ادا مان پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪيان۔ مان ڪيان ته اٿو پر اهي صرف هڪ منٽ ٿو ٿئي۔ اهو ڇو۔؟ اميد ته توهان ڀائر مون غريب جي مدد ڪندا۔ جهولي لال
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ مون وٽ به هڪ منٽ ئي ايندو آهي مان سمجهان ٿو ته ونڊو ۾ اهو ئي سيٽ اپ رکيل آهي پر ٻيا سافٽ ضرور هوندا وڌيڪ رڪارڊ لاء
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ ادا توهان وٽ جيٽ آڊيو سافٽ وئير لڳل هوندو ان ذريعي توهان ان لميٽيڊ سائونڊ رڪارد ڪري سگهوٿا۔ ان ۾ مٿي آپشنن ۾ هڪ ڪيسٽ جو نشان آهي ان کي ڪلڪ ڪندا ته هيٽ مينيو ۾ هڪ ڳاڙهو بٽڻ ظاهر ٿيندو ان کي ڪلڪ ڪري پوء مائيڪ جي سيٽنگ ايندي مائيڪ سيٽ ڪري پوء رڪارڊنگ شروع ڪريو۔ اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ ادا هي وٺو اميد ته توهان جو مسئلو حل ٿي ويندو۔۔۔۔۔ هن ويبسائيٽ تي وڃي ڊائنلوڊ کي دٻايو... ڊائنلوڊ
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ ادا رنجيت توهان جي مهرباني جو اوهان ادا عاشق جي مسئلو جو حل پيشڪيو۔ اميد ته ٻئي ڪنهن دوست کي به ضرورت هوندي ته ان مان فائدو حاصل ڪندو۔
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ ادا طاهر مان وڏي ڪوشش ڪان پوئي هان جڏي فڏي سنڌي لکڻ سکي آهي، پر انجا ايتري اسپيڊ ناهي
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ بس ڙي ابا۔۔۔ مڙئي ڪوشش ڪئي۔۔۔ ان بهاني مان به سافٽويئر ڊائنلوڊ ڪري ورتو۔۔۔۔ چاچي جيٽ آڊيو کي استمعال ڪري گهٽ ۾ گهٽ3 سال تي چڪا آهن۔۔۔۔ وري هاڻي ان جي شڪل ڏٺي آهي۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ هائو ادا رنجيت باقي سافٽ تمام بهترين آهي هاڻي ته ڪافي اپڊيٽ به ٿي ويو آهي ۽ ڪافي فارميٽ واريون فائلون پڻ هلائي پيو
جواب: ڪمپيوٽر ۾ آواز ڪيئن رڪارڊ ڪجي۔؟ ها ادي سمجهان پيو پريڪٽس جاري رکو ۽ ان شاء الله اهو ڏينهن پري نه آهي جڏهن اوهان پنهنجي مٺڙي سنڌي آساني سان ڪمپوز ڪري سگهنديون