سائين نذير ميمڻ صادق فقير جي المناڪ وڇوڙي تي اڃا سنڌ سڪتي ۾ هئي ته ڇنڇر تاريخ 28 فيبروري تي وري هڪ ڏک ڀري خبر آئي ته سنڌ جو سچو انجنيئر نذير احمد ميمڻ گذاري ويو. هو سنڌ جي حقن لاءِ مسلسل وڙهندو رهيو هو. جيڪو نڊر ۽ بهادر انسان هو. . سنڌ، هڪ باهمت ۽ عالم کان محروم ٿي وئي . ڌڻي در دعا آهي ته الله تعاليٰ کيس جنت ۾ جايون ڏئي ۽ سندس پونئيرن کي صبر عطا ڪري.