نذير احمد لغاري
سينيئر رڪن
اڄڪلھ پاڪستان جي ٽيم مظلوم تين ٽيم بڻجي چڪي آهي ۽ جنهن کي جيڪو به سمجه ۾ ٿو اچي اهو ائين جو ائين انهن جي باري ۾ پنهنجي اندر جي باھ ڪڍيو ڇڏي، ٽيم به ڪافي برداشت ڪندي رهي جو انهن جا ڪرتوت به اهڙا آهن پر ڪالھ هڪ ڪمزور ٽيم کان روئي روئي کٽڻ کانپوءِ يقينن ڪجه سک جو ساھ کنيو هوندن پر وري اڳيو مقابلو سخت اٿن ڏسون ته ڪهڙا ٿا ڦڙها مارين. ٽيم ۾ موجود پوڙهن کي ته پڪ ٿي ويئي آهي ته اهي گهر ڀيڙا ٿيندا باقي نوان ويچارا اهي ڪجه وقت ذلت برداشت ڪندا پوءِ پڪا ٿي ويندا.