• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حل ٿيل خوبصورت ڊيزائين ۾ شاعري ۽ اقوال ذرين ڪئين ٺاهجن؟

بختاور ٽالپر

سينيئر رڪن
سلام ادا
مون کي اقوال زرين ۽ شاعريون ڊيزائين ڪرڻ جا طريقا سمجهايو ان جو ڪو سائفٽويئر ٿيندو آهي يا ٺهيل ٺهڪيل ڪارڊ هوندا آهن جن مٿان اوهان لکڻيون لکندا آهيون ۽ ڪارڊ ۾ پنهنجي تصوير ڪئين لڳائبي آهي جيئن ڪو شاعر هوندو آهي پنهنجي غزل سان گڏ ڪجهه عنوان ۽ پنهنجي تصوير به ڊيزائين ڪندو آهي.......جيترو ممڪن ٿي سگهي منهنجي رهنمائي ڪندا ته اوهان جي مهرباني
 
ڀيڻ اهو سافٽويئر اڊاب ڦوٽوشاپ هوندو آهي.
پنهنجي شاعري ڊزائين ڪرڻ لا هيٺيون طريقو استعمال ڪريو.
  • اڊاب ڦوٽوشاپ جو سي.ايس 6 ورزن انسٽال ڪريو ۽ ان ۾ سنڌي اِن ايبل ڪريو.
  • گوگل تان خوبصورت بارڊر وارو هڪ بلينڪ (خالي) صفحو ڊائونلوڊ ڪريو.
  • پنهنجي شاعري لکو ۽ ان ۾ خوبصورت رنگ ڀريو.
  • شاعري کي ترتيب ڏئي شاعر جي تصوير ( يا خيالي تصوير) لڳائي ڊزائين کي خوبصورت بڻايو.

ڀيڻ اقوال زرين جي لا به ساڳيو ئي طريقو استعمال ڪري سگهو ٿيون. :)
 
سر ڪو اهڙو سافٽويئر جيڪو اينڊرائيڊ موبائل تي گائي مان ميوزڪ الڳ ڪري.

ادا ائنڊرائيڊ جي ته زبر ناهي پر ڪجهه ڏينهن اڳ سنڌسلامت تي اهڙو موضوع موڪليو ويو هو. توهان ڳولها ڪري وٺو ملي ويندو. :)
 
سلام ادا
مون کي اقوال زرين ۽ شاعريون ڊيزائين ڪرڻ جا طريقا سمجهايو ان جو ڪو سائفٽويئر ٿيندو آهي يا ٺهيل ٺهڪيل ڪارڊ هوندا آهن جن مٿان اوهان لکڻيون لکندا آهيون ۽ ڪارڊ ۾ پنهنجي تصوير ڪئين لڳائبي آهي جيئن ڪو شاعر هوندو آهي پنهنجي غزل سان گڏ ڪجهه عنوان ۽ پنهنجي تصوير به ڊيزائين ڪندو آهي.......جيترو ممڪن ٿي سگهي منهنجي رهنمائي ڪندا ته اوهان جي مهرباني
ادي بختاور ادا عبيد هڪ بهترين سافٽويئر جي باري ۾ ٻڌايو آهي پر مون کي اهو سافٽويئر سمجهه ۾ نه ايندو آهي ۽ آئون پنهنجون ڊيزائنون پاور پوائنٽ ۾ ٺاهيندو آهيان. باقي خوبصورت فريم گوگل تان سرچ ڪري سگهجن ٿا. هن پيج تي منهنجا ڪجهه ڊزائن آهن.
 
Back
Top