مدرسن جي سياست ۽ دهشت گردي – پنهل ساريو

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ جبار آزاد منگي طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2015۔

  1. جبار آزاد منگي

    جبار آزاد منگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 آڪٽوبر 2014
    تحريرون:
    392
    ورتل پسنديدگيون:
    1,111
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    صحافت
    ماڳ:
    نصيرآباد
    مدرسا بنيادي طور پنهنجي نظرئي جا شفاف پرچارڪ هوندا آهن، مدرسن ۾ شفاف تعليم پڙهائي ويندي آهي، تاريخ گواهه آهي ته سنڌ اندڙ مدرسن کان تعليمي اڀياس جي ابتدا ٿي هئي. اڄ به تاريخ جا ورق اٿلايون ٿا ته اسان کي ٺٽو نه صرف سنڌ جي گادي جو هنڌ پر مدرسن جي تعليم وسيلي علم جووڏو مرڪز نظر اچي ٿو. هي دور سنڌ ۾ مغلن، ترخانن، ارغونن جي ڪاهن جو دور هو، پر انهيءَ دور ۾ شاهه لطيف، شاهه عنايت، سچل سرمست، ۽ ٻيا صوفي بزرگ ملاگردي، ۽مذهبي انتهاپسندي تي زبردست تنقيد ڪندي نظر اچن ٿا. منهنجي نظر ۾ مدرسا ڪي اعتراض جوڳا ادارا ناهن، پر سوال آهي مدرسن ۾ پڙهائي ويندڙ تعليم جو. ڏنل تربيت ۽ اعليٰ اخلاقي قدرن جو ، جيڪڏهن پاڪستان اندر اسڪولن ۽ ڪاليجن ۾ مدي خارج ۽ دقيانوسي نصاب پڙهايو ويندو ۽ ڳريون فيسون رکي طبقاتي نظام تعليم کي هٿي ڏني ويندي ته يقينن غربت جي پاتال ۾ رهندڙ ماڻهون تعليم جو وسيلو مدرسن ۾ ڳوليندا ڇاڪاڻ ته مدرسن ۾ وري اجهي،لٽي ۽ اٽي جو انتظام هجي ٿو، پر مدرسن ۾ وري نصاب نه ديني هجي ٿو نه وري جديد علم سان نصبت رکندڙ آهي، بلڪه هتي مدرسن ۾ فرقيواريت جو مواد پڙهايو وڃي ٿو، جنهن ڪري نه فقط طالب اندر انتهاپسندي جا لاڙا طاقتور ٿين ٿا پر معاشري ۾ انتهاپسندي پنهنجون پاڙون پختيون ڪري ٿي.هتي ته اڃان به ڏکيا انڪشاف سامهون آيا آهن ته مدرسن کي سعودي عرب، قطر،ڪويت، ۽ ٻين اسلامي ملڪن کان وڏي انگ ۾ فنڊ ملن ٿا، نه رڳو مدرسا هلائڻ لاءِ پر مختلف مذاهب جي ماڻهن کي مسلمان ڪرڻ يا وري مسلمانن جي مختلف فرقن کي فنڊ ڏيندڙ ملڪن جي نظرين جو بڻائڻ لاءِ.

    تازو جي يو آءِ سنڌ ۾ بند ڪيل مدرسن جا تالا ٽوڙي سرگرمي شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي، اتر سنڌ جي سياسي ۽ معاشي حب سکر ۾ مدرسن ۾ ٿيندڙ آپريشن خلاف احتجاج ڪيو آهي ۽ غير رجسٽرڊ مدرسن کي هلائڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي، اسين سمجهون ٿا ته جئين طبقاتي طور تي هاري ۽ جاگيردار جا مفاد الڳ الڳ آهن تئين نظرياتي طور به تمام مڪتب فڪر جا مفاد جدا جدا آهن،

    سوال اهو ناهي ته دهشتگردي جي ڪنهن حمايت ڪئي ۽ ڪنهن مخالفت پر سڀ کان انتهائي اهم ءِ بنيادي سوال هي آهي ته ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري سانحي کان به اڳ ۾ راءِ ونڊ جي تبلغي اجتماع ۾ ڊاڪٽر خالد محمود سومري اسامه بن لادين جو پيغام پڙهيو هو پوءِ دنيا ڏٺو ته اسامه بن لادن وري ورلڊ ٽريڊ سينٽر واري سانحي جي ذميواري قبول ڪئي. نه فقط اهو پر القاعده لڳاتار پاڪستان، عراق، انڊيا، ايران، افغانستان، امريڪا، برطانيه، گلف جا ملڪ جتي به دهشتگردي ٿي اها هنن قبول ڪئي. القاعده هڪ اهڙو نيٽ ورڪ آهي جنهن ۾ پاڪستان سميت دنيا جون ديني ۽ مذهبي تنظيمون ۽ فورم شامل آهن. اڪثر پابندي پيل تنظيمين جو تعلق القاعده سان آهي.

    اچو ته پاڻ پاڪستان جي بنياد تي هڪ نظر وجهون، 11اگسٽ 1947 واري جناح صاحب واري تقرير ۽ 14 اگسٽ 1947 وارو پاڪستان ٻن الڳ ڌارائن ۾ نظر اچن ٿا، بعد ۾ 1940 واري قرارداد رد ڪري قرارداد مقاصد آندي وئي وري آمريڪا سان اتحاد جوڙي سويت يونين خلاف جهاد جو آغاز ڪيو ويو اهو ئي سبب آهي ته 1947 ۾ مجموعي مدرسن جو تعداد 189 هئو. ،جڏهن ته جنرل ضيا جي دور ۾ وڏي تيزي سان مدرسا وڌيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ 2002 ۾ رڳو 13000 هزار مدرسا غير رجسٽرڊ هئا، جن ۾ پڙهندڙ شاگردن جو تعداد 1.7 کان 1.9 ملين هئا ، انهي دور ۾ سويت يونين خلاف انهن مدرسن جو ڪردار افغان وار ۾ پڻ ڏٺو ويو، بعد ۾ جڏهن سويت يونين جو خاتمو ٿيو ته پوءِ طالبان حڪومت انهن مجاهدن کي پاڪستان جي اترين علائقن ڏانهن موڪلي ڇڏيو،

    واشنگٽن پوسٽ اهو انڪشاف ڪيو آهي ته پاڪستان ۾ 2001 کان پوءِ مدرسا ڏينهنون ڏينهن وڌيا آهن، جنهن ۾ شاگردن جو تعداد جولائي 2002 تائين 5 لک هو، جڏهن ته سنڌ حڪومت جي ڊيٽا موجب سنڌ مدرسا نيٽ ورڪ ۾ 12545مدرسا صرف سنڌ ۾ موجود آهن، جنهن مان 2161 مدرسا خطرناڪ فرقيواريت ۾ مشغول آهن، ان حساب سان ڪراچي، حيدرآباد ءِ سکر ۾ اهي مدرسا موجود آهن، ان کان علاوه سنڏ ۾ 8191 مدرسا ورلڊ ٽريڊ سينٽر جي سانحي کانپوءِ وجود ۾ آيا آهن. جڏهن ته اهڙن مدرسن ۾ 67سيڪڙو اهي شاگرد آهن جن وٽ سنڌ جو ڊوميسائل نه آهي، اهڙن مدرسن کي هلائندڙ ساڳين ديني جماعتن جا مولوي آهن جيڪي سنڌ لاءِ قومپرستي جي دعوا ڪن ٿا.

    انهي سروي موجب انهن مدرسن مان اٽڪل 6191 مدرسا ديوبند فرقي سان تعلق رکن ٿا، جڏهن ته 2811 مدرسا بريلوي، 412 الحديث ۽ 512 شعيه فرقي جا آهن.

    اهو هڪ اهم انڪشاف آهي ته ڪراڇي ۾ موجود مدرسن مان 813 اهڙا مدرسا آهن جنهن ۾ 74 سيڪڙو پڙهندڙ طالب انتهاپسندانه ڪارواين ۾ شامل آهن. مثال طور رڳو مفتي تيمور آفريدي جي مدرسي جامعيه اسلاميه مدرسا ڪراچي ۾ 381 طالبن جو تعلق اترين قبائلي علائقن سان آهي جيڪي دهشتگردي جي واقعن ۾ ملوث رهيا آهن، اهڙا ئي شاگرد طالبان جي نرسري جو ڪم ڏين ٿا.

    سنڌ جي گهرو وزارت طرفان اهڙي طرز جي 600 مدرسن کي خطرناڪ قرار ڏنو آهي، جنهن ۾ جهاد جي شدت کي وڌائڻ وارو مواد پڙهايو وڃي ٿو،

    ان کان علاوه وفاقي گهرو وزارت جو چوڻ آهي ته 2008ع کان هيل تائين سڄي ملڪ ۾ فرقيواراڻن حملن ۾ 2 هزار 90 ماڻهو مارجي ويا، جڏهن ته انهن حملن ۾ 173 جوابدارن کي سزا ملي. گهرو وزارت طرفان سينيٽ ۾ پيش ڪيل تحريري جواب ۾ چيو ويو آهي ته ماضي ۾ مدرسن کي اسلامي ملڪن پاران ملندڙ فنڊن جي نگراني جو ڪو به مرڪز نه هو پر موجوده حڪومت قومي سلامتي پاليسي ۾ ان ميڪنزم کي شامل ڪيو آهي. جنهن تحت اها خبر پئي آهي ته ملڪ ۾ ڪجهه مدرسا اسلامي ملڪن کان امداد وصول ڪري رهيا آهن. جن مان 15 کي اسٽيٽ بئنڪ ذريعي فنڊ فراهم ڪيا پيا وڃن. گهرو وزارت موجب فرقيوار حملن ۾ فاٽا ۾ 867، بلوچستان ۾ 737، سنڌ ۾ 252، پنجاب ۾ 104، گلگت بلتستان ۾ 103، خيبرپختونخواهه ۾ 22 ۽ اسلام آباد ۾ 5 ماڻهو مارجي ويا.

    دين جي مفڪرن کي اهو سوچڻو پوندو ته اهي مذهب ۽ مدرسي کي امن اخلاق ۽ آشتي جي درس سان جوڙين، مذهبن هميشه ڀائيچاري محبت ۽ پيار جو درس ڏنو آهي انڪري قانون هٿ ۾ کڻي غير رجسٽرڊ مدرسن جا تالا ٽوڙڻ وارو عمل سماج ۾ خانا جنگي جو سبب بڻجي سگهي ٿو. سنڌ اهڙين روايتن کي ڪڏهن به قبول نه ڪندي، انتهاپسندانه عمل هميشه نقصانڪار ثابت ٿيا آهن.انڪري اهو حڪومت تي ڇڏيو وڃي ته اها مدرسن جي نصاب جو تعين ڪري ۽ گڏوگڏ عالمي فنڊ کي نظر ۾ رکي رواداري جي تعليم ڏيندڙ مدرسن کي هلائڻ جوبندوبست ڪري. اسان جي علما ڪرام کي گهرجي ته امام بارگاهن، مسجدن، عبادتگاهن، مندرن،ڌرم شالائن تي ٿيندڙ حملن جي مذمت ڪري ۽ اهڙي عمل کي روڪڻ لاءِ اپاءِ وٺي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو