گلا جو گهانگهو بڻيو هار!

'مختلف موضوع' فورم ۾ منصور سرور طرفان آندل موضوعَ ‏1 مارچ 2015۔

  1. منصور سرور

    منصور سرور
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏22 مارچ 2014
    تحريرون:
    1,412
    ورتل پسنديدگيون:
    3,245
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    323
    ڌنڌو:
    مارڪيٽنگ مينيجر ليدر گارمنٽس
    ماڳ:
    ڪراچي، سنڌ
    گلا جو گهانگهو بڻيو هار! اڪثر ڪري چيو ويندو آهي ته فلاڻي ماڻهوءَ جو اسڪينڊل ظاهر ٿيو آهي انگريزي زبان جي ان لفظ جي سنڌي معنيٰ بدنامي، خواري ۽ گلا ٿئي ٿي، سو جنهن لاءِ اهي لفظ استعمال ٿيندا هئا ته اهو ڏاڍو لڄي ٿيندو هيو ته سندس معاشري ۾ بدنامي ٿي رهي آهي. پر اڄ جي دور ۾ اهو احساس ئي نه رهيو آهي، جو ڪنهن جي گلا ٿئي ۽ هو ان تي شرمسار به ٿئي، اڃان به سينو تاڻي وڏي واڪي چوي ٿو ته ڇا ٿيو سڀئي ماڻهو ائين ڪندا ٿا رهن آئون هڪڙو ته نه آهيان. اڳي گهڻو ڪري فلمي ايڪٽرن جي لاءِ اسڪينڊل جو لفظ گهڻو مشهور ٿيندو هيو، پر هاڻي هي لفظ عوام جي خدمت ڪندڙ سياستدانن لاءِ گهڻو استعمال ٿي رهيو آهي، ڪڏهن يحيٰ خان جو هڪ عورت سان اهڙو اسڪينڊل هليو ۽ ان عورت کي جنرل راڻي جو نالو ماڻهن ڏنو، يحيٰ خان کان پوءِ ايندڙ حاڪم جو پڻ حسنا شيخ نالي معاشقو مشهور ٿيو، ميان شهباز شريف جا شوق به اخبارن جي زينت بڻيا، ته ڪڏهن ميڏي سائين ملڪ غلام مصطفيٰ کر جون مستيون به ڪتابن ۾ لکيون ويون، ۽ انصاف جي لاءِ تحريڪ هلائيندڙ عمران خان به سيتا وائيٽ نالي سونهن راڻي سان ڪجهه وقت لاءِ دل ونڍرائيندو رهيو ته هاڻي هڪ سياستدان جي لڪ ڇپ واري شادي تي به ميڊيا ۾ تبصرا هلي رهيا آهن. اڃا هڪ ٻيو اسڪينڊل به ياد ٿو اچيم ته ميان نواز شريف جي گذريل دور حڪومت ۾ راولپنڊيءَ ۾ هڪ حُسن گهر تي پوليس ڇاپو هنيو، جتان هڪ آنٽي صاحبه کي پڪڙي ٿاڻي تي آندو ويو، مٿس الزام لڳو ته هوءَ فحاشي کي ڦهلائي رهي آهي، عورت به ڪا پڪي استاد جي پڙهايل هئي هن چيو ته آئون برابر اهو ڪم ڪيان ٿي، مون کي ايترو ڪمزور به نه سمجهيو منهن جا مددگار خالي هٿن وارا نه پر ڀريل بندوقن وارا آهن. مون وٽ معاشري ۾ بدنام بڻيل گنهگار نه ايندا آهن بلڪه پاڪباز عوامي خدمتگار سڏجندڙ سياستدان ۽ ٻين شعبن جا معتبر ماڻهو منهنجي دوڪان تان خريداري ڪندڙ آهن، جن ۾ ڪجهه هميشه باوضو رهندڙ بزرگ ۽ ورد وظيفن وارا ڀلارا به شامل هوندا آهن ۽ مون وٽ انهن سڀني جون خفيا ڪئمرائن ذريعي فلمون به ٺاهيل آهن، جيڪڏهن منهن جي مٿان ڪيس داخل ڪيو ٿا ۽ آزاد نه ٿا ڪيو ته پوءِ آئون به سڀني پردانشينن جي منهن تان نقاب لاهي عوام آڏو سندن صورت آڻينديس. آنٽي صاحبه جي ان ڌمڪيءَ اسلام آباد جي اقتدار ڌڻين کي زلزلي جي خوفناڪ جهٽڪن جيان لوڏي وڌو ۽ مائيءَ کي باعزت بري ڪيو ويو، اهي ته هئا پيار ڪهاڻين جا پڌرناما، ان کان علاوه هتي مالياتي اسڪينڊل به گهڻا مشهور ٿيا جن ۾ مهراڻ بينڪ جي يونس حبيب جو سامهون آيو ته هن قوم جو پئسو سياسي ماڻهن ۾ ريوڙين جيان ورهائي ڇڏيو آهي، جن ۾ به گهڻائي عزت ماب اڳواڻن جي هٽي، جن روئندي چيو هيو ته هو ڇا ڪري کيس ڪنهن ڇتي ڪتي ته ڪونه کاڌو هيو جو پاڻمرادو حاتم طائي بڻجي ويو هيس، پر مون مٿان گهڻن ئي طاقتور قوتن جو دٻاءُ هيو ۽ ڪيترائي پاڳل جانور مون کي پٽيندا رهيا هئا ۽ چيائين ته مهراڻ بينڪ کي طوائف جيان لٽيو ويو هيو، مون کي سندس اهو مثال به سهي ڪين ٿو لڳي ڇو جو طوائف ته پاڻ ٻين کي لٽيندي رهندي آهي ۽ اهو الزام ته کيس لٽيندڙن مٿان عائد ٿئي ٿو نه ته طوائف جا به ڪي چڱا اصول به ڏسڻ ۾ ايندا آهن جو هوءَ به ڪڏهن نه ڪڏهن ڪجهه قربان به ڪندي آهي، ڪنهن کي دل ڏيئي ويهندي آهي ته ڪڏهن ٻين مٿان به مال دولت گهوريندي آهي. پر هنن سياستدانن ڏيڻ ۽ وڃائڻ سکيو ئي ناهي. صرف ڦرڻ ۾ وڏا فنڪار آهن، هنن محبتون ماڻهن ۾ ته ورهائيون ئي نه آهن. ۽ يونس حبيب ڪافي ماڻهن جا نالا ٻڌايا ۽ چيائين ته هي ته صرف ٽريلر آهي اڃا ته فلم گهڻي پوئتي پئي آهي، جيڪڏهن اها اسڪرين تي آندي ويئي ته گهڻا راز کلي پوندا ان ڌمڪيءَ ڪري ڪيس کي فائيل ڪيو ويو، گذريل دور جي چيف جسٽس افتخار چوڌريءَ ان کي ڇنڊي ڦوڪي ٻاهر ته آندو پر هوبه وڏن ماڻهن منجهه هٿ وجهڻ جي همت نه ڪري سگهيو. اڄ وري ذوالفقار مرزا صاحب لاءِ چيو ٿو وڃي ته مٿس چريائپ جا دورا پئجي رهيا آهن، جنهن پڻ نوان اسڪينڊل نروار ڪيا آهن ته رئيس وڏو سترنهن شوگرملن جو مالڪ ڪيئن بڻيو ۽ سنڌ بينڪ جو خزانو ڪنهن کي ڏنو ويو ۽ سنڌ حڪومت جي ٽوٽل ڪابينا ۽ ڪامورا ڪرپشن جي ڌنڌي ۾ هڪٻئي جا ڪيئن ڀائيوار آهن ۽ مرزا صاحب به چيو آهي ته هن صرف ٽريلر ڏيکاريو آهي جلد ئي مڪمل فلم ميڊيا تي هلائيندو، جنهن لاءِ سندس پراڻي سنگت فرمائي ٿي ته هي نارمل ذهن وارو نه آهي نارمل هجي ها ته اهڙيون چريائپ جون ڳالهيون نه ڪري ها، سياڻا ماڻهو حصي پتي مان ڀاڱو گهرندا آهن ۽ هن کي به ماضيءَ ۾ گهڻو ئي حصو ملي چڪو آهي. هاڻي نون پارٽرن کي نوازڻو آهي ان ڪري انور مجيد، رحمان ملڪ ۽ ملڪ رياض سان کيس ريس ڪرڻ نه گهرجي. سو اسين عوام ته ڪنهن قطار ۾ ئي نه آهيون، اسان جو ته پنڊيءَ تي نالو به ناهي جو ڪنهن کان پڇا ڪريون ته بابا هي ڦرلٽ عوام جي پئسي جي ڇو ٿي ڪئي وڃي ؟ اوهان ته عوام جي خوشحالي جو منشور کڻي آيا هئا پوءِ هي ٺڳيون ڇو ٿيون ٿين ؟ پر ڇا ڪجهه جو هتي ڪوبه ٻڌڻ وارو نه آهي فرياد جو داد ڪندڙ ڪير به نه آهي جو انصاف ڏيندڙ پڻ سندن پگهاردار آهن، پڇاڻو ڪندڙ ادارا پاڻ پڇاڻي ۾ اچي ويٺا آهن، جيڪو به سندن حڪم جو انڪار ٿو ڪري ته کيس هٽايو ٿو وڃي يا جبري موڪل يا ڏورانهين علائقن ڏانهن بدليءَ جا آرڊر کيس هٿ ۾ ڏنا ٿا وڃن ۽ گلا جي گهانگهي کي ڳلي جو هار سمجهي پاتو ٿو وڃي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو