• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

بايو ميٽرڪس

امير عدنان

سينيئر رڪن
پاڪستان ۾ موبائيل سمز کي شناخت ڏيڻ لا بايو ميٽرڪس تصديق جاري آهي. بايو جي جئين معني جان يا جاندار آهي ۽ ميٽرڪس ميئرمينٽ مان ورتل آهي معني جسم جي ڪنهن به حصي جي جاچ يا تصديق پرهن عمل ۾ جسم جي تصديق صرف هٿن جي لڪيرن ذريعي ٿي رهي آهي.دهشتگردي جي گذريل واقعن ۾ نامعلوم سمن جي استعمال کان پو وزارت داخله جو هي کنيل قدم جتي ماڻهن ۾ سمن جي بند ٿيڻ جي خدشي جي ڪري پريشاني پيدا ڪئي آهي اتي فرنچائيز  موبائيل لوڊ شاپس هن عمل سان راتورات لک بڻايا آهن. پنهنجي سم جي بايو ميٽرڪس تصديق کان پهريان تصديق ڪيو ته توهان جي سم جي پهريان يا خريد ڪرڻ وقت تصديق ٿيل ته ناهي اگر ٿيل آهي ته ٻيهر تصديق جي ضرورت ناهي ۽ ائين تصديق ڪرڻ سان توهان دڪاندارن هٿان فرجڻ کان به بچي ويندئو. ان لا موبائيل ڪمپنيون ٽي وي تي ڪوڊ ڏئي رهيون آهن جيڪي پڻ هتي ڏجن ٿا:
موبلنڪ: شناختي ڪارڊ جو نمبر6001 کي موڪليو
وارد: شناختي ڪارڊ جو نمبر 789 کي موڪليو
ٽيلينار:موبائيل جو نمبر 7751 کي موڪليو
يوفون: *336*1# ملايو
زونگ: *6622# ملايو
 
انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم:
Back
Top