جنرل ڪي ايم عارف جي ڪتاب ”ضياء سان گڏ ڪم ڪندي“ تي تبصرو

'ڪتابن تي تبصرو' فورم ۾ Jawed Karami طرفان آندل موضوعَ ‏28 فيبروري 2015۔

  1. Jawed Karami

    Jawed Karami
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏24 آگسٽ 2010
    تحريرون:
    12
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    قاسم آباد
    ”ضياء سان گڏ ڪم ڪندي: 1977 کان 1988ع تائين پاڪستان جي اقتداري سياست“(Working With Zia: Pakistan’s Power Politics, 1977-1988)نالي هي ڪتاب ضياء جي ويجهي ۽ وفادار ساٿي جنرل ڪي ايم عارف جو لکيل آهي. 435 صفحن تي، انگريزي زبان ۾ لکيل هي ڪتاب، 1995ع ۾ آڪسفورڊ يونيورسٽي پريس وارن شايع ڪيو.

    ڪجهه مصنف بابت:

    جنرل خالد محمود عارف عرف جنرل ڪي ايم عارف، ضياء سان مارشل لا مڙهڻ کان ويندي ملڪي صدر ٿيڻ تائين (1984ع) گڏ رهيو. جنرل عارف ضيائي فوجي راڄ طرفان ملڪ مٿان مڙهيل مڙني اهم فيصلن ۾ شريڪ هو. ان ڪري سندس لکيل هي ڪتاب ضيائي مارشل لا واري دور بابت اهم ماخذ جي حيثيت رکي ٿو.

    ڪتاب پڙهڻ سان محسوس ٿئي ٿو ته شايد مصنف کي اهو احساس جاڳيو هجي ته ”ويچاري شريف النفس انسان“ (ضياء) تي ”ناجائز، بي جا ۽ گمراهه ڪندڙ“ تنقيد ٿي رهي آهي ۽ انهن حالتن کي مڪمل طور تي نظرانداز ڪيو ٿو وڃي جن جي تحت ضياء ”ملڪي سلامتي ۽ استحڪام“ جي پيشِ نظر ڀٽي صاحب جو تختو اونڌو ڪندي اقتدار جو بارِ گران پنهنجي نازڪ ۽ نفيس ڪلهن تي کنيو. تنهن ڪري ليکڪ جيئن ته ضيائي انتظاميه جو حصو هو،ان ڪري ضياء سان وفاداري کيس مجبور ڪيو ته هُو پنهنجون ساروڻيون عوام سان شيئر ڪري ريڪارڊ کي درست ڪندو هلي. ٻين لفظن ۾ هي ڪتاب هڪ حد تائين ضياء جي ڪڌن ڪمن کي جسٽيفائي ڪرڻ جي ڪوشش پڻ آهي. پر ان باوجود به ضياء جي بعض پاليسين ۽ سندس مزاج جي بعض ڪمزورين تي پڻ مصنف تنقيد ڪندي حقيقت پسند هجڻ جو ڏيک ڏيڻ جي پڻ ڪوشش ڪري ٿو. معلوم ناهي ته مصنف پنهنجي باس تي اها تنقيد پنهنجي پروفيشنل اداري سان ڪمٽمينٽ سبب ڪئي آهي يا ملڪي عوام سان ڪمٽمينٽ سبب. بهرحال ضياء دور تي هي ڪتاب اهم دستاويز ضرور آهي.

    ضياء مصنف جي نظر ۾:

    مولوي: ليکڪ ضياء کي نجي زندگيءَ ۾ مذهب تي سختيءَ سان ڪاربند رهندڙ ماڻهو ڪري پيش ڪيو آهي، جيڪو پنج وقت نمازي هو ۽ شراب شباب کان پرهيز ڪندڙ هو. سندس تعلق هندستاني پنجاب جي مذهبي گهراڻي سان هو، جيڪو پاڪستان جي قيام بعد پاڪستاني پنجاب ۾ رهائش پذير ٿيو. ضياء فوجي ملازمت جي عرصي ۾ پنهنجي ماتحت آفيسرن کي مذهبي تلقين ڪندو رهندو هو. ڪافي ڀيرا ماتحت آفيسرن ۾ شراب پيئڻ تي پابندي هنيائين ۽ کين زوري قرآن پاڪ جي تلاوت ڪرائيندو هو. ان ڪري کيس ويجها فوجي ساٿي ”مولوي“ سڏيندا هئا. اڳيان هلي ضياء ملڪ اندر ”اسلامائيزيشن“ جو جيڪو عمل شروع ڪيو ۽”افغان جهاد“ ۾ وڏي گرمجوشيءَ ڪردار ادا ڪيو ان پٺيان به سندس اهو ساڳيو مذهبي پسمنظر اثرانداز ٿيو. بهرحال ضياء جي شخصيت جي مذڪوره مذهبي پهلوءَ تي روشني وجهڻ سان گڏوگڏ مصنف آخر ۾ اهو پڻ ذڪر ڪيو آهي ته ضياء 1969ع ۾ اردن ۾ پاڪ فوج جي وفد جي اڳواڻي ڪندي ٻه سال رهيو. اردن جي شاهه حسين جو فلسطيني آزادي پسند تنظيم پي ايل او ۽ شام سان ڇڪتاڻ هلندڙ هئي. ضياء اردني فوج جي فلسطينين خلاف زميني آپريشن ۾ مدد ڪئي. هي هڪ اهڙو واقعو هو، جنهن جو بقول جنرل عارف ضياء ذڪر ڪرڻ کان لنوائيندو هو.

    رازدري يا ٻين تي اعتبار نه ڪندڙ شخص: ضياء گهٽ ڳالهائو ۽ سخت رازداريءَ جو قائل هو. ايتري حد تائين جو پنهنجي ويجهن اسٽاف جي ماڻهن کي پڻ پنهنجي رازن کان آگاهه نه ڪندو هو. ليکڪ لکي ٿو جڏهن محمد خان جوڻيجو کي ضياء وزيرِ اعظم ٿي ڪيو ته اسان کي خبر ڪانه هئي ته سندس انتخاب جوڻيجو آهي، حالانڪه ان کان هڪ ڏينهن پهرين مارشل لا انتظاميه جي اجلاس ۾ الاهي بخش سومرو کي وزيرِاعظم چونڊڻ جو فيصلو ٿيو، جنهن تي ضياء پڻ راضي ٿيو. پر پاڳاري سان ملاقات بعد سندس خيال تبديل ٿيا ۽ ٻئي ڏينهن تي ڪنهن کي آگاهه ڪرڻ کانسواءِ جوڻيجو کي وزيرِ اعظم چونڊڻ جو اعلان ڪري ڇڏيائين. غرض ته هُو پنهنجي اندر جو اونت ڪنهن کي نه ڏيندو هو. بقول جنرل عارف ته جيئن ئي مارشل لا ملڪ مٿان مڙهيائين ته اسان سان به ڳالهه واضح نه ڪيائين ته ڪو سندس ارادو ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ جو آهي. اسان کي به ائين چيائين ته فقط 90 ڏينهن تائين اسان اقتدار سنڀاليو آهي. اليڪشن ڪرائي ملڪ چونڊيل حڪومت کي ڏئي واپس بيرڪن ۾ هلڻو آهي. ايتري تائين جو وزيرِاعظم سيڪريٽريٽ ۾ به مارشل لا انتظاميه جي آفيس قائم ڪرڻ نه ڏنائين.

    بيحد چالاڪ ۽ شاطر: ضيا بيحد چالاڪ ۽ شاطر شخص هو. جيسين ڀٽو حڪومت ۾ هو ته ضياء عاجزي ۽ انڪساري جو پيڪر بڻيو بيٺو هوندو هو. بقول جنرل عارف ته ڀٽي صاحب جي سرڪار کي ختم ڪري، ملڪ مٿان مارشل لا مڙهي، ڀٽي صاحب کي گرفتار ڪرڻ بعد به جڏهن ساڻس فون تي ڳالهه ٻول ڪندو هو ته کيس ”سر“ سان مخاطب ٿيندو هو ۽ ڀٽي کي پنهنجي روئي ذريعي يقين ڏيارڻ جي ڪوشش ڪندو هو ته اوهان سان وفاداري برقرار رهندي. سچ پچ ته ڀٽو ۽ ٻيا ڪيترائي سندس ويجها رهندڙ ماڻهو کيس مڪمل سمجهي نه سگهيا.

    جنرل عارف لکي ٿو ته ضياء جو مزاج آمرانه هو. سندس ڪنهن ماتحت هڪ ڀيري ضياء تي ڳالهه ٻول ڪندي جنرل عارف کي ٻڌايو ته ضياء ملڪ کي ائين هلائي ٿو ڄڻ ته فوج جي ڪنهن يونٽ جي ڪمانڊنگ ڪندو هجي. ان سان گڏو گڏ بقول مصنف ته ضياء ڳالهه ٻول ۾ خوش اخلاق هو. اختلافِ راءِ ٻڌندو ۽ برداشت ڪندو هو. ڪندو وري به اهو ئي هو جيڪا دل چوندي هيس. پر گهٽ ۾ گهٽ اڳئين ماڻهوءَ جي ڳالهه غور سان ٻڌندو ضرور هو.

    ڀٽو صاحب:

    ڪتاب ۾ جيئن ته جنرل ضياء الحق کي جسٽيفائي ڪرڻ مقصود هو، تنهنڪري ڀٽي صاحب تي جارحاڻي تنقيد ڪرڻ ضروري ڄاتو ويو. پهرين ٻن ٽن بابن ۾ مفصل انداز ۾ ان تي روشني وڌي وئي آهي ته ڀٽي صاحب ايوبي مارشل لا جي زماني ۾ وزيرِ خارجه کان ويندي ضيائي مارشل لا مڙهجڻ تائين ڪيئن پنهنجي ”ذاتي مفادن خاطر ملڪي مفادن کي ڇيهو رسايو“ ۽ ”ملڪ کي تباهيءَ“ جي ڪناري تائين پهچايو. نيٺ ”ملڪي استحڪام ۽ سلامتيءَ خاطر“ ضياء مارشل لا هڻي ”ملڪ بچائي“ ورتو. تنهن ڪري ڪتاب ۾ ڪٿي به ڀٽي صاحب تي جائز توڙي ناجائز تنقيد جو ننڍڙو موقعو به مِس نه ڪيو ويو آهي. ڀٽي سان گڏ پي اين اي جي سياستدانن تي پڻ ڇوهه ڇنڊيا ويا آهن.

    ڀٽي صاحب کي بچائڻ لاءِ بهتر حڪمتِ عملي اپنائي نه وئي:

    جنرل عارف بقول ته بيگم نصرت ڀٽو ۽ محترمه بينظير ڀٽو مارشل لا جي شروعاتي ڏينهن ۾ جيڪي تيز ۽ تکيون تنقيدون ضياء تي ڪيون ۽ خاص ڪري کيس ڀٽو حڪومت جي برطرفي سبب انتقامي ڪاروائي لاءِ تيار رهڻ جي ڌمڪي ڏني، انهن ماحول گهڻو خراب ڪيو. بقول ليکڪ ته ان وقت ڪارڊ ڀٽو گهراڻي وٽ نه هو، بلڪه ضياء وٽ هو. ڀٽو گهراڻو ڪمزور هو، ضياء نه هو. اهڙي صورتحال ۾ ضياء کي ڀيانڪ انجام وارو منظر ڏيکارڻ سان ڀٽو گهراڻي پنهنجي مقصد کي ئي هاڃو رسايو. ضياء خبردار بلڪه خوفزده ٿي پيو. کيس ڀٽي صاحب جي انتقامي طبعيت جي پڻ خبر هئي. مٿان وري کيس ڪيترن ئي پي اين اي اڳواڻ ۽ ٻين ماڻهن پڻ ڀٽي جي انتقامي مزاج جو ڊپ ڏنو. جنهن سبب ضياء ڀٽي صاحب کي شهيد ڪرڻ ۾ ئي پنهنجي ڀلائي ڄاتي.

    جنرل عارف چواڻي ته ڀٽو فيملي ٻي غلطي اها ڪئي جو هنن ڀٽي کي بچائڻ لاءِ گهڻو انحصار ٻاهرين امداد تي ڪيو. خاص ڪري آمريڪا تي. مطلب ته اندروني طور تي ملڪ ۾ عوامي احتجاجن وسيلي ضياء مٿان دٻاءَ وجهڻ لاءِ ڪجهه نه ڪيو ويو.

    پ پ پ قيادت پسِ پرده ضياء سان سهڪاري رويو رکندڙ هئي:

    پيپلز پارٽيءَ پڻ ڀٽي صاحب جي بچاءَ جي لاءِ ڪو عوامي پريشر پيدا نه ڪيو. بلڪه ڪتاب پڙهڻ سان تاثر ملي ٿو ته پ پ پ قيادت اندروني طور تي ضياء حڪومت سان سهڪار ڪيو. جنرل عارف لکي ٿو ته ڀٽي جي شهادت جي ڪجهه عرصي بعد (1980ع) مارشل لا انتظاميه جي هڪ اجلاس ۾ ان تي بحث ٿيو ته ملڪ ۾ ڪو وزيراعظم آڻي اهو تاثر پيدا ڪجي ته مارشل لا حڪومت سياسي سيٽ اپ آڻڻ لاءِ فڪرمند آهي. پر وزيرِاعظم سنڌ مان کڻجي، ڇو جو ڀٽو سنڌي هو ۽ سنڌين ۾ هينئر احساسِ محرومي شديد آهي. نيٺ فيصلو ٿيو ته غلام مصطفيٰ جتوئي کي وزير اعظم ڪجي. جتوئي پنڊي پهتو. ضياء سان ملاقات ڪيائين. وزيرِاعظم ٿيڻ لاءِ ڪن شرطن تي راضي ٿيو. پر اڳيان هلي ضياء جو ارادو بدلجي ويو. ان مان معلوم ٿئي ٿو ته ڪافي عرصي کان پسِ پرده پ پ پ قيادت منجهان بعض ضياء حڪومت سان مسلسل رابطي ۾ هئا، بلڪه سهڪاري رويو رکندڙ هئا. شايد ان سبب ڪري ڀٽي صاحب جي بچاءَ جي لاءِ ملڪ ۾ پ پ پ قيادت عوام کي منظم ڪندي ضياء شاهي خلاف احتجاج ڪندي نظر نه آئي.

    محمد خان جوڻيجو ضياء جي اميدن جي برعڪس نڪتو:

    ليکڪ چواڻي ته پير پاڳاري جا ضياء سان تمام سٺا تعلقات هئا. ايتري حد تائين جو جڏهن ضياء ملڪ مٿان ڊگهي عرصي تائين حڪومت ڪرڻ لاءِ پنهنجي فوجي حڪومت کي ڪا سياسي شڪل ڏيڻ لاءِ پريشان رهندو هو ته انهن ڏينهن ۾ هڪ ڀيري پير صاحب کيس پنهنجي پارٽي پاڪستان مسلم ليگ جي صدر ٿيڻ جي پڻ آڇ ڪئي، جيڪا ضياء قبول نه ڪئي. بهر حال عوامي دٻاءَ سبب ملڪ ۾ انڌو منڊو سياسي سيٽ اپ آڻڻ لاءِ ضياء پير صاحب جي مريد ۽ مسلم ليگي محمد خان جوڻيجو کي وزيرِ اعظم چونڊيو. ضياء جو خيال هو ته جوڻيجو صاحب مڪمل طور تي سندس ڌاڳي ڦيڻي ۾ رهندو. پر ساڻس ٿيل پهرين ملاقات ۾ ضياء جي خوشفهمي ان وقت دُور ٿي وئي جڏهن محمد خان جوڻيجو صدارتي آفيس ۾ داخل ٿيندي ضياء سان مليو ته وزيرِاعظم چونڊرائڻ تي سندس شڪريو ادا ڪرڻ بجاءِ وڏي رُکائي سان کانئس پڇيائين ته ”جناب صدر صاحب! توهان مارشل لا ڪڏهن ٿا هٽايو؟“ سوال ٻڌڻ شرط ضياء جا ٺپ ئي ٺري ويا. ضياء کي وڌيڪ تڪيلف ان وقت ٿي هوندي جڏهن قومي اسيمبليءَ ۾ پهرين تقرير ڪندي جوڻيجي صاحب چيو ته ”جمهوريت ۽ مارشل لا ٻئي گڏ نه ٿيون هلي سگهن.“

    محمد خان جوڻيجو نهايت شريف، کرو ۽ سڌو ماڻهو هو. جنهن پهرئين ڏينهن کان وٺي اها ڪوشش پئي ڪئي ته مٿس ڪٺ پتلي وزيرِاعظم جو ٺپو نه لڳي. هو هڪ بااختيار وزيرِ اعظم جيان هلڻ چاهيندو هو. هو پر خلوص ڪوشش ڪندو هو ته ملڪ کي جمهوريت ڏانهن وٺي هلجي. هُو ملڪ کي آئين ۽ قانون موجب هلائڻ چاهيندو هو. جيتوڻيڪ هُو ڪيترن ئي ڳالهين ۾ ضياء جو چوڻ ڪندو رهيو ۽ ٺهي هليو، پر ان باوجود به بعض ڳالهين ۾ ضياء جو بنهه چوڻ نه ڪندو هو ۽ پنهنجي مرضي هلائيندو هو. قومي اسيمبليءَ جي اسپيڪر لاءِ ضياء جو اميدوار ٻيو هو، پر جوڻيجي پنهنجو اميدوار بيهاري ڪامياب ڪرايو. افغان جنگ تي اي پي سي ڪوٺائي ضياء جي ”نجي معاملي“ ۾ سياسي پارٽين کي شريڪ ڪرڻ وارو جوڻيجي جو عمل ضياء کي بنهه پسند نه آيو. نيٺ جڏهن اوجهڙي واقعي (1988ع) بعد هن آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه ۽ جنرل ضياء جي لاڏلي جنرل اختر عبدالرحمان کي ذميدار قرار ڏيارڻ جي ڪوشش ڪئي ته ضياء جي صبر جو پيمانو لبريز ٿي ويو ۽ سندس حڪومت برطرف ڪئي وئي. جنرل عارف بقول ته جنرل اختر عبدالرحمان ۽ جنرل رفاقت ضياء جا هن جي خلاف ڪن ڀريا.

    ضياء جي افغان پاليسي:

    بقول ليکڪ ته افغان پاليسي جي تشڪيل نهايت رازداريءَ سان ڪئي ويندي هئي. ايتري حد تائين جو پاڪ فوج کي پڻ ان ۾ شامل نه ڪيو ويندو هو. ضياء آءِ ايس آءِ سربراهه جنرل اختر عبدالرحمان سان مشاورت ڪري اهم فيصله پاڻ ڪندو هو ۽ جنرل اختر عبدالرحمان ان تي پنهنجي ڳجهه اداري وسيلي عمل ڪرائيندو هو. باقي فوج ان خفيه آپريشن بابت لاعلم رهندي هئي. ملڪ جي پرڏيهي وزير صاحبزاده يعقوب کي پڻ تفصيل ٻڌائڻ کان گريز ڪيو ويندو هو. هڪ ڀيري پرڏيهي وزير شڪايت ڪندي چيو ته پرڏيهي دفتر کي افغان پاليسيءَ جو دفاع ڪندي ڏاڍي ڏکيائي ٿئي ٿي، ڇو جو ان پاليسيءَ جي تشڪيل دفترِ خارجه ۾ نه بلڪه”ٻين شعبن“ ۾ ٿئي ٿي.

    ضياء افغان جنگ ۾ پنهنجي اسٽريٽجڪ اهميت جو مڪمل اندازو لڳائي آمريڪا کي پنهنجن ٽرمس اينڊ ڪنڊيشنس تي آندو. (1) هڪ ته آمريڪا بار بار ڪوشش ڪئي ته کيس قائل ڪري ته اسان جي قانون موجب انهن ملڪن کي امداد نه ٿي ڏئي سگهجي جيڪي نيوڪليئر پروگرام تي عمل ڪندا هجن. تنهنڪري پاڪستان نيوڪليئر پروگرام تان هٿ کڻي ته کيس امداد ڏيون. پر ضياء آمريڪي دٻاءَ ۾ اچڻ بجاءِ نيوڪليئر پروگرام جاري رکيو. کيس پڪ هئي ته سوويت يونين خلاف آمريڪا کي سندس ضرورت آهي. جنهن جي نتيجي ۾ ريگن انتظاميه پنهنجي ملڪي قانون کي پاسيرو رکندي پاڪستان لاءِ امداد شروع ڪئي. (2) ضياء آمريڪا کي چيو ته مجاهدين لاءِ آمريڪي امداد سڌو مجاهدين کي ملڻ بجاءِ پاڪستان کي ملي. سِي آءِ اي جو افغان مجاهدين سان ڪو واسطو نه هوندو. افغان مجاهدين کي آءِ ايس آءِ ڊيل ڪندي. آمريڪا اها شرط به قبول ڪئي.

    ضياء جي باري ۾ فوج جي اندر پڻ تحفضات پيدا ٿيڻ لڳا هئا:

    مصنف چواڻي ته ضياء جي بعض پاليسين سان ڪجهه جنريلن کي پڻ تحفضات هئا. ضياء پنهنجي ويجهن جنرلن کي مدي ختم ٿيڻ کانپوءِ ايڪسٽينشن ڏئي ويهاريو ويٺو هو. جنهن ڪري جن جا پروموشنس رڪجي ويا سي ضياء جي مٿان سخت ناراض هئا. ٻيو ته مارشل لا جي ابتدائي ڏينهن ۾ سموري فوج ملڪي حالتن جي پيش نظر ضياء جي عمل جي پٺڀرائي ڪئي. پر جڏهن ضياء وعدي موجب اليڪشن 90 ڏينهن اندر نه ڪرايون ۽ جيئن پوءِ تيئن اقتدار کي طول ڏيندو ويو ته فوج جي اندر پڻ سندس اهڙي روش تي ڪجهه جنرلن اعتراض ڪرڻ شروع ڪيا.

    ضياء جو موت اتفاقي حادثي جو نتيجو نه هو، بلڪه سوچيل سمجهيل سازش هئي:

    آگسٽ 1988ع ۾ هوائي جهاز جي حادثي جي نتيجي ۾ ضياء جي مارجي وڃڻ کي مصنف اتفاقي حادثو نه ٿو سڏي. پر تحقيق وسيلي ثابت ڪري ٿو ته اهو اڳواٽ رٿيل سازش ذريعي ٿيو. ضياء جي موت جو گهڻو ذميدار مصنف آمريڪا کي سمجهي ٿو. هن جو چوڻ آهي ته شروع کان وٺي ضياء جو اسلامي جوش ۽ نيوڪليئر پروگرام آمريڪا جي اک جو ڪنڊو هئا. نيٺ افغان جنگ جي ڪري آمريڪا مصالحتي خاموشي اختيار ڪئي ۽ ضياء کي استعمال ڪيو. افغان جنگ جي پڄاڻي بعد ضياء ڪم جو نه رهيو. مٿان وري سندس پان اسلامڪ خيال آمريڪا کي پريشان ڪندا رهيا. نيٺ آمريڪا کيس قتل ڪرائي دم پٽيو. پنهنجي ان خيال جي تائيد ۾ جنرل عارف هي دليل پيش ڪري ٿو ته جيتوڻيڪ جهاز حادثي جي جاچ ڪندڙ بورڊ ۾ آمريڪي پڻ شامل هئا، جن کي مدد لاءِ گهرايو ويو هو. پر رپورٽ پاڪستان سرڪار طرفان اعلان ڪرڻ کان اڳ ۾ ئي لِيڪ ٿي آمريڪي اخبارن ۾ شايع ٿي وئي. جنهن ۾ چيو ويو ته حادثو جهاز جي انجڻ ۾ فني خرابيءَ سبب پيش آيو. ان ڳالهه کي آمريڪي پريس گهڻو ڦهلايو. دراصل اهو هڪ اهڙو مفروضو هو جيڪو بورڊ طرفان چڱيءَ ريت جاچيو ويو هو ۽ وڏي جاچ جوچ بعد ان کي رد ڪيو ويو هو. مصنف سوال اٿاري ٿو ته ڪٿي ائين ته نه هو ته حقيقي ڳالهه کي ڊائيورٽ ڪري ٻين رخن ڏانهن ذهن ڦيرائڻ لاءِ شڪ شبها پيدا ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي وئي؟ آمريڪا جي اسٽيٽ ڊپارٽمينٽ چيو ته ”اسان جي محسوسات هي آهي ته اهڙي ڪنهن پڪي پختي ثابتيءَ جي عدم موجودگيءَ سبب ته اهو ڪو ڪرمنل ايڪٽ هو يا محص حادثو، ان کي جهاز جي تباهه ٿي وڃڻ جو نالو ڏيڻ گهرجي.“

    نيوز ويڪ نالي آمريڪي رسالي چيو ته پاڪستان ۾ جهاز حادثي جي جاچ ڪندڙ آمريڪي ٽيم جي سربراهه ڪلونيئل ڊينئيل اِي سواڊا ڪانگريس کي رپورٽ ڪندي ٻڌايو ته اسان کي جهاز جي مشين خراب ٿيڻ جو ڪو ثبوت نه مليو آهي.

    آمريڪي قانون موجب جڏهن ڪو سندس شهري دنيا ۾ ڪٿي به ڪنهن حادثي سبب مري پوندو آهي ته ايف بي آءِ کي موڪلي جاچ ڪرائي ويندي آهي. پر آمريڪا ضياء سان گڏ حادثي ۾ مري ويل پنهنجي سفير جي هلاڪت جي جاچ لاءِ ايف بي آءِ کي نه موڪليو. جنهن سبب ڪانگريس مٿس تنقيد پڻ ڪئي. واشنگٽن ۾ ان معاملي تي پراسرار خاموشي جنرل ڪي ايم عارف کي ان پاسي سوچڻ تي مجبور ڪيو ته هُو ڏسي ته ضياء جي قتل جا پيرا واشنگٽن تائين پهچن ٿا.

    جنرل ڪي ايم عارف ضياء جي قتل جي داستان ۾ مقامي جنرل جي ملوث هجڻ ڏانهن پڻ اشارو ڪري ٿو.ڪتاب تي تنقيد:

    مجموعي طور تي ڪتاب بهتر لڳو. ضياء بابت تفصيلي احوال ڏنا ويا آهن. پر ان باوجود ڪتاب ۾ هيٺيون کوٽون خاميون نظر آيون:

    ڪتاب جي بنيادي خامي معروضيت جي کوٽ آهي. مصنف هڪ غير جانبدار محقق جيان نظر نه ٿو اچي. ڪتاب پڙهڻ دوران جابجا محسوس ٿئي ٿو ته مصنف مٿان پنهنجي پروفيشنل اداري سان ڪمٽمينٽ حاوي آهي. هُو ملڪي حالتن کي پنهنجي اداري جي عينڪ سان ڏسي ٿو. عام عوام جي اک سان نه ٿو ڏسي. مصنف کي ضيائي حڪومت جي ڏينهن ۾ جيڪا انساني حقن جي لتاڙ ٿي، سا بنهه نظر نه ٿي اچي. مصنف هڪ اکر به ان تي نه لکيو آهي. ضيائي مارشل لا جهڙيءَ طرح جمهوري حقن جي گهر ڪندڙ پرامن ماڻهن مٿان گوليون وسائي کين شهيد ڪيو ان تي حرف به نه لکيو آهي. هزارين سياسي ڪارڪنن کي گرفتار ڪري جيلن ۾ اذيت جو نشانو بنايو ويو ۽ سوين ماڻهن کي سرِِعام ڪوڙا هڻي بيرحمانه تشدد جو نشانو بنايو وي ۽ سندن تذليل ڪئي وئي، مصنف ان جو ذڪر ڪرڻ به گوارا نه ڪيو آهي. سنڌ ۾ ان زماني ۾ ڌاڙيل ڪلچر جهڙيءَ طرح پروان چڙهيو يا چاڙهيو ويو، ان لاءِ ضيائي مارشل لا ڪي به جوڳا اپاءَ نه ورتا، ان تي حرف به نه لکيو ويو آهي. ضياء جي لاڏلي جمعيت تعليمي ادارن اندر جهڙيءَ طرح هٿيار ڪلچر متعارف ڪرائي شاگرد سياست کي ڪرمنلائيز ڪيو، ان جو ذڪر ئي نه ٿيو آهي. ضياء پان اسلامزم جي جذبي هيٺ افغان مسلمانن جي مدد ڪئي، پر 1982ع ۾ لبنان تي اسرائيل جي چڙهائي ۽ آمريڪا جي اسرائيل جي پٺي ٺپڻ واري عمل تي پان اسلامسٽ ضياء سخت احتجاج ڇو نه ڪيو؟ مصنف ان تي ڪا به باز پرس نه ڪئي آهي. خاص ڪري ڀٽو دشمني ۾ ليکڪ ايترو ته اڳتي نڪري ويل ٿو نظر اچي جو ڀٽي صاحب جا جائز چڱا پاسا به کيس نظر نه ٿا اچن. ڀلا ٻين پاسن کي ته ٺهيو، پر اهي پاسا جن جي چڱائيءَ بابت مصنف جي اداري کي به ڪو شڪ نه هوندو، سي به ذڪر جوڳا مصنف نه سمجهيا آهن. مثلاََ: نيوڪليئر پروگرام جي شروعات جو فائدو پس و پيش ڪنهن کي هو؟ پر ان کي به ذڪر جوڳو نه سمجهيو ويو. ان ۾ ڪو شڪ ناهي ته ڀٽي صاحب جا ڪيترائي پاسا قابلِ تنقيد آهن، پر ساڳئي وقت ڪجهه پاسا قابلِ تعريف پڻ آهن. محض خامين کي بحث هيٺ آڻڻ ۽ خوبين جو ذڪر نه ڪرڻ واري روش غير منصفاڻي روش آهي. ڪتاب ۾ شرح و بسط سان جنرل ضياء الحق جي مختلف پاليسين جي وضاحت ساراهه واري انداز ۾ ڪئي وئي آهي ۽ جيڪڏهن مٿس ڪا تنقيد به ڪئي وئي آهي ته اها محض ان خيال کان ڇاڪاڻ ته مصنف جي پروفيشنل اداري کي ضياء جي پاليسين سان نقصان ٿي رسيو. بهرحال ان اهم خامي باوجود به هي ڪتاب ضيائي مارشل لا بابت تفصيلي دستاويز آهي ۽ پڙهڻ جوڳو آهي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    جنرل ڪي ايم عارف جي ڪتاب ”ضياء سان گڏ ڪم ڪندي“ تي تبصرو، مفيد ۽شاندار آهي.جنهن لاءِ اوهان لکيو آهي ته “ڪتاب ضيائي مارشل لا بابت تفصيلي دستاويز آهي“ ضيائي حڪومت جمهوري حقن جي گهر ڪندڙ پرامن ماڻهن مٿان گوليون وسائي کين شهيد ڪرڻ ۽ انساني حقن جي لتاڙ،ڌاڙيل ڪلچرشاگرد سياست کي ڪرمنلائيز ڪرڻ ۽ ٻيا کوڙ سارا ضيا جي دور جا منفي پاسا آهن، خيال ڪجي ته انهن جي وقت به وقت ابٽار ٿيندي رهي آهي، ضروري ناهي ته ڪتاب ”ضياء سان گڏ ڪم ڪندي“ ۾ مصنف لکي ها. بحر ڪيف اوهان جو تبصرو جاذب ۽ جاندار آهي. اميد ته اهڙي ڪوشش جاري رکندا. مهرباني.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو