻجي پيو. نيٺ سعوديءَ کي اسامه جي شهريت ختم ڪرڻي پئي.

    هوڏانهن مصر ۾ افغان جهاد لاءِ هٿيار مهيا ڪندڙ انور سادات خود انتهاپسندن هٿان قتل ٿي ويو. سبب سادات پاران اسرائيل کي قبول ڪرڻ ڄاڻايو ويو. هيڏانهن چين جي صوبي سنڪيانگ ۾ پڻ مسلم آباديءَ ۾ انتهاپسندي وڌڻ لڳي. اڄ ڏينهن تائين سنڪيانگ ۾ شدت پسند تنظيمون چين جي مٿي جو سُور بڻيون پيون آهن. ايران کي پڻ افغان جنگ سبب ڀوڳڻو پيو. جڏهن افغانستان تي سُني شدت پسند تنظيمون قابض ٿيون ته شيعن جو قتلام شروع ٿيو. آخرڪار ايراني سفير کي به قتل ڪيو ويو.

    ان سموري ڪاررواين جي پٺيان سِي آءِ اي جا تربيت يافته گوريلا هئا ۽ اها سڄي مهرباني آمريڪي حاڪم طبقي جي آهي.

    1. 4. تاريخ مان سبق سکو _ ”پنهنجا اتحادي خيال سان چونڊيو“:

    مصنف آخر ۾ اولهه جي حڪومت کي تجويز ڏيندي چوي ٿو ته تاريخ مان سبق سکو. سندس بقول، تاريخ جو سبق بنهه سادو ۽ واضح آهي. سو هي ته جڏهن توهان مرڪزي دشمن سان ويڙهه جو فيصلو ڪيو ته پنهنجي ساٿين، اتحادين ۽ رضاڪارن جي چونڊ گهري غور ويچار بعد ڪيو. ان ڳالهه جي پڪ ڪيو ته توهان جا ساٿاري حقيقت ۾ توهان جا ساٿي آهن ۽ هُو ان وقت جو انتظار نه ڪندا جو پنهنجون بندوقن جو رخ توهان ڏانهن موڙين.

    مصنف جي مٿين تجويز ۾ هن ڳالهه جو پڻ اضافو ٿيڻ گهرجي ته انسان دوستي ۽ انساني حقن جي احترام جي علمبردار عالمي لبرل طاقتن کي پنهنجي گروهي، وقتي ۽ عارضي مفادن جي حاصلات خاطر کنيل وکن ۾ ٻي دنيا جي عوام جي مفادن جو پڻ خيال ڪرڻ گهرجي. پنهنجي حريف کي شڪست ڏيڻ لاءِ انهن حربن ۽ حرفتن اختيار ڪرڻ کان پرهيز ڪئي وڃي، جنهن سان سمورو عالمي امن خطري ۾ پئجي وڃڻ جو انديشو هجي.

    سال 2012ع ۾، جمهوري پبلڪيشنز لاهور وارن، هن ڪتاب جو اردو ترجمو ”غير مقدس جنگين“ جي عنوان سان شايع ڪيو آهي. ڪتاب جي قيمت 490 روپيا آهي ۽ هي ڪتاب فڪشن ڪتاب گهر نزد حيدرچوڪ حيدرآباد ۾ دستياب آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو