حڪيم محمد يوسف کتري
سينيئر رڪن
صوف (ڦل)
اردو : سيب
پنجابي : سيو
بنگالي : سو
سنسڪرت : سيوا
فارسي : سيب
عربي : تفاح
گجراتي : شو
انگريزي : Apple
لاطيني : Pyrus males
هي گھڻو ڪري روس جي مرڪزي شهرن قازقستان ڪرغيزيه، تاجڪستان، زن جياگ (چين) ۾ قديم زماني کان وٺي پوکيا ويندا هئا. سندن جنگلي خودرو نسل، اڄ به انهن علائقن ۾ بشمول ترڪي موجود آهي. انهيءَ نسل جي پوک کان پوءِ ان کي بهترن ميوو بنائڻ جي لاءِ ڪوششون جاري رهيون. صوفن جا بهترين مصنوعي قسم سڪندر اعظم حضرت عيسى کان به 300 سو سال اڳ ايشيا مائنر مان مقدونيه ڏانهن موڪليا ۽ يورپ ۾ باقائدي ان جي پوک ڪرائي.
حڪيم ايس ايم اقبال پنهنجي هڪ مضمون ۾ صوف تي تمام بهتر معلومات ڏني آهي جيڪا هن ريت آهي . صوف جا هونئن ته 1500 جي قريب قسم آهن جيڪڏهن هن کي ٻج سان پوکيو وڃي ته بلا مبالغه هڪ لک کان مٿي قسم پوکي سگھجن ٿا. اهڙيءَ طرح صوف دنيا جي سڀني ميون کان وڌيڪ قسمن وارو ميووآهي. قارئين کي خبر هئڻ کپي ته قرآن شريف ۾ صوف جو ذڪر نه آهي انهيءَ ڪري انهن ماڻهن کي مايوسي ٿيندي آهي جيڪي صوف کي جام شفا سمجھندا آهن. حقيقت ۾ صوف ٻير جي قسمن جو هڪ ميوو آهي. هن جي سڪل ذائقو ۽ تاثير به ٻير سان ئي ملي ٿو پر جديد علم نباتيات وارا به صوف کي ٻير جي خاندان مان سمجھن ٿا. جيئن ته ٻير جو قرآن ۾ ذڪر آهي انهيءَ ڪري ان خاندان جي ميوي جي ڪري صوف جو ذڪر به ايئن سمجھجي. صوف پوري دنيا جو هڪ پسنديده ميوو سمجھيو وڃي ٿو پر ڪافي ملڪن جو سفر ڪندي رستي جي ٻنهي پاسن صوف جون نه ختم ٿيندڙ قطارون نظر اينديون. پاڪستان ۾ صوف جا باغ صوبي بلوچستان آزاد ڪشمير ۽ خيبر پختون خواه جي علائقن ۾ عام جام موجود آهن. سوات دير چترال، هزاره ڊويزن ۾ ڪافي جڳهن تي نظارو پيش ڪن ٿا. انهن سڀني مان بهترين باغ ڪوهه مري ۾ آهن. ڪوهه مري ڏانهن سفر ڪندي ٿوريئي مفاصلي تي جبل جي پاسن ۾ نگاهه پوڻ تائين صوفن جا باغ موجود آهن. ڪوهه مري کان ڀوربن ڏانهن سفر ڪندا ته اڳيان هلي صوف جو هڪ خوبصورت باغ نظر اچي ٿو. اهو ايترو ته ڊگھو ۽ وڻندڙ آهي جو دل حيران ٿي وڃي ٿي. آزاد ڪشمير ۾ صوف جا باغ جام هجڻ کپن انهيءَ ڪري ته ڪشمير جو صوف بهتر سمجھيو وڃي ٿو پر افسو جي اها ڳالهه آهي ته آزاد ڪشمير ۾ صوف جا باغ تمام گھٽ آهن. حڪومت جي طرفان ڪجھ نرسريون آهن جن ۾ چڪار جي نرسري خاص خوبصورت آهي پر ننڍي آهي. پاڪستان ۾ اهڙا علائقا جام آهن جتي صوف تمام بهتر ٿين ٿا پر افسوس سان چوڻو ٿو پوي ته رستا نه هئڻ ڪري اهي صوف پاڪستان جي ٻين علائقن ڏانهن موڪلي نٿا سگھجن. چترال ۾ تبليغي جماعت سان سفر دوران ننڊ جو غلبو تمام گهڻو رهيوجنهن سان تمام گھڻي پريشاني ٿي. آخر ۾ وڃي خبر پئي ته اتي ميون جي گھڻائي جي ڪري اتي هو ڍنڍ ۾ ميوا وجھي ڇڏيندا آهن جيڪا انتهائي ٿڌي منڊي آهي سياري ۾ ته ڄمي ويندي آهي . انهيءَ ڍنڍ جو پاڻي پيڻ ڪريئي ننڊ ايندي آهي. بلوچستان ۾ هڪ جڳهه آهي جنهن کي ڪوهلو چيو وڃي ٿو انهيءَ جي نسبت سان صوف جي هڪ قسم کي ڪوهلوي صوف چيو ويندو آهي. هي صوف وچولي سائز جو هيڊاڻ مائل سائو هوندو آهي. ذائقي ۾ چاشني دار کٽ مٺو هوندو آهي انهيءَ مان رس چـڱيءَ طرح نڪرندي آهي. الموڙ ا جي جڳهه تي هڪ انگري ويلر جا صوف جا باغ هئا جن ۾ نت نوان قسم دريافت ڪياويندا هئا. انهن مان 12 نمبر ۽ سائو صوف بهترين قسم تسليم ڪيو ويندو هو . سائو صوف مري جي ڪجهه باغن ۾ به موجود هو. هي سائز ۾ وچولو، کل تمام سنهي، اندران سبز هوندو آهي ۽ ذائقي ۾ انتهائي مٺو هوندو آهي، نرم ايترو جو چپن سان کائي سگھجي ٿو. صوف جو هڪ قسم مشهدي آهي انهيءَ کي ڪنگ اسٽار يا گولڊين ستار به چوندا آهن. اسان وٽ گھڻو ڪري اهوئي صوف پوکيو وڃي ٿو ۽ سندس وڪرو به مهناگي اگهه سان ٿئي ٿو. ڪشمير ۾ هڪ امبري قسم جو صوف پوکيو وڃي ٿو جنهن تي تمام گھڻي محنت به ڪئي وڃي ٿي، جنهن سان ان جو رنگ ڪاراڻ مائل ڳاڙهو ٿئي، هي سائز ۾ به گولڊن صوف کان وڏو هوندو آهي. صوف جي ڳاڙهاڻ جي ڳالهه آئي ته مونکي افغانستان جي شهر غزني جي ياد اچي وئي. سلطان محمدو غزنوي جو مقبرو به غزني جي ميدان ۾ هڪ مٿاهين جڳهه تي آهي جنهن تي پهچڻ لاءِ انتهائي ويڪرا ۽ ڊگھا صوفن جا باغ لڳل هئا، جڏهن مٿي پهچي هيٺ نظر ڪيم ته ڄڻ هيڊي ميدان ۾ باهه لڳل هجي جتي ڪٿي ڳاڙها صوف وڻن ۾ ڪثرت سان لٽڪيل نظر اچي رهيا هئا.
سڃاڻپ
هي هڪ مشهور ميوو آهي. جنهن جووڻ 10 ميٽر تائين ڊگھو ٿئي ٿو پنن جو آخري حصو بجيارو هوندو آهي . هن کي موسم بهار جي شروع م سفيد رنگ جا گل لڳندا آهن جن تي ڳاڙهي رنگ جا نشان هوندا آهن ڦل جو رنگ سائو پوءِ هيڊو ڳاڙهو به هوندو آهي.
مزاج : گرم تر، هي مزاج مٺي صوف جو آهي. جڏهن ته کٽي مٺي صوف جو مزاج سرد خشڪ آهي . جيئن ته هن ۾ فولاد آهي انهيءَ ڪري هن جو مزاج سرد خشڪ ئي تسليم ڪرڻ گھرجي.
مضر: رياح پيدا ڪري ٿو خوني دستن ۾ استعمال نه ڪجي. طبيبن جو چوڻ آهي ته صوف سلهه پيدا ڪري ٿو . اها ڳالهه حڪيم نجم الغني خزائن الادويه ۾ لکي آهي، جيڪا مڃڻ جهڙي نه آهي. انهيءَ ڪري ته سلهه مائيڪو بيڪٽريم جي ڪري ٿئي ٿي . انهيءَ ڪري صوف سان سل ٿيڻ مضحڪه خيز ڳالهه آهي جديد دور ۾ ته مرڳو سلهه وارن کي صوف کارائيندا آهن
مقدار و خوراڪ : هڪ صوف کان ٻه صوف تائين کائڻ گھرجن.
مزاج: گرم خشڪ آهي
فائدا
هي دل ۽ دماغ کي قوت ڏي ٿو پر اڪثر ماڻهو صوف کي دل سان منسوب ڪندا آهن ۽ هن کي دل جي لاءِ بهترين لکندا آهن. جيئن ته هن ۾ فاسفورس هوندو آهي انهيءَ ڪري هي دماغي اعصاب ۽ هڏين کي طاقت ڏي ٿو مفرح قلب هئڻ سان گڏ روح کي تقويت ڏي ٿو. هن جو لاڳيتو استعمال جسم کي ٿلهو ڪري ٿو. مني پيدا ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي. آفيم يا شراب جو نشو ڇڏائڻ جي لاءِ هن کي استعمال ڪيو ويندو آهي. هي ڀٽون يا وِڇونءَ جي ڏنگ ۾ به مفيد آهي. هي معدي کي ڦوڪي ٿو انهيءَ ڪري جن ماڻهن کي ڀرتي جي شڪايت هجي ته اهي استعمال نه ڪن. حڪيم الياس ته صوف جو شربت سل لاءِ مفيد لکيو آهي پر طبيبن ان جي انهيءَ تحقيق کي ان ڪري رد ڪيو ته پراڻن طبيبن جو ڪثرت سان لکيو هو ته صوف سلهه پيدا ڪري ٿو اها اڻ ڄاڻائي ڪري آهي . جيئن ته اڳ ذڪر ڪري آيو آهيان ته سلهه جراثيمي مرض آهي انهيءَ ڪري سلهه پيدا نه ٿيندي صوف هڪ بهترين غذا آهي ويدن جو چوڻ آهي ته گردي جي سور واري کي صوف فائدو ڏي ٿو.
قول
ڊاڪٽر ديپ جانس جو چوڻ آهي ته صوف بادام کجور انگور ۾ فاسفورس گھڻو هوندو آهي انهيءَ ڪري دماغي ڪم ڪرڻ وارن جي لاءِ انتهائي مفيد آهي.
پروفيسر هيلس جو چوڻ آهي ته ڪمزور ۽ اڀرن ماڻهن کي ترو تازه ۽ ٿلهو ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي.
صوف جو سرڪو ويري ڪوز وينز ۾ مفيد آهي. هن مرض ۾ گھڻو ڪري ٽنگن جون نسون سڄي پونديون آهن. انهن تي ڪپڙي جون پٽيون پسائي ليپ ڪرڻ سان ڪافي فائدو ٿي ويندو آهي.
جديد ريسرچ
صوف جي رس دمه ۾ انتهائي مفيد آهي. جديد طبي تحقيق مطابق صوف جي رس جو هڪ گلاس ٻارن جي دم جي بيماري بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو، جڏهن ته وڏا ماڻهو روز هڪ صوف کائڻ سان فائدو محسوس ڪندا آهن. صوف ۾ هڪ خاص ڳالهه اها آهي ته ڦڦڙن مان بلغم خارج ڪرڻ ، ساهه جي نالين جي کولڻ ۽ ساهه کڻڻ ۾ فائدو ڪري ٿو. صوف جسم مان زهريلا مادا خارج ڪرڻ لاءِ انتهائي مفيد آهي. هي تحقيق امپيريل ڪاليج لنڊن جي شعبه نيشنل هارٽ اينڊ لنگو انسٽيٽيوٽ ۾ ٿي.
مجربات
صوف جي تازن گلن جون پتيون ٻيئي کنڊ ملائي 40 ڏينهن ڪاڙهي ۾ رکجي ٻي ٽي ڏينهن هلائو ضرور ڏجي.
مقدار و خوراڪ 10 گرام روزانو استعمال ڪرايو.
فائدا دل دماغ کي طاقت ڏي ٿو ضعف باه لاءِ مفيد آهي.
مرڪبات
جوارش عود شيرين ، خميره ابريشم حڪيم ارشد والا ، خميره مرواريد بنسخه ڪلان ، شربت صوف، مربه صوف
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: