ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
ادا حاڪم علي کوکر صاحب السلام عليڪم، اسان سنڌ سلامت جا سمورا ساٿي پنهنجي دل جي گهرائين سان توهان کي ڀليڪار چئون ٿا۔ اميد ٿا ڪريون ته توهان جو ساٿ اسان سڀني لاءِ انتهائي خوشيءَ جو باعث ثابت ٿيندو۔منهنجو نالو حاڪم علي آهي هن وقت مان ايل ايل بي ڪري رهيو آهيان هن فورم متعلق مونکي منهنجي دوست سائين رحيم بخش ڄاڻ ڏني ڏسي بيحد خوشي ٿي اميد ته ساٿ ۾ رهي ڪري گهڻو ڪجهه سکبو ۽ ڪجهه سنگت سان شيئر به ڪبو ٻي ملاقات تائين خدا حافظ۔
سائين مان به پنهنجي ڀاء حاڪم علي کي ڀلي ڪار چوان ٿو سائين توهان دوستن کان آگاهي ڏيندو هلان ته سائين منهنجو تمام پيارو محبت وارو دوست آهي ڪافي معلومات رکندڙ خوش اخلاق شخصيت آهن کين کي مون پنهنجي فورم تي اڇڻ جي دعوت ڏني پاڻ قبول فرمايائون سندن مهرباني دوستن به سائين جن جو تمام پيارو استقبال ڪيو انهن پيارن جي به مهرباني اميد ته سائين جن هن فورم لاء بهترين ميمبر ثابت ٿيندا۔ ۽ کانئن اسان کي ڪافي ڪجهه سکڻ لاء ملندو۔
پيارا دوستو السلام عليڪم مان سڀني دوستن جو نهايت ٿورائتو آهيان جن تمام گهڻو مانُ ڏنو انشآء الله مان پهنجي تحريرن جو جلد آغاز ڪندس
جيئن ته ڪي بورڊ استعمال ڪرڻ ۾ ڪجهه ڏکيائي محسوس ٿي رهي آهي ليڪن انشآء الله جلدي سمجهه ۾ اچي ويندو ۽ پوء دوستن سان رهاڻيون جاري رهنديون۔ والسلام ۔