• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

حضرت ٻڍل فقير صوفي القادري رحه

عبدالعزيز لغاري

سينيئر رڪن
حضرت ٻڍل فقير رحه تقريباً1865ع ۾ شڪارپور جي هڪ ڳوٺ بخشي انڙ ۾ پيدا ٿيا. پاڻ ننڍپڻ کان وٺي مست خيال هئا.پاڻ قادري سلسلي ۾ حضرت پير سد حزب الله شاه پير پاڳاري جا طالب ٿيا.سندس همعصر بزرگن ۾ سيد رکيل شاه فتحپور بلوچستان وارو ۽ مولانا عبدالغفور همايوني رحه شامل آھن .پاڻ12آڪٽوبر 1939ع بمطابق 27 شعبان 1358ه ۾ هن فاني جهان مان وصال فرمايائون. سندس ڪلام جو رسالو “ديوان ٻڍل“ ۽ “ٻڍل فقير“ جي نالي ڇپجي چڪو آهي . سندس ڪلام اهل دل ۽ سلوڪ جي پانڌيئڙن لاءِ راه هدايت آھي.
16679413421_0450e10de3_o.jpg
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top