• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

مئل کي جياريو اوهان اهڙا آهيو

مئل کي جياريو اوهان اهڙاآهيو
________________________

مئل کي جياريو اوهان اهڙا آهيو..
جيئڻ جي ڪا جنبش جٽادار آهيو
اوهان جي ئي دم سان دنيا هلي پئي...
اوهان جڳ جي جنسار ونهنوار آهيو
اوهان عشق آتش بره باه ٻاريو
اوهان ئي وري اندر کي به ٺاريو
اوهان جي حسن کان خيرات محبت
وٺڻ لئه چري دل اسان کي اٿاريو
چڪو چاهتن جو ڏيو يار ٻيلي
سڪ هن ۾ سرڪي وري ڪا پياريو
اوهان خوب صورت خيال منهنجا سائين
اوهان جي خيالن ۾ سڄو وقت گهاريو
اوهان جي محبت اسرار اهڙو
اڻتڻ انهيءَ ۾ روئي گذاريو
.
.
.
رسول بخش دائودپوٽه
 
Back
Top