• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

فيسبوڪ پاران پاڪستان ۾ تمام جلد مفت انٽرنيٽ ڏيڻ جو اعلان

فاروق سومرو

سينيئر رڪن
facebook-internet-org.jpg
مشهور سوشل ويب سائيٽ فيسبوڪ هڪ وڏي انسان دوست پروجيڪٽ internet.org تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن پروجيڪٽ جي ذريعي فيسبوڪ دنيا جي تمام ملڪن کي مفت انٽرنيٽ فراهم ڪندو.
مفت انٽرنيٽ جو اهيو مطلب ناهي ته سڀ ڪجھ مفت هلي پر هن پروجيڪٽ ۾ صرف هي ويب سائيٽون مفت هلنديون.جنهن ۾ فيسبوڪ پڻ شامل آهي،
accuweather،bbc،wikipedia
پر ڪير جيڪڏهن چاهي ته هنن کان علاوه ٻي ڪا ويب سائيٽ کولڻ چاهي ته ان جا پئسا ادا ڪرڻ پوندا.ڇو جو فيسبوڪ صرف مٿي ڏنل ئي ويب سائيٽون سليڪٽ ڪيون آهن.

internet.org سروس ترقي يافته ملڪن ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي.جنهن ۾ ليٽن آمريڪا،آفريڪا پر هاڻي ضرورت وارن ملڪن ۾ به متعارف ڪرائي وئي آهي جيڪا تازو انڊيا ۾ متعارف ڪرائي وئي آهي ۽ ايندڙ هفتي ڪئنيدا ۽ آسٽريليا ۾ به متعارف ڪرائي ويندي
هن سروس کي هلائڻ لا internet.orgاپليڪيشن انسٽال ڪرڻ پوندي.

جڏهن فيسبوڪ وارن فيسبوڪ تي هي سروس ڀارت ۾ متعارف ڪرائي جي پوسٽ اپڊيٽ ڪئي هئي ته لاهور جو ويب ڊولپر عمران جاويد ان پوسٽ تي ريپلائي ڏيندي پچو ته هي سروس ڪڏهن پاڪستان ۾ ايندي ته فيسبوڪ جي باني هي جواب ڏنو
we are working on it
Zuck.jpg
 
Back
Top