• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

هي سنڌ سدا توکي ساريندي رهندي،

Kamran Ali Channa

سينيئر رڪن
هو هالار جهڙو شخص اڄ خاموش آهي،
جنهن جو آواز هماليه جهڙن پهاڙن کي،
پرزا پرزا ڪري ڇڏيندو هو،
جنهن جي للڪار سمونڊ جي ڇولين جيان،
دشمن لئه ڏهڪاء بڻجي ويندي هئي،
اڄ اهو شخص هڪ عظيم تاريخ بڻجي،
مٽي ماء جي هنج ۾،
هميشه لاء آرامي آهي،
وڏا سائين ! تنهنجي وڇوڙي جو سوڳ،
فقط چاليھ ڏينهن ۾ پورو ٿيڻو ناهي،
سموري سنڌ جي دلين ۾ اڄ به،
ماتم ڀرپا آهي،
هي سنڌ سدا توکي ساريندي رهندي،
هي سنڌ سدا توکي ساريندي رهندي۔۔۔۔۔۔۔۔
 
Back
Top