سدا حيات آرٽسٽ

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ خدابخش جويو طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2015۔

  1. خدابخش جويو

    خدابخش جويو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2015
    تحريرون:
    132
    ورتل پسنديدگيون:
    305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    183
    گل محمد کتري
    خدابخش جويو

    1975ع ۾ جڏهن سن گورنمينٽ هاءِ اسڪول جي ڇهين ڪلاس جو شاگرد هئس، ان وقت انگريزي تعليم سائين حاجي خان سوڍر جيڪو هڪ بهترين استاد هو پڙهائيندو هو، سندس انگريزيءَ ۾ صورتخطي ڏاڍي سهڻي هئي ۽ صورتخطي لکائڻ ۽ سيکارڻ ۽ گرامر تي پورو عبور رکندو هو، ايڏو ايماندار ۽ محنتي استاد ملڻ، اسان جي خوبختي هئي. ان وقت ڊرائنگ ۾ خصوصي دلچسپي رکندو هئس، سڄي هاءِ اسڪول ۾ صرف ٻه اهڙا شاگرد هئاسون، جيڪي ٻين سبجيڪٽن کان علاوه ڊرائنگ ۾ وڌيڪ دلچسپي رکندا هئاسون ۽ سڄي اسڪول ۾ ان سلسلي ۾ مشهور به رهياسون ۽ پذيرائي به وڏي پيماني تي پئي ٿي، انهن ٻن ڄڻن مان هڪ آئون ۽ ٻيو سيد جلال محمود شاهه هو.

    هڪ دفعي پينسل ورڪ ۾ سائين جي ايم سيد جي تصوير ٺاهيم، جڏهن ڪلاس روم ۾ سمورن شاگردن ۽ استادن ان تصوير کي ڏٺو ته وڏي تعريف ٿي هئي، ننڍپڻ ۾ اهو واقعو مون لاءِ خوشيءَ جو باعث هو، موڪل ملڻ کان پوءِ اها تصوير مون کان سيد جلال محمود شاهه گهري، سائين جي ايم سيد هن جو ڏاڏو هو.

    گرمين جا ڏينهن هئا، شام جو سيد جلال محمود شاهه رابطو ڪيو ۽ چيو ته اڄ رات سائين جي ايم سيد پنهنجي ڪچهريءَ ۾ توکي اچڻ لاءِ چيو آهي، مون حيرت کائيندي سوال ڪيو ته ڇو؟ چيائين مان جڏهن اسڪول مان گهر موٽندو آهيان ته سائين جي ايم سيد منهنجي ڪتابن کي ڏسندو آهي ته هوم ورڪ ڪهڙو مليو اٿس ۽ اڄ ان خيال کان جڏهن چيڪ ڪيائين ته ڪتابن سان گڏ رکيل اوهان جي هٿ جي ٺهيل تصوير ڏسي ورتائين ۽ ڏاڍو خوش ٿيو، مون کي سڏ ڪيائين ۽ پڇيائين ته هيءَ منهنجي تصوير تو ٺاهي آهي؟ مون سائينءَ کي ٻڌايو ته اها اوهان جي تصوير خدابخش ٺاهي آهي، تڏهن چيائين ته ان کي چئو ته هو رات جو منهنجي ڪچهريءَ ۾ اچي ۽ توهان به اچجو.

    تقريبن رات جو 8 وڳي مان سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ حاضر ٿيس، سائين جي ايم سيد زمين تي وڇايل قالين تي رکيل تئونري تي وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويٺل هو، هر روز سندس ڪچهريءَ ۾ شامل ٿيندڙ شخصيتون به ويٺل هيون، ان ڪچهريءَ ۾ سيد جلال محمود به ويٺل هو سلام ڪري مان سيد جلال محمود جي ڀر ۾ ويٺس.اسان جي شهر سن ۾ ان وقت لائيٽ ڪانه هوندي هئي گهٽين ۾ روشنيءَ جو انتظام يونين ڪائونسل طرفان شمع دانن ذريعي ڪيل هوندو هو، هر گهٽيءَ جي چوڪ تي شمع دان ماڻهوءَ جي قد کان مٿي ديوار ۾ نصب ٿيل هوندا هئا، جن ۾ روزانه يونين ڪائونسل جو ملازم ڪلهي تي ڏاڪڻ کڻي، هڪ هٿ ۾ گاسليٽ جو دٻو ۽ کيسن ۾ ٻارڻ واري وٽ ۽ ڪينچي آڻي هر چوڪ تي نصب ٿيل شمع دان وٽ ڏاڪڻ رکي پهرين وڏي آواز سان پاڙي اوڙي کي اطلاع ڏيندو هو ته ”بتيون ٿو ٻاريان“ سائين جي ايم سيد جي ڪچهريءَ ۾ ڪنهن به بتيءَ وغيره جي ضرورت نه هوندي هئي، ان جي باوجود سڀئي ويٺل هڪ ٻئي کي چٽيءَ طرح سان ڏسي سگهندا هئا، اڄ بجليءَ جي روشنيءَ کان ته مستفيض ٿي رهيا آهيون پر بجلي وڃڻ کان پوءِ ماڻهو هڪ ٻئي کي ڏسي نٿو سگهي ۽ اهو شاندار وقت به اسان کان کسجي ويو.

    ڪجهه منٽن کانپوءِ سائين جي ايم سيد سڀني کي متوجهه ڪندي پنهنجي لَڪڻ سان مون ڏانهن اشارو ڪندي چيو ”هن کي ڏسو، هن منهنجي عاليشان تصوير ٺاهي آهي، هن کي ۽ سيد جلال محمود کي ڊرائنگ جو تمام گهڻو شوق آهي، مون سوچيو آهي ته هنن ٻنهي کي هڪ استاد ڪري ڏيان جيڪو هنن کي وڌيڪ سيکاري“ ڪجهه گهڙين جي خاموشيءَ کان پوءِ وري سائين جي ايم سيد اسان سان مخاطب ٿيو،”اوهان ٻنهي کي هڪ اهڙو استاد ڪري ٿو ڏيان جيڪو سنڌ ۾ وڏي ۾ وڏو آرٽسٽ آهي، سندس نالو گل محمد کتري آهي، هو ڪراچيءَ ۾ رهندو آهي.“

    اهو چئي بس ڪيائين ته هڪ شخص نمودار ٿيو ۽ ايندي ايندي لطيف سائين جو شعر پڙهندو آيو، شايد سندس آواز کي سائين جي ايم سيد سڃاڻي ورتو ۽ اٿي بيٺو ته سڀئي شامل ڪچهريءَ ۾ مون سميت سڀئي اٿي بيٺاسين، ان شخص جي سلام نما لطيف سائين جي شعر جي جواب ۾ سائين جي ايم سيد به لطيف سائين جو بيت پڙهيو هو ۽ پوءِ وڏي اڪير ۽ محبت سان پاڻ ۾ ڀاڪر پائي مليا، کيس سائين پنهنجي ڀر ۾ ويهاريو ۽ کانئس حال احوال ورتا، ان شخص احوال ڏيندي چيو ته اڄ مان ڪراچيءَ کان اوهان وٽ اهو مقصد کڻي حاضر ٿيو آهيان جو مون کي رني ڪوٽ گهمڻو آهي ۽ منهنجي لاءِ اتي پهچڻ جو بندوبست ڪيو.

    سائين کيس چيو،”صبح جو اهڙو بندوبست ٿي ويندو.“ وڌيڪ سائين کيس چيو ته توهان جي اچڻ کان پهرين مون اوهان جو ذڪر پئي ڪيو، ”هيءَ ٻه نوجوان ڏسي ڇڏ، مون کين چيو آهي ته اوهان کي هڪ استاد ڪري ٿو ڏيان، جنهن جو نالو گل محمد کتري آهي ٺيڪ ٽائيم تي آيا آهيو، هنن ٻنهي شاگردن کي سيکار هنن کي ڊرائنگ جو تمام گهڻو شوق آهي،“ اهو ٻڌي اسان جي حيرت جي حد ئي نه رهي ته اهو ئي سنڌ جو مايه ناز ۽ وڏو آرٽسٽ گل محمد کتري آهي، اهو هڪ وڏو معجزو هو ته جنهن ماڻهوءَ جو ذڪر ٿيندو هجي ۽ اهو حاضر ٿي وڃي.

    سائين جي ايم سيد پنهنجي ماڻهوءَ کي چيو ته”وڃ سائين امير حيدر شاهه کي چئو ته منهنجو دوست گل محمد کتري ڪراچيءَ کان آيو آهي، کيس رني ڪوٽ گهمڻو آهي صبح جو جيپ ۾ کيس رني ڪوٽ جي گيٽ تائين پهچائي ۽ پليجن وٽ به وڃ ۽ کين چئو ته هينئر ئي ٻه ٽي اٺ ڪاهي رني ڪوٽ روانا ٿين.

    رني ڪوٽ جي گيٽ تائين مهمان کي سيد امير حيدر شاهه جيپ تي کڻي رسندو، اڳتي ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه ۽ چشمن تائين اٺن تي سفر ڪندا، اهڙيءَ طرح رني ڪوٽ جي سفر جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو، ساڻس گڏ وڃڻ لاءِ مون کي ۽ سيد جلال محمود شاهه کي به چيو ويو.صبح ٿي، سائين امير حيدر شاهه جي جيپ ۾ سوار ٿياسون.

    رني ڪوٽ سنڌ جو قديم ۽ تاريخي آثار ۽ اسان سنڌين جو ورثو آهي، جيڪو ثقافت، تمندن ۽ تهذيب جو ڏس ڏئي ٿو، سنڌ جي قديم ۽ تاريخي آثارن جي سار سنڀال ۽ تشهير جو ڪم ”آثار قديمه“ جي حوالي آهي، اها هڪ وڏي بي حسي آهي، جو سنڌ جي اهڙن ماڳن مڪانن جي اهو ادارو، جوڳي سنڀال ۽ ان متعلق معلومات ڏيڻ جو بندوبست نٿو ڪري، ويجهڙ ۾ جيڪي ثقافتي، تمندني ۽ تهذيبي سائيٽز کي انگريزي ۽ ٻين ڪن يورپي عالمن ڪوشش وٺي نکاري نروار ڪيو، پوءِ به انهن جي نگهداشت جو ڪوبه بندوبست نه پيو ٿئي! اهو سڀ ڪجهه ڇو؟

    حقيقت هن ريت آهي ته پاڪستان ۾ شامل ٿيندڙ تاريخي وطنن جو رضاڪارانه وفاق ۾ شامل ٿيڻ کان پوءِ آثار قديم جو محڪمو، مرڪزي حڪومت ۾ هئڻ ڪري، انصاف کان وانجهيل پاليسين جي ڪري اهو صرف ان معاملي ۾ گهڻي قدر صرف پنجاب تائين محدود ٿي ويو آهي.جيتوڻيڪ قومن جي فخر ڪرڻ جو بنياد، انهن تاريخي ماڳن ۽ ٻين ثقافتي اهڃاڻن ۾ هجي ٿو، انهن کان واقفيت قوم جي هر فرد جو پيدائشي حق هجي ٿو پر شروع کان وٺي رني ڪوٽ هڪ اهڙو انوکو ۽ وساريل ماڳ رهيوآهي، جيڪو جيتري اهميت جو حامل آهي، اوترو ان کي ظاهر نه ڪيو ويو آهي.

    رني ڪوٽ جي تاريخي، توڙي آرڪيالاجياڪل سائيٽ واري حوالي سان ڪا خاص ريسرچ به نه ٿي سگهي آهي، رني ڪوٽ جي ڪيترن ئي پهلوئن کي منظرعام تي نه آندو ويو آهي، اهو ئي سبب آهي جو رني ڪوٽ جي عظمت کان اڄ جو ماڻهو گهڻي قدراڻ واقف آهي، بهرحال اهو هڪ سوال آهي ته رني ڪوٽ ڪيڏو عظيم آهي؟ ان جي بيهڪ ڪهڙي ۽ اهو ٺهيل ڪيئن آهي؟

    اڳ ۾ رني ڪوٽ جي ”سن گيٽ“ تائين به ڏاڍو ڏکيائي سان وڃي سگهبو هو، سو به فور ويل جيپ جي ذريعي، رني ڪوٽ جي اندر، ميري ڪوٽ، شير ڳڙهه ۽ موهن گيٽ، آمري گيٽ (ٻڌيا موري) شاهه پر، پاڻي جي چشمن تائين رسڻ ۽ ڏسڻ لاءِ اٺن جو بندوبست ڪرڻو پوندو هو.

    سائين امير حيدر شاهه جيپ پاڻ هلائي رهيو هو، سخت گرمين جا ڏينهن هئا، فرنٽ سيٽ تي گل محمد کتري ويٺل هو، سيد جلال محمود، مان ۽ ٻيا ان سفر ۾ شامل هئاسون سن ريلوي اسٽيشن کان اولهه طرف لڪيءَ جي جبلن جي قطار تي اهو ڪوٽ اڏيل آهي، ڪچو رستو هو ۽ نئين سن جي ڪنڌي سان کڙٻڙ رستو، جيپ هلندي رهي، چؤطرف قدرت جا وڻندڙ نظارا هئا، مالوند ماڻهو ڪٿي ٻڪريون ته ڪي اٺ چاريندي به ڏٺاسون.رني ڪوٽ جي گيٽ وٽ اٺ ۽ انهن جا مالڪ اڳيئي انتظار ڪري رهيا هئا، گيٽ جي پهرين نظر ايندڙ برج وٽ ڇانو جي اوٽ ۾ سيد امير حيدر شاهه ويٺو ۽ اسان کي اٺن تي سوار ٿيڻو پيو، اٺن تي ڏاڍو سهڻي نموني ڪجاوا رکي نئينِ رَلين سان ٺاهي، سينگاري آندو ويو هو، هڪ اٺ تي گل محمد کتري سوار ٿيو، ٻئي اٺ تي سيد جلال محمود شاهه ۽ مان گڏ سوار ٿياسون، ٽئين اٺ تي حاجي خان کوسو (جيڪو باڊي گارڊ) ۽ هڪ ٻيو سوار ٿيو، رني ڪوٽ جي دروازي کان ميري ڪوٽ تائين اهو سفر ٿيو، جيڪو تقريبن 3 يا 4 ڪلوميٽرن جو فاصلو ٿيندو، جون جو مهينو هو، اُس ۽ تپش بيزار ڪري ڇڏيو، پر شوق ۽ چاهه اسان ۾ اهڙو جذبو پيدا ڪري ڇڏيو جو ميري ڪوٽ کان پوءِ بلند ترين پهاڙ جي چوٽي تي اڏيل قلعو، شير ڳڙهه تي پيادل چڙهي وياسون، اٺ ۽ انهن جا مالڪ ميري ڪوٽ وٽ ئي ترسيا.

    شير ڳڙهه کان مٿي واپس ميري ڪوٽ پهتاسون، بعد ۾ اولهه طرف موهن گيٽ ڏانهن اٺن تي روانا ٿياسون جتي پاڻيءَ جا قدرتي چشما آهن، ان سموري سفر دوران گل محمد کتري رنگ برنگي پٿر به گڏ ڪندو رهيو، جيتوڻيڪ ڪجهه پنڌ ۽ ڪجهه سواري هجڻ باجود گرميءَ سڀني کي بي حال ڪري ڇڏيو هو.

    واپسيءَ تي پاڻي جي چشمن ۽ ميري ڪوٽ جي پنڌ تي هڪ اوچي پهاڙ جي چوٽيءَ تي هڪ وڻ جو ٻوٽو نظر آيو ۽ تفريح خاطر ان کي نشان ڪرڻ خاطر سڀني جي گڏيل راءِ جڙي، حاجي خان کوسي پنهنجي رائيفل لوڊ ڪري سڀني کي واري واري سان نشانو چٽڻ لاءِ رائيفل ڏني، ڪنهن جو به نشانو نه لڳو آخر ۾ جڏهن گل محمد کتريءَ کي نشاني ڪرڻ لاءِ چيو ويو ته چيائين،”مون ڪڏهن به هٿيار نه هلايو آهي ۽ مان به گسي ويندس.“ زور ڀرڻ تي هن به نشانو چٽيو، واهه نشانو اهڙو جو جبل جي چوٽيءَ تي اهو ٻوٽو ئي پٽجي ويو.

    واپسيءَ تي جڏهن سن گيٽ وٽ پهتاسين جتي سائين امير حيدر شاهه سڀني جي انتظار ۾ ويٺل هو، ان وقت اٺن تان لهندي گل محمد کتري رڙ ڪندي سائين امير کي چيو ته ”اڄ هن رن جي ڪوٽ اسان کي به رن بنائي ڇڏيو آهي.“واپسيءَ تي گل محمد کتري سڀ کان پهرين رني ڪوٽ مان آندل رنگين پٿرن کي ڀڃي ڀوري پاڻي ملائي مختلف رنگ ۾ واٽر ڪلر ٺاهيا ۽ اسان کي ڊرائنگ سيکارڻ دوران اهي رنگ استعمال ڪيا.

    گل محمد کتري نه صرف ڪمال جو پر سدا حيات آرٽسٽ هو، هٿ ۾ اڇي ڪلر جي شيٽ جا ٽڪر هٿ ۾ هوندا هئس ۽ جنهن سان ڪچهري پيو ڪندو هو، ان وقت انهن شيٽن تي آڱوٺي جو ننهن پيو ڦيرائيندو هو، ٻه منٽ به وڏا هوندا هئا ته سامهون ويٺل کي اها شيٽ ڏيندو هو، جنهن تي ان جي تصوير امبوز (اُڀريل) هوندي هئي.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو