• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

دهشت گرد ڪير ...انسانيت جو ويري ڪير

اهو ملڪ اهي ماڻهو جن هن دنيا ۾ بارود جاڍير گڏ ڪيا آهن نت نوان جدتي هٿيار پيو جوڙي ۽ هن سنسار جي ماڻهن کي بک بدحالي پيو ڏي اهو ئي ماڻهو وري چالاڪي ڪندي انسانيت جي ڳاله به ڪري ٿو ۽ ان جو سبب ڏيئي ملڪن تي حملا به ڪري ٿو ...واه تنهنجي انسانيت واه تنهنجي چالاڪي ....بي سبب کربين روپيا خلا جي دونهي ۾ دز ڪري وئي کربين روپين منجهان هي بم بارود ...ائٽم بم ٺاهي ڪهڙو انسانيت کي سک سندو مستقبل پيو ڏين ...جي هي پيسا، اها معيشت بک ختم ڪرڻ تي صرف ڪجي ها ته هوند هن دنيا ۾ آفريڪا ۽ ٻين ترقي پذير ملڪن ۾ ههڙا بک سندا آثار نظر نه اچن ها ...وري چالاڪي ڪندي مسلمانن کي پيو تباه ڪري ۽ دهشت گرد پيو سڏيو وڃي جن وٽ ڪا ٽيڪنالاجي نه آهي هٿيارن ٺاهڻ جي نه ترڪيبون آهن جديد طرز سان جنگن جون ۽ نه هنن وٽ ڪي اٽم بم آهن ته پو هي تماشو بند ٿيڻ گهرجي ....گهڻو انسانت کي لڄائي ورتو اٿو هاڻي توهان جو ڪوڙ ظاهر ٿي پيو آ .....
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top